Monday, July 7, 2014

Profile of Dhol Faqeer

Dhol Faqeer
صوفياڻي گائيڪيءَ ۾ هن تر جو هڪ اهڙو به آواز آهي، جنهن کي تاريخون ڪڏهن به ميساري نه ٿيون سگهن. انبن جي رس ۽ چڪن جي ميٺاج جهڙو ڍول فقير جو آواز پنهنجي انفراديت ۾ نرالو آهي، سنڌ جي الستي صوفي راڳي ڍول فقير 1917ع ڌاري ٽنڊي الهيار جي هڪ وسندي ’پاٽوين‘ ۾ فقير محمد خاصخيليءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. (ڪجھه لکتن ۾سندس ڳوٺ جو نالو ’ماٽوئي‘ ڄاڻايل آهي.) مٿس ڇٺيءَ جو نالو ’ڍولڻ‘ رکيو ويو. ڍول فقير اهڙي ماحول ۾ اکيون کوليون،جتي سنڌي راڳ جي اوائلي صنف نڙ بيت جا آلاپ اڳواٽ ئي گونجي رهيا هئا. سندس والد فقير محمد ۽ سندس ڀاءُ صالح محمد پنهنجي دؤر ۾ نڙ تي بيت آلاپيندا هئا. سندس ننڍپڻ هر قسم جي نصابي پابنديءَ کان بي نياز گذريو، جنهنڪري هو اسڪولن جي اسيريءَ کان آجو، صوفي درگاهن ۽ اوتارن تي آزاديءَ سان ايندو ويندو هو، جتي سندس ملاقات سنڌ جي هاڪاري صوفي درويش منٺار فقير راڄڙ سان ٿي، جنهن سبب ٻالڪپڻ ۾ ئي مٿس فقيري رنگ چڙهڻ لڳو. صوفي منٺار فقير راڄڙ جي آستاني تي انهن ڏينهن ۾ فقير بخش علي راڳ ويراڳ ڳائيندو هو، جنهن کي ڏسي ۽ ٻڌي ڍول فقير کي به راڳ ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو. ڍول فقير جڏهن ٻاراڻي وهيءَ کان جوانيءَ طرف وکون وڌايون ۽ کيس راڳ جي سوچ، سمجھه ۽ سرت اچڻ لڳي ته هن راڳ جي باقاعده سکيا وٺڻ ضروري عمل سمجھيو. انڪري هن راڳ جي بنيادي سکيا لاءِ ضلعي سانگھڙ جي ڳوٺ مري کاهيءَ ۾ استاد حاجي اسماعيل کان يڪتاري وڄائڻ جي سکيا ورتي، جنهن بعد باقاعده راڳ جي سکيا منٺار فقير راڄڙ جي فرزند فقير ولي بخش کان ورتائين. واضع رهي ته ڍول فقير ۽ فقير ولي بخش استاد ۽ شاگرد هجڻ باوجود به هم عمر ۽ هڪ ٻئي جا ساٿي رهيا آهن. اڳتي هلي ڍول فقير پنهنجو ڳوٺ ڇڏي مستقل طور ٽنڊي الهيار ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو، جتي معاشي گذر سفر لاءِ هڪ هوٽل پڻ کوليائين. ڍول فقير ورهاڱي کان ستت پوءِ پنهنجي مرشد مخدوم محمد زمان طالب المولى جي معرفت سان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي متعارف ٿيو، جتي سندس آواز ۾ پهريون ڪلام ’اهڙيون حسن واريون تکڙيون تراريون‘ ريڪارڊ ڪيو ويو، جنهن بعد پروڊيوسر محمد بخش انصاريءَ سندس آواز کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ريڪارڊ ڪيو ۽ اهڙي طرح سندس آواز ريڊيائي لهرن وسيلي، هوائن جي دوش تي، پوري سنڌ جي ريڊيو اسٽيشنز سميت آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس تان به پوري دنيا ۾ گونجڻ لڳو، جڏهن ته پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي کيس پهريون ڀيرو پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. ڍول فقير سنڌ جو اهو سريلو، سٻاجھو، مٺڙو ۽ محبوب صوفي راڳي هو، جنهن سنڌي موسيقيءَ ۾ ڪافيءَ جي گائيڪيءَ سان گڏ داستان گوئيءَ جي فن کي به جلا بخشي. پاڻ پنهنجي منفرد ۽ سريلي انداز سان وچ ڪافيءَ ۾ کن پل لاءِ رڌم بند ڪري، داستان بيان ڪرڻ ۾ مهارت رکندو هو. سندس اهڙي انداز کي ’سدا رنگي‘ انداز پڻ سڏيو وڃي ٿو. ڍول فقير شاهه سائين، سچل سرمست، مصري شاهه، محمود فقير کٽيان، نواب ولي محمد لغاري ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳايو، هو مخدوم محمد زمان طالب المولى ۽ منٺار فقير راڄڙ جو عقيدتمند هجڻ ڪري سندن شاعري دل و جان سان ڳائيندو هو. سندس آواز ۾ ڳايل مشهور ڪلامن ۾ ’لائي ته نماڻيءَ سان نينهن‘، ’سور انهيءَ ساڙي، هو جي هليا ويا‘، ’عمر مون نه ٿا وسرن ويڙهيچن جا واڙا‘، ’هڪڙي ڳالهه چوان من ڪا محب مڃي‘ بيحد مشهور ٿيا. ڍول فقير کي سندس فن جي عيوض 23 مارچ 1989ع تي حڪومت پاڪستان طرفان صدارتي ايوارڊ برائي حسن ڪارڪردگي پاڪستان جي اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان جي هٿارائون ڏنو ويو، ان کانسواءِ کيس لطيف ايوارڊ ۽ ٻيا به کوڙ سارا ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. ڍول 22 جون 1992ع وفات ڪئي. سندس مزار ٽنڊي الهيار ۾ آهي. سندس فرزند فقير محمد ’ڍول فقير فائونڊيشن‘ نالي ادارو قائم ڪري اشاعت جو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هو پاڻ به والد جا ڪيترا ڪلام سُريلي آواز ۾ ڳائيندو آهي ـ

No comments:

Post a Comment