Friday, October 13, 2017

Profile of Ustad Muhammad Juman

ليجنڊ موسيقار، ڪلاسيڪل ڳائڻي ۽ سنڌي موسيقيءَ تي گهرو اثر ڇڏيندڙ استاد محمد جمن جي پيدائڻ بلوچستان جي لسٻيلي واري علائقي ۾ 10 آڪٽوبر 1935ع ڌاري ٿي هن جو جنم سخيراڻي قبيلي جي موسيقي ۽ ڳائڪيءَ سان تعلق رکندڙ هڪ خاندان ۾ ٿيو، استاد محمد جمن جو والد حاجي احمد سخيراڻي پڻ هڪ ڳائڻو هو، پنهنجي ئي گهر ۾ اهڙو ماحول ملڻ سبب استاد محمد جمن جي ذهن ۽ دل تي ٻاروتڻ کان ئي موسيقيءَ جو رنگ ڇانئجي ويو، ڏينهون ڏينهن استاد محمد جمن موسيقي ۾ گهري دلچسپي وٺڻ لڳو، عام طور تي هن جي سکيا جو بنيادي گهر تي سندس گهر ئي هو پر هن موسيقي جي باقائده سکيا ناليواري موسيقار استاد نظر حسين کان حاصل ڪئي، برصغير جي ڪوئل فنڪاره طور مشور ميڊم نورجهان جو موسيقي جو استاد به نظر حسين رهيو، ادتاد محمد جمن به نظم حسين کان سکيا حاصل ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيو، انهيءَ کان علاوه هن لطيفي راڳ جي ڄاڻو وحيد علي خان کان به راڳ جي سکيا ورتي، انهيءَ بعد استاد محمد جمن ريڊيو پاڪستان ڪراڇي تان سرندي ساز طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، ڪيترو ئي وقت ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ڪم ڪيائين، جنهن بعد ريڊيو پاڪستان حيدرآباد آيو ۽ ڪيترن ئي صوفي ۽ مشهور شاعرن جا گيت ڪمپوز ڪيائين، استاد محمد جمن جڏهن شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي گيت منهنجو ملڪ ملير، ڪوٽن ۾ آئون ڪين گذاريا ڳايو ته هڪدم ئي شهرت جي بلندين تي پهچي ويو، انهيءَ بعد سرائيڪي ۾ ڳايل يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي استاد محمد جمن کي موسيقي جي آسمان تي جرڪندڙ ستاري جيان روشن ڪري ڇڏيو، مير سڪندر خان کوسي جي ڪافي عشق منهنجو اظهار ٿي آيو جا ٻول جڏهن استاد محمد جمن جي آواز ۾ عوام تائين پهتا ته امر ٿي ويا، انهيءَ بعد ڪيچ پنهل ڏي هل سميت ٻيا اهڙا ڪيترائي گيت ڳايا، جن استاد محمد جمن کي سنڌي موسيقي جي ليجنڊ طور سڀني کان ممتاز ڪري ڇڏيو، اهو به چيو وڃي ٿو ته ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي اسٽاف ميمبر طور ڪم ڪندي استاد محمد جمن سنڌ جي هڪ ٻئي ليجنڊ ڳائڻي محمد ابراهيم سان گڏجي سرندو وڄايو هو، ڪراچي ريڊيو تي آڊيشن وقت استاد محمد جمن سرندي ۾ سر ڪوهياري ڇيڙيو هو، سنڌي موسيقي ۽ راڳ ۾ ڪافي جدت ۽ نواڻ جي لاڙن باوجود تي ڏهاڪا گذرڻ کانپوءِ به استاد محمد جمن جي ڳائڪي ۽ راڳ جو سنڌي موسيقي تي ايترو ئي اثر ڇانيل آهي، جيترو سرائيڪي شاعري ۽ موسيقي تي خواجا فريد ۽ پٺاڻي خان جو اثر قائم آهي، ڪلاسيڪل سنڌي موسيقي جو ذڪر اڄ به استاد محمد جمن جي ذڪر کانسواءِ اڌورو آهي ۽ اهو اثر ايندڙ ڪيتري وقت تائين برقرار رهندو، سنڌي موسيقي جي هن ليجنڊ ڳائڻي کي پنهنجي موسيقي جي خدمتن عيوض بيدل ايوارڊ، گولڊ ايوارڊ ، ساگا ايوارڊ ۽ لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو، کيس 1980ع ۾ پاڪستان جي حڪومت طرفان تمغه حسن ڪارڪردگي جو اعزاز به ڏنو ويو، سنڌ جو ڪلاسيڪل راڳي استاد محمد جمن 24 جنوري 1990ع تي لاڏاڻو ڪري ويو ـ

No comments:

Post a Comment