ماڻڪ، اصل ۾ سنڌي ادب جو ماڻڪ به هو. سندس اصل نالو منير احمد آهي. 5 مارچ 1943ع ۾ نوشهري فيروز ۾ سندس جنم ٿيو. ماڻڪ جي تعليم ايم اي، ايم ايڊ ۽ ايل ايل بي هئي. منير احمد ماڻڪ سو کان مٿي ڪهاڻيون، ڪجهه ناول ۽ ناوليٽ لکيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”حويليءَ جا راز“، ”لڙهندڙ نسل“، ”رڃ ۽ پڙاڏا“، ”پاتال ۾ بغاوت“، ”ڇهه انام ڪهاڻيون“ شامل آهن. پيٽ گذر لاءِ شروع ۾ ماستري، پوءِ ڪلارڪي، صحافت ۽ آخر ۾ وڪالت پڻ ڪيائين. ماڻڪ سنڌ جو يگانو ليکڪ آهي جنهن کي شايد نام نهاد باشعور پڻ گاريون ڏيندا آهن.هن پنهنجي لکڻين ۾ ڪڏهن به ڳالهه رومال ۾ ويڙهي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي کيس جيڪو ڪجهه چوڻو هوندو هئس بنا ڪنهن ڦيرڦار جي لکي ڇڏيندو هو. اهو ئي ڪارڻ هو جو کيس لويو ويندو هو. عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو، ”گاريون ڏيڻ وارن کي ڌيان رکڻ گهرجي متان جوشيليون گاريون ڏيڻ سان سندن گڦ ته ڪانه ٿي وهي.“ موهن ڪلپنا، ماڻڪ جي ناول ”ساهه مٺ ۾“ تي تبصرو ڪندي لکيو، ”هي ناول هڪ بارود آهي، جنهن جي سنڌ کي ضرورت آهي.“ ماڻڪ پاڪستان جي ٺهڻ ۽ سنڌ کي ائين ظاهر ڪيو آهي ته ”ڌاڙيلن جا جوکي ۾ وجهي لٽ جو مال هٿ ڪيو آهي.“ 26 جنوري 1982ع ۾ سنڌ جي هي بيباڪ ليکڪ اسان سڀني کان وڇڙي ويو. ماڻڪ جي بيباڪي ۽ بي خوفي ڄڻ اڄ به سنڌ جي ضرورت هجي. سنڌ جو ماڻڪ سنڌ کان جسماني طور جدا ته ٿي ويو پر سندس ڪهاڻيون ۽ ناول اڄ به نوجوانن ۾ پسند ڪيا وڃن ٿا، دور بدلجي چڪو آهي گاريون گهٽ ٿي چڪيون آهن وقت سنڌين کي گهڻو ڪجهه سمجهائي ڇڏيو آهي. ماڻڪ پنهنجن لکڻين ۾ سنڌ کي ڪڏهن به نه وساريو ته پوءِ سنڌ ماڻڪ کي ڪيئن ٿي وساري سگهي. ماڻڪ جو ناول ”ساهه مٺ ۾“ شروع ۾ هتي نه ڇپجي سگهيو، ڪير ڇپائڻ لاءِ تيار ئي نه هو! اهو ڪتاب وڃي هندستان مان ڇپيو. ان واقعي تي موهن ڪلپنا لکيو، ”پاڪستان هڪ طاقتور ملڪ آهي. پر ان ملڪ کي ايڏي طاقت ڪونهي جو هن ڪتاب جي ڌماڪي جو زور سهي سگهي. ان ڪري هيءُ ڪتاب پاڪستان ۾ ڇپجي نٿو سگهي ۽ هاڻ هندستان ۾ ڇپيو آهي.“ ماڻڪ جي ناول ”ساهه مٺ ۾“ مان ڪجهه چونڊ ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا. سنڌين کي مسلمان بنائڻ جي سازش آهي ۽ هر اهو سنڌي مسلمان آهي، جو پهريون پاڪستاني، پوءِ سنڌي آهي! سنڌي وڏيرن اهو اصول مڃي ڇڏيو آهي. ذوالفقار ڀٽو به، پر پس پيش جو سنڌي آهي ڦاسي کائي ٿو. هڪ رٿائتي ڪوشش ته سنڌين کي غير سنڌي بڻايو وڃي. حراس، خوف، گهٻراهٽ! زال جا ڪپڙا لاهڻ کان پوءِ ٿڌو ٿيو وڃي ۽ننڊ جون گوريون وٺي. سامهون واري گهر ۾ پوليس آئي. ڇوڪرو نه ملين. صوبيدار گاريون ڏيندي چين ته جي ڇوڪرو ٿاڻي تي پيش نه ڪيو ته سڀ رنو ن ٿاڻي تي گهلي وينداسين. اسان سنڌين جي ڪمزوري آهي پٺتي هٽندي خاموشي اختيار ڪرڻ. هڪ قومي خصلت، درويشائي. هي هڪ تاريخي حقيقت آهي ته هندستان جي مسلمانن جون بنيادي وفاداريون، ڌرتيءَ کان وڌيڪ، ٻاهرين حملي ڪندڙ فاتح حاڪمن سان وڌيڪ رهيون آهن. منهنجو مطلب آهي افغانن، ترڪن، مغلن، ايرانين يا عربن سان نه رڳو اهو پر هو، انهي تي پاڻ پڏائين به ٿا! ـProfile of Sindhi Personalities
Saturday, January 27, 2018
Profile of Marak (Munir Ahmed)
ماڻڪ، اصل ۾ سنڌي ادب جو ماڻڪ به هو. سندس اصل نالو منير احمد آهي. 5 مارچ 1943ع ۾ نوشهري فيروز ۾ سندس جنم ٿيو. ماڻڪ جي تعليم ايم اي، ايم ايڊ ۽ ايل ايل بي هئي. منير احمد ماڻڪ سو کان مٿي ڪهاڻيون، ڪجهه ناول ۽ ناوليٽ لکيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”حويليءَ جا راز“، ”لڙهندڙ نسل“، ”رڃ ۽ پڙاڏا“، ”پاتال ۾ بغاوت“، ”ڇهه انام ڪهاڻيون“ شامل آهن. پيٽ گذر لاءِ شروع ۾ ماستري، پوءِ ڪلارڪي، صحافت ۽ آخر ۾ وڪالت پڻ ڪيائين. ماڻڪ سنڌ جو يگانو ليکڪ آهي جنهن کي شايد نام نهاد باشعور پڻ گاريون ڏيندا آهن.هن پنهنجي لکڻين ۾ ڪڏهن به ڳالهه رومال ۾ ويڙهي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي کيس جيڪو ڪجهه چوڻو هوندو هئس بنا ڪنهن ڦيرڦار جي لکي ڇڏيندو هو. اهو ئي ڪارڻ هو جو کيس لويو ويندو هو. عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو، ”گاريون ڏيڻ وارن کي ڌيان رکڻ گهرجي متان جوشيليون گاريون ڏيڻ سان سندن گڦ ته ڪانه ٿي وهي.“ موهن ڪلپنا، ماڻڪ جي ناول ”ساهه مٺ ۾“ تي تبصرو ڪندي لکيو، ”هي ناول هڪ بارود آهي، جنهن جي سنڌ کي ضرورت آهي.“ ماڻڪ پاڪستان جي ٺهڻ ۽ سنڌ کي ائين ظاهر ڪيو آهي ته ”ڌاڙيلن جا جوکي ۾ وجهي لٽ جو مال هٿ ڪيو آهي.“ 26 جنوري 1982ع ۾ سنڌ جي هي بيباڪ ليکڪ اسان سڀني کان وڇڙي ويو. ماڻڪ جي بيباڪي ۽ بي خوفي ڄڻ اڄ به سنڌ جي ضرورت هجي. سنڌ جو ماڻڪ سنڌ کان جسماني طور جدا ته ٿي ويو پر سندس ڪهاڻيون ۽ ناول اڄ به نوجوانن ۾ پسند ڪيا وڃن ٿا، دور بدلجي چڪو آهي گاريون گهٽ ٿي چڪيون آهن وقت سنڌين کي گهڻو ڪجهه سمجهائي ڇڏيو آهي. ماڻڪ پنهنجن لکڻين ۾ سنڌ کي ڪڏهن به نه وساريو ته پوءِ سنڌ ماڻڪ کي ڪيئن ٿي وساري سگهي. ماڻڪ جو ناول ”ساهه مٺ ۾“ شروع ۾ هتي نه ڇپجي سگهيو، ڪير ڇپائڻ لاءِ تيار ئي نه هو! اهو ڪتاب وڃي هندستان مان ڇپيو. ان واقعي تي موهن ڪلپنا لکيو، ”پاڪستان هڪ طاقتور ملڪ آهي. پر ان ملڪ کي ايڏي طاقت ڪونهي جو هن ڪتاب جي ڌماڪي جو زور سهي سگهي. ان ڪري هيءُ ڪتاب پاڪستان ۾ ڇپجي نٿو سگهي ۽ هاڻ هندستان ۾ ڇپيو آهي.“ ماڻڪ جي ناول ”ساهه مٺ ۾“ مان ڪجهه چونڊ ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا. سنڌين کي مسلمان بنائڻ جي سازش آهي ۽ هر اهو سنڌي مسلمان آهي، جو پهريون پاڪستاني، پوءِ سنڌي آهي! سنڌي وڏيرن اهو اصول مڃي ڇڏيو آهي. ذوالفقار ڀٽو به، پر پس پيش جو سنڌي آهي ڦاسي کائي ٿو. هڪ رٿائتي ڪوشش ته سنڌين کي غير سنڌي بڻايو وڃي. حراس، خوف، گهٻراهٽ! زال جا ڪپڙا لاهڻ کان پوءِ ٿڌو ٿيو وڃي ۽ننڊ جون گوريون وٺي. سامهون واري گهر ۾ پوليس آئي. ڇوڪرو نه ملين. صوبيدار گاريون ڏيندي چين ته جي ڇوڪرو ٿاڻي تي پيش نه ڪيو ته سڀ رنو ن ٿاڻي تي گهلي وينداسين. اسان سنڌين جي ڪمزوري آهي پٺتي هٽندي خاموشي اختيار ڪرڻ. هڪ قومي خصلت، درويشائي. هي هڪ تاريخي حقيقت آهي ته هندستان جي مسلمانن جون بنيادي وفاداريون، ڌرتيءَ کان وڌيڪ، ٻاهرين حملي ڪندڙ فاتح حاڪمن سان وڌيڪ رهيون آهن. منهنجو مطلب آهي افغانن، ترڪن، مغلن، ايرانين يا عربن سان نه رڳو اهو پر هو، انهي تي پاڻ پڏائين به ٿا! ـThursday, November 9, 2017
Profile of Muhammad Ibrahim Joyo
ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو 13 آگسٽ 1915ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، 1927ع ۾ اي. وي اسڪول، سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي. ايم. سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، 1930ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو، هن 1934ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ 20 رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب 1938ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. 1940ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس 1941ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ 14 سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy in School Administration سال 1946ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي. ايم. سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم. اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم. اين. راءِ جي ‘Radical Democratic Party’. هُن ايم. اين راءِ جي ڪتاب ‘Historical Role of Islam’ جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. 1947ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘Save Sindh, Save the Continent from Feudal Lords, Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئِن موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين 200 رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. 1951ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1954ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي 1961ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (56-1955) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. 1963ع کان 1967ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. جولاءِ 1967ع ۾ جويي صاحب هڪ مضمون لکي ’سليم احمد‘ جي فرضي نالي سان ڇپايو، جنهن جو عنوان هو: ’اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو‘. جنهن تان ناراض ٿي سرڪار کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ماستر طور بدلي ڪري ڇڏيو. اها سرڪاري ناراضگي پوءِ به ٿڌي نه ٿي ۽ کيس 1968ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال ڪري موڪليو ويو، جتي لڳ ڀڳ ٻه سال کن رهيو. نومبر 1969ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ 1971ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا. 1972ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ 12 آگسٽ 1973ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ 56-1954 واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘ (Renaissance) جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو اڄ به سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي. 1973ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. 1973ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان 20 ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو 1982ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويو صاحب 1997ع کان 2002ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو ۽ 1998ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو اچي ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو آهي. جڏهن 1998ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به 2000ع کان ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ آهي. جويي صاحب، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي 22 جامع جُلدن جي سربراهي پڻ جويي صاحب کي ڏني وئي آهي، جنهن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري تاج جويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ (1964ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا آهن ۽ سنڌ ۾ ”مهاڳ نويسيءَ“ جي فن جو استاد ليکيو وڃي ٿو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. محمد ابراهيم جويي جي ڇپيل طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن مان ڪجهه اهم ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي. : (1). اسلام جو تاريخي ڪارنامو: ايم. اين. راءِ جي ڪتاب جو ترجمو (1945ع)، (2). Save Sindh, Save the Continent (1945)، (3). ايميلي عرف تعليم: جي. جي روسي جي ڪتاب جو ترجمو (1969ع)، (4). ٻارن جي تعليم: پليو ٽارچ جي ڪتاب جو ترجمو (1972ع)، (5). وحشي جيوت جا نِشان ‘:هاوَرڊ موئر جي ڪتاب ‘Savage Survivals’ جو ترجمو، (1976ع)، (6). سنڌي زبان جي بنيادي لغت: (وڌايل بنيادي لغت ۽ ڪاروباري بنيادي لغت)، (ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل: 1976ع)، (7). ’فِڪر جي آزادي ‘:اسٽيفن زويگ جي ڪتاب ‘The Right to Heresy’ جو ترجمو، (جون 1977ع)، (8). ’گليلو ‘:برنالٽ بريخت جي ڊرامي ‘Life of Gallileo’ جو ترجمو (1977ع)، (9). ’شاهه- سچل- سامي ‘:(1689-1850- هڪ مطالعو) (1978ع)، (10). ’ٻارن جو مسيح ‘:اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s Life of Christ’ جو ترجمو (1980ع)، (11). ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ ‘:(ناٽڪ، لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره) (1980ع)، (12). ’عورتازاد‘ (عورتن جي تحريڪ آزادي ):ترتيب ۽ ترجمو(1983ع)، (13). ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس ‘:جارج پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو (1984ع)، (14). ’علم تدريس مظلومن لاءِ ‘:پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy of the Oppressed’ جو ترجمو 984ع)، (15). ’مهڪريءَ جا مضمون ‘:(ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ) (1983ع)، (16). ’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم ‘:(ترتيب)، (1985ع)، (17). ’فرينچ انقلاب ‘:ايميل ايرڪمن اليگزانڊر چيتريان جي ڪتاب جو ترجمو (1990ع)، (18). ’مُٺِ مُٺ موتين جي ‘:(هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ)، (1992ع)، (19). ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (پهريون جلد ):مضمون ۽ ترجما (1995ع)، (20). ’ادب- ٻولي- تعليم ‘:(هُوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، جلد ٻيو) (1998ع)، (21). خط ٻن اديبن جا ‘:(عبدالقادر جوڻيجي ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (1999ع)، (22). ’ڳالهيون ڪتابن جون‘، ڀاڱو پهريون(2002ع)، (23). ’خط ٻن اُستادن جا ‘:(محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا) (2003ع)، (24). ڳالهيون ڪتابن جون‘ (ڀاڱو ٻيو) (2003ع)، (25). خط دوستن جا (جلد پهريون: پيار، نبارُ، اٿاههُ (ابن حيات پنهور ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (2008ع)، (26). Sindh Betrayed: Her Right to Redemption; Essays and Articles, Letters (1942-2003), (2006). ان کان سواءِ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن، ڪريڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاهه لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽ پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس. جن جي ذريعي هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي آهي. جويي صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. تازو مئي 2009ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هو لاڏاڻي وقت صحافي ڪالونيءَ، حيدرآباد ۾ رهائش پذير هيو. محمدابراهيم جويي صاحب 9.نومبر 2017ع تي پنهنجي گهر واقع صحافي ڪالوني حيدرآباد ۾ خميس ڏينهن صبح جو 9 لڳي 56 منٽن تي وفات ڪئي. ـSaturday, October 28, 2017
Profile of Pursram Zia
قومي درد رکندڙ ۽ غريبن، مسڪينن ۽ بي سهارن جي غم ونڊيندڙ پرسرام ”ضيا“ پٽ ننديرام جهامناڻيءَ ضلعي نواب شاھ جي تعلقي ٽنڊي آدم ۾ 11 جولاءِ 1912ع تي جنم ورتو سندس پتا اکين کان ضعيف هو، جنهن ڪري ”پرسو“ سدائين سندس ڏڍ هيو. جڏهن ستن سالن جو ٿيو، ته کيس ڀر واري اسڪول ۾ وهاريائونس، جتان ست درجا سنڌي پاس ڪري، نواب شاه مان ور نيڪيولر فائينل جو امتحان پاس ڪيائين. هندو، اڪثر پرائي بزگيري پسند نه ڪندا هئا، ان جي عيوض وڻج واپار کي ترجيح ڏيندا هئا. حالانڪه پرسرام کي به ڪيترن ئي هنڌن تان ملازمت جي دعوت به ملي، مگر پاڻ مسڪيني حال سببان مجبوراً هڪ سيٺ جي دوڪان تي 22 روپين ۾ ملازم وڃي بڻيو، جتان آهستي آهستي وڌي، پنهنجي ذمي هڪ ڪپڙي جو ننڍو دوڪان کوليائين. طبيعت جو ڪنئرو هو؛ جنهن ڪري سندس دوڪان اوڌر ۾ خالي ٿي ويو ، پر پوءِ ته ويتر غربت جو گذران ڪرڻو پيس. جوانيءَ تي رسڻ سان ناڪام محبت جو شڪار ٿيو، آخر ويچار پڙهائيندي، ”رنجور“ تخلص سان سنڌي شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ڪرڻ لڳو. شاعريءَ جي شوق ۾ پرسرام جي پڌرائي پري پري تائين وڃي پهتي. محفلين ۽ مشاعرن ۾ شوق سان وڃي شعر پڙهندو هو. باالاخر سخن جي سلسلي ۾ مراد علي ”ڪاظم“ کي باقاعده پنهنجو آگو ڪري مڃيو. ”ڪاظم“ ، پرسرام جو ”رنجور“ تخلص بدلائي ”ضيا“ رکرايو. پوءِ انهيءَ نئين تخلص سان پرسرام پنهنجي استاد جي رهبريءَ هيٺ شعر جو ٻيو مجموعو ”تصوير احساس“ نالي سان 1943ع ۾ منظر عام تي آندو. ورهاڱي وقت لڏ پلاڻ ۾ ڀارت (هندستان) هليو ويو، جتي بمبئي ۾ قيام ڪيائين. بمبئيءَ مان نڪرندڙ سنڌي اخبارن ۾ ”سوٽائي“ ”سودائي“ ۽ ”سپاهي“ عنوانن سان مستقل طنزيه ڪالم نويس بڻيو. انهيءَ سلسلي ۾ ڪيئي فرضي نظم، سماجي اوڻاين بابت به لکيائين. مطلب ته ”ضيا“ ؛ هڪ بهترين شاعر هجڻ سان گڏو گڏ قومي درد رکندڙ انسان هو. نياز ۽ نوڙت وٽس آل جال هئي. بک ڏک تي کيس غريبن لاءِ اونجهه لڳل هئي. اهوئي سبب هو، جو سندس شعري مجموعا عوام جي ڏکن ۽ سورن جي ذڪر سان همدرديءِ ۽ احساس جي انداز ۾ ڏٽيا پيا آهن. هڪ شعر ۾ چوي ٿو: آهي هيءَ بستي اها، جت اهڙا انسان ٿا وسن، ٿي اگهاڙا ٿا گهمن، روٽي ٽڪر لاءِ ٿا سڪن، فاقي کان مجبور ٿي، ٿا جرم جا قاتل بڻن، ڌرم جا دشمن ٿين، ايمان کان باغي ٿين. ”ضيا“ شعر“ جي سلسلي ۾ هر طبقي کان داد وٺندو هو. سندس ڪيترن ئي نظمن ۾ اڪثر اهو انو مان نڪرندو هو، ته اهو ڪنهن مسلمان جو چيل آهي. پاڻ ڪيترن ئي اردو شاعرن جو خيال به پنهنجي شعر ۾ آندائين. هي مسڪين انسان، پنهنجي لڄ لڪائڻ لاءِ رات ڏينهن ڏوريندو رهيو. کيس غربت جو احساس هو، مگر مالڪ آڏو ماٺ ۾ رهيو. ڌڻيءَ هيءَ ڏکن ۽ ڏوجرن واري ٿوري حياتي به سندس لاءِ ڊگهي ڪئي هئي، جنهن ڪري 47 سالن جي لڳاتار ڪشٽ ۽ ڪشالن پڄاڻان، 28 آڪٽوبر 1958ع تي ديهانت ٿيس. سندس ڪريا ڪرم بمبئيءَ ۾ ئي ٿيو.(1) – سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”گلزار رنجور“ نالي 1936ع ۾ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ غزل، بيت، ڪافيون ۽ رباعيون ڏنل آهن.
(2)– مذڪوره مجموعي ۾، استاد جي اثر هيٺ ڪافي عربي ۽ فارسي الفاظ؛ محاورا ۽ تشبيهون آندائين، اهوئي سبب هو جو هن مجموعي تي تڏوهڪي سنڌ سرڪار جي صلاحڪار ادبي ڪاميٽيءَ طرفان انعام به مليو هوس.
(3)– 1978ع ۾ ڀارت مان ”ضيا“ جي ڪلام جو ٽيون مجموعو سندس ياد تازي ڪرڻ لاءِ ”اکل ڀارت سنڌي سيميلين“ جي موقعي تي پڌرو ڪيو آهي ـ
Friday, October 13, 2017
Profile of Sir Ghullam Hussain Hidayatullah
سر غلام حسين هدايت الله سنڌ سان تعلق رکندڙ ناميارو سياستدان ٿي گذريو آهي، غلام حسين هدايت الله 1879 ۾ شڪارپور ۾ جنم ورتو، هن پنهنجي بنيادي تعليم شڪارپور مان ئي حاصل ڪيائين ۽ سنڌ مدرسته ڪراچي مان ميٽرڪ جو امتحاد پاس ڪري ڪراچي جي ڊي جي سنڌ ڪاليج ممبئي ۾ داخلا ورتي، سر غلام حسين هدايت الله 1902ع ۾ ايل ايل بي جي تعليم مڪمل ڪري حيدرآباد موٽي آيو ۽ اتي اچي وڪالت شروع ڪيائين، هن پنهنجي ڪيئريئر جي شروعات حيدرآباد ميونسپالٽي جي وائيس صدر ٿيڻ طور ڪئي، انهيءَ کانسواءِ سر غلام حسين هدايت الله حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بورڊ جو غير سرڪاري صدر پڻ ٿيو، 1921ع ۾ پاڻ بمبئي ليجسليوٽو ڪائونسل جو ميمبر ٿيو، انهيءَ ساڳي سال هي ممبئي گورنمينٽ ۾ وزير طور مقرر ٿيو، بمبئي جو گورنر جي ڪائونسل جي ميمبر ٿيڻ تائين وزير طور رهيو، پاڻ وزير هئڻ واري وقت سکر بئراج لاءِ پڻ ڪم ڪيو، سر غلام حسين هدايت الله کي خان بهادر، سر، ڪي سي آءِ ۽ ٻيا ڪيترائي لقب مليا پر 1946ٿ ۾ مسلم ليگ پاران انگريز حڪومت طرفان ڏنل سڀئي اعزاز واپس ڪرڻ واري اعلان بعد سر غلام حسين هدايت الله پڻ پنهنجا سمورا اعزاز ۽ لقب موٽائي ڏنا، لنڊن ۾ ٿيل رائونڊ ڪانفرنس ۾ سر غلام هسين هدايت الله، ايوب کهڙي، ميران محمد شاھ ۽ سر شاهنواز ڀٽي سان گڏجي سنڌ جي نمائندي طور شرڪت ڪئي، سنڌ جي ممبئي کان علحدگي لاءِ پڻ پتوڙيندو رهيو، سنڌ ڪاميٽي جي چيئرمين کي آماده ڪيو ته سنڌ وسيلن جي حُالي سان ڪنهن جي به محتاج ناهي، سنڌکي ممبئي کان عليحده ڪيو ويو ۽ سر غلام حسين هدايت سنڌ جو پهريون وزير اعلي ٿيو، پاڻ 3 ڀيرا سنڌ جو وزير اعلي رهيو، 1947ع ۾ آزادي کان پوءِ پاڻ سنڌ جو گورنر رهيو، اهو اعزاز صرف سر غلام حسين هدايت الله جا قائداعظم محمد علي جناح سان سٺا لاڳاپا رهيا، انهيءَ اعتماد جي ڪري ئي قائداعظم سر غلام حسين هدايت الله کي سنڌ جو پهريون گورنر ڪيو ۽ سر غلام حسين هدايت الله وٽ اهو به اعزاز آهي هو صوبي جو وڏي عرصي تائين وڏو وزير رهندڙ پهريون شخص هو، سر غلام حسين هدايت الله ممبئي ليجلسٽو جو وزير هئڻ دوران به سنڌ جي حقن جي هر وقت وڪالت ڪندو هو، انگريزن تي زور ڀريندو هو ته سنڌ ۾ انفرااسٽڪرچر جو ڪم ڪن سکر بئراج لاءِ سر غلام حسين هدايت الله جو ڪوششون وسارڻ جوڳيون ناهن، انهيءَ کانسواءِ سر غلام حسين سياست جي هڪ معتبر نالي طور سڃاتو وڃي ٿو، پاڻ 4 آڪٽوبر 1948ع تي لاڏاڻو ڪري ويو ـ ـProfile of Khalid Sindhi
ناليوارو اديب ۽ سياسي اڳواڻ خالد سنڌي جو پورو نالو خالد حسين ولد جان محمد ٻگهيو هو. هن جو جنم 2 جون 1912ع تي ڪوٽڙي ضلعي دادو ۾ ٿيو، خالد سنڌي پرائمري تعليم ماڻڪ ڀٽي پرائمري اسڪول ڦليلي پار حيدرآباد مان حاصل ڪيائين ۽ ميٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول مان ڪئي، هن بي اي (آرٽس) ۽ ايم اي (پوليٽيڪل سائنس) به ڪئي، خالد سنڌي مسلم ڪمرشل بئنڪ ۾ آفيسر ۽ آل پاڪستان بئنڪس آفيسرز ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو، خالد سنڌي پنهنجي ذاتي پريس قائم ڪئي، جن پاران ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايائين، چارڻ رسالو ڪيتري عرصي تائين هلايائين، جدوجهد جو آغاز ڪندي 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ڪجھ اديبن جا ڪتاب ڇپرايائين، هن شاگردي واري زماني ۾ شاگرد هلچل ۽ سياسي سجاڳي ۾ ڀرپور حصو ورتو، 1970ع ڌاري ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ ڊراما لکيائين ۽ اداڪاري به ڪيائين، سندس سنڌي ڊرامي مري ٿيا نه مات ڪافي مقبوليت ماڻي“ 1969ع ۾ ون يونٽ خلاف بک هڙتال تي ويهندڙن ۾ خالد سنڌي به شامل هو، جن 72 ڪلاڪن لاءِ بک هڙتال ڪئي هئي، خالد سنڌي 1974ع ۾ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو، 1973ع ۾ سرڪاري خرچ تي ماسڪو ۽ مشرڪي جرمني به ويو، خالد سنڌي سنڌي پورهيت تنظيم جو چيئرمين پڻ رهيو، سماجي خدمتگارجي حيثيت ۾ هن قاسم آباد (حيدرآباد) جي نوجوانن ۾ وڏي سجاڳي پيدا ڪئي ۽ فلاحي ڪم ڪرڻ سان گڏ مسجد ذوالجلال جي تعمير ڪرائڻ ۾ به سندس اهم ڪردار رهيو، غلام مصطفي جتوئي جي وڏ وزارت واري دور ۾ مٿس سياسي مخالفن قاتلاڻو حملو ڪيو، جنهن ۾ کيس 11 چاڪو لڳا هئا، 1997ع ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ شموليت اخيتار ڪيائين ۽ جلد ئي سنڌ نيشنل فرنٽ جو مرڪزي اڳواڻ چونڊيو ويو ۽ آخر تائين ان پارٽي سان ئي وابسته رهيو، خالد سنڌي باشعور ۽ وچولي ڪلاس جي سياسي تنظيم ڪاري ذريعي سنڌ جي نجات جو حامي هو ۽ ان ۾ سندس اوليت اقتصاديات کي هئي، جيئن ته هو هڪ بئنڪر هو ۽ ناڻي جي اهميت ۽ ان جي آمدني جي ذريعن کي ڀلي پت سمجهندو هو، ان ڪري هميشه چوندو هو ته هر هڪ سنڌي کي سنڌ جي اقتصادي وسيلن جي مڪمل معلومات هئڻ گهرجي ۽ انهن مالي وسيلن لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي، هن مختلف وقتن تي 3 رسالا چارڻ، سنگت ۽ ٻيجل جاري ڪيا، جيڪي گڻو وقت هلي نه سگهيا، سندس ڪهاڻين جا ڪتاب هر دل اندر ڪربلا ۽ هونداسي حيات ڇپيل آهن، ان کانسواءِ زندگي درد جو صحرا (ڊائري) ڪينجهر تنهنجي ڪنڌيءَ تي (خط) اڻ ڇپيل مسودن جي صورت ۾ سندس اولاد وٽ محفوظ آهن، خالد سنڌي 23 سيپٽمبر 1999ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي ـ
Profile of Ustad Muhammad Juman
ليجنڊ موسيقار، ڪلاسيڪل ڳائڻي ۽ سنڌي موسيقيءَ تي گهرو اثر ڇڏيندڙ استاد محمد جمن جي پيدائڻ بلوچستان جي لسٻيلي واري علائقي ۾ 10 آڪٽوبر 1935ع ڌاري ٿي هن جو جنم سخيراڻي قبيلي جي موسيقي ۽ ڳائڪيءَ سان تعلق رکندڙ هڪ خاندان ۾ ٿيو، استاد محمد جمن جو والد حاجي احمد سخيراڻي پڻ هڪ ڳائڻو هو، پنهنجي ئي گهر ۾ اهڙو ماحول ملڻ سبب استاد محمد جمن جي ذهن ۽ دل تي ٻاروتڻ کان ئي موسيقيءَ جو رنگ ڇانئجي ويو، ڏينهون ڏينهن استاد محمد جمن موسيقي ۾ گهري دلچسپي وٺڻ لڳو، عام طور تي هن جي سکيا جو بنيادي گهر تي سندس گهر ئي هو پر هن موسيقي جي باقائده سکيا ناليواري موسيقار استاد نظر حسين کان حاصل ڪئي، برصغير جي ڪوئل فنڪاره طور مشور ميڊم نورجهان جو موسيقي جو استاد به نظر حسين رهيو، ادتاد محمد جمن به نظم حسين کان سکيا حاصل ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيو، انهيءَ کان علاوه هن لطيفي راڳ جي ڄاڻو وحيد علي خان کان به راڳ جي سکيا ورتي، انهيءَ بعد استاد محمد جمن ريڊيو پاڪستان ڪراڇي تان سرندي ساز طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، ڪيترو ئي وقت ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ڪم ڪيائين، جنهن بعد ريڊيو پاڪستان حيدرآباد آيو ۽ ڪيترن ئي صوفي ۽ مشهور شاعرن جا گيت ڪمپوز ڪيائين، استاد محمد جمن جڏهن شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي گيت منهنجو ملڪ ملير، ڪوٽن ۾ آئون ڪين گذاريا ڳايو ته هڪدم ئي شهرت جي بلندين تي پهچي ويو، انهيءَ بعد سرائيڪي ۾ ڳايل يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي استاد محمد جمن کي موسيقي جي آسمان تي جرڪندڙ ستاري جيان روشن ڪري ڇڏيو، مير سڪندر خان کوسي جي ڪافي عشق منهنجو اظهار ٿي آيو جا ٻول جڏهن استاد محمد جمن جي آواز ۾ عوام تائين پهتا ته امر ٿي ويا، انهيءَ بعد ڪيچ پنهل ڏي هل سميت ٻيا اهڙا ڪيترائي گيت ڳايا، جن استاد محمد جمن کي سنڌي موسيقي جي ليجنڊ طور سڀني کان ممتاز ڪري ڇڏيو، اهو به چيو وڃي ٿو ته ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي اسٽاف ميمبر طور ڪم ڪندي استاد محمد جمن سنڌ جي هڪ ٻئي ليجنڊ ڳائڻي محمد ابراهيم سان گڏجي سرندو وڄايو هو، ڪراچي ريڊيو تي آڊيشن وقت استاد محمد جمن سرندي ۾ سر ڪوهياري ڇيڙيو هو، سنڌي موسيقي ۽ راڳ ۾ ڪافي جدت ۽ نواڻ جي لاڙن باوجود تي ڏهاڪا گذرڻ کانپوءِ به استاد محمد جمن جي ڳائڪي ۽ راڳ جو سنڌي موسيقي تي ايترو ئي اثر ڇانيل آهي، جيترو سرائيڪي شاعري ۽ موسيقي تي خواجا فريد ۽ پٺاڻي خان جو اثر قائم آهي، ڪلاسيڪل سنڌي موسيقي جو ذڪر اڄ به استاد محمد جمن جي ذڪر کانسواءِ اڌورو آهي ۽ اهو اثر ايندڙ ڪيتري وقت تائين برقرار رهندو، سنڌي موسيقي جي هن ليجنڊ ڳائڻي کي پنهنجي موسيقي جي خدمتن عيوض بيدل ايوارڊ، گولڊ ايوارڊ ، ساگا ايوارڊ ۽ لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو، کيس 1980ع ۾ پاڪستان جي حڪومت طرفان تمغه حسن ڪارڪردگي جو اعزاز به ڏنو ويو، سنڌ جو ڪلاسيڪل راڳي استاد محمد جمن 24 جنوري 1990ع تي لاڏاڻو ڪري ويو ـ
Profile of Siraj-ul-Haq Memon
سنڌي ٻولي جو ناميارو ناول نگار، مورخ، صحافي، ماهر لسانيات، ڪهاڻيڪار، سول سرونٽ ۽ سپريم ڪورٽ جو ايڊووڪيٽ رهندڙ سراج الحق ميمڻ 24 آڪٽوبر 1933ع تي ٽنڊو ڄام ۾ اسڪول ٽيچر ۽ شاعر محمد يعقوب نياز جي گهر جنم ورتو، بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد سراج الحق پنهنجي سموري خاندان سميت لڏي حيدرآباد شهر ۾ رهڻ لڳو، جتي 1950ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين، ميٽرڪ ڪرڻ بعد پاڻ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويو، جتي ڊي جي نيشنل ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ پنهنجي تعليم جا خرچ ڪڍڻ لاءِ ڪراچي مان سنڌ آبزرور نالي نڪرندڙ هڪ هفتيوار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ لڳو، اتان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پاڻ حيدرآباد موٽي آيو ۽ محمد عثمان ڏيپلائي جي پرنٽنگ پريس ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، جنهن بعد سنڌي ادبي بورڊ ۾ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين، جتي هن محمد ابراهيم جويو ۽ غلام رباني آگري سان گڏجي انگريزي ڪلاسيڪل جا سنڌي ۾ ترجما ڪيا، 1957ع ۾ صرف 24 ورهيتن جي ڄمار ۾ سي ايس ايس جو امتحان ڏنائين ۽ ڪاميابي حاصل ڪري انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ جوائن ڪيائين، گورنمينٽ نوڪري جوائن ڪرڻ بعد به پاڻ لکڻ ڪين ڇڏيو ۽ سياستدانن ۽ حڪمرانن خلاف به لکي ويندو هو، اهو ئي سبب آهي جو جنرل يحي خان جي اچڻ بعد کيس جبري طور نوڪري تان رٽائرڊ ڪيو ويو، جنهن بعد پاڻ انڪم ٽيڪس جي وڪيل طور ڪم ڪرڻ لڳو، هن وڪالت ۾ به وڏو نالو ٺاهيو، سراج الحق ميمڻ نوڪري ۾ اچڻ کان اڳ ئي ذوالفقار عيل ڀٽو کي شخصي طور سڃاڻيندو هو. ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن پ پ ٺاهي ته ان وقت هلال پاڪستان اخبار کي حيدرآباد مان ڪراچي منتقل ڪيائين ۽ سراج الحق ميمڻ کي ان جو ايڊيٽر ڪيائين، ايڊيٽر طور سراج الحق ميمڻ نه صرف صحتمند تنقيد ۽ بهترين روپورٽنگ جو رواج وڌوپر هن سنڌي صحافت ۾ ڪيئي نوان لاڙا متعارف ڪرايا، اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ وقت جي سنڌي صحافت جو سونهري دور سڏيو وڃي ٿو، هيءَ ضياءَ الحق پاران مارشل لا لڳڻ تائين ان اخبار ۾ ڪم ڪندو رهيو، سراج تاريخ جو به بيحد شائق هو، سمن جي دور کانپوءِ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن بابت هڪ ناول به لکيائين ، سندس پهريون ناول پڙاڏو سوئي سڏ هو، جنهن ۾ هن ترخانن ۽ ارغونن جي حڪمراني دوران ٿيندڙ ظلم جو خوب اظهار ڪيو، هن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد تي به هڪ ڪتاب لکيو، انهيءَ کان علاوه هن جي ڪتابن ۾ ڏکڻ مان ٿو سج اڀري، سنڌ جي اقتصادي تاريخ، چونڊ آمريڪي افسانا، اي درد هلي آءُ، منهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل، تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول، منهنجي دنيا مرگھ ترشنا، مرڻ مون سين آءُ ۽ ٻيا شامل آهن، هن ٽي ايس ايلياٽ جا ڪتاب به ترجمو ڪيا، ننڍي کنڊ جي ميمڻ ڪميونٽي تي به هڪ ڪتاب لکيائين، آڪسفورڊ سنڌي ڊڪشنري جو چيف ايڊيٽر به رهيو، سنڌي ادب ۽ ٻولي لاءِ ڪيل هن جي خدمتن عيوض سراج الحق ميمڻ کي 2011ع ۾ ستاره امتياز جي اعزاز سان نوازيو ويو، پنهنجي آخري ڏهاڙن ۾ سراج سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد بابت ٻيهر لکي رهيو هو، سنڌي ادب جو هي ناميارو نالو سراج 2 فيبروري 2013ع تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، کيس ڪراچي جي گزري قبرستان ۾ دفنايو ويو ـ
Subscribe to:
Comments (Atom)
-
ڀيرو مل، جيڪو سنڌ ۾ عام طور تي ڪاڪو ڀيرو مل جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ سنڌ جي چوٽي جي اديبن مان هڪ هو، سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر، روايات ۽ زبا...
-
Hemu Kalani هيمون ڪالاڻي جو جنم 23 مارچ 1923ع ۾ سکر ۾ ٿيو هو. سندس والد صاحب جو نالو پيسو مل هو جيڪو ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي ج...
-
Anees Ansari انيس انصاري سنڌ جو يگانو ليکڪ، افسانه نويس، شاعر ۽ محقق هو، سندس شمار سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ايل نالو الھ بخش ا...

