Saturday, October 7, 2017

Profile of Bherumal Meharchand Adwani

ڀيرو مل، جيڪو سنڌ ۾ عام طور تي ڪاڪو ڀيرو مل جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ سنڌ جي چوٽي جي اديبن مان هڪ هو، سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر، روايات ۽ زبان بابت کوجنا ڪري هن سنڌي ادب ۾ جهجهي مقدار ۾ واڌارو ڪيو، ڀيرو مل حيدرآباد جي عامل پاڙي جي مشهور آڏواڻي ڪٽنب مان هو، هن جو ڏاڏو ديوان مختيارڪار ٿي رهيو هو، سندس والد منشي مهرچند سيٽلمينٽ کاتي ۾ هيڊ منشي هو، انگريز عمدارن چڳي نوڪري ڪرڻ تي 5 سئو ايڪڙ زمين بان مالڪاڻي جي ڏئي ڇڏي، ڀيرو مل 1875ع ڌاري جنم ورتو، هن پنهنجي بنيادي تعليم مڪاني اسڪول ۾ ورتي، انگريزي به حيدرآباد ۾ پڙهيائين، 1895ع ۾ ويهن سالن جي ڄمار ۾ ڀيرو مل سالٽ ۽ ايڪسائيز کاتي ۾ 25 رپين جي پگهار تي نوڪري ۾ گهڙيو، 1924ع ۾ سنڌي ليڪچرار مقرر ٿيو، 1937ع تائين انهي شعبي سان لاڳاپيل رهيو، هن ايڪسائيز کاتي ۾ 28 سال ۽ ڪاليج ۾ 3 سال نوڪري ڪئي، انهن 41 سالن جي عرصي ۾ هن 45 ڪتاب تصنيف ڪيا، 1905ع کان وٺي سنڌي درسي ڪتابن ۾ اٽڪل سئو کن سبق هن جا لکيل آهن، جن ۾ مون کي ڪنهن تي کير پيارو، اجهو اسوءَ جو مهينو آيو لاباري جو ڪريو سعيو، وقت چوي ٿو مان بادشاھ ۽ ٻيا شامل آهن، برصغير جي ورهاڱي بعد ڀيرومل سنڌ ڇڏي هند روانو ٿي ويو، وڃڻ کان اڳ ٿورو وقت ڪراچي ۾ رهيو پر گذر جي تنگي سبب 1949ع ۾ بمبئي روانو ٿي ويو، 3 جولاءِ 1950ع تي پوني ۾ رستي هلندي ڌڪ لڳڻ سبب هن جي پٺي جو ڪنڊو ڀڄي پيو ۽ 7 جولاءِ 1950ع تي وفات ڪري ويو، کيس هڪ فرزند ۽ ٽن ڌيئرن جو اولاد ٿيو، سرزمين سنڌ هڪ اهڙي ڌرتي آهي، جتي ماضي جون بهترين ڪلچر، ثقافت ۽ ٻولي اهم رهيون آهن، هتي هڪ زرخيز ۽ بامحاوره زبان آهي، جنهن ۾ اعلي ادب موجود آهي، سنڌي ادب ٻولي جي سڌاري، ترقي ۽ واڌاري لاءِ جن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو، ڪاڪو ڀيرو مل انهن مان هڪ هو، هن ادب کانسواءِ نصاب جي لاءِ به ڪيترائي سبق ۽ نظم لکيا، جيڪي اڄ به ماڻهو ساراهن ٿا ۽ بر زبان ياد آهن، پاڻ ڪيترن موضوعن تي 45 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا پر انهن سان اهم تنصفن ۾ سنڌي گرامر، گلقند، گولن جا گوندر، گلزار نثر، نئين سنڌ جي تاريخ، سنڌي ٻولي جي تاريخ، قديم سنڌ، لطيفي سير، چونڊ ڪلام، سنڌي هندن جي لڏپلاڻ، ايٽيمالاجيڪل سنڌي ٽو سنڌي ڊڪشنري، سنڌ ۾ هندن جي تاريخ ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن، ڪاڪي ڀيرو مل مهچند آڏواڻي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي لاءِ نه وسرڻ جهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي،جنهن جو نالو هميشه سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو ـ

No comments:

Post a Comment