سنڌي ٻولي جو ناميارو ناول نگار، مورخ، صحافي، ماهر لسانيات، ڪهاڻيڪار، سول سرونٽ ۽ سپريم ڪورٽ جو ايڊووڪيٽ رهندڙ سراج الحق ميمڻ 24 آڪٽوبر 1933ع تي ٽنڊو ڄام ۾ اسڪول ٽيچر ۽ شاعر محمد يعقوب نياز جي گهر جنم ورتو، بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد سراج الحق پنهنجي سموري خاندان سميت لڏي حيدرآباد شهر ۾ رهڻ لڳو، جتي 1950ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين، ميٽرڪ ڪرڻ بعد پاڻ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويو، جتي ڊي جي نيشنل ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ پنهنجي تعليم جا خرچ ڪڍڻ لاءِ ڪراچي مان سنڌ آبزرور نالي نڪرندڙ هڪ هفتيوار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ لڳو، اتان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پاڻ حيدرآباد موٽي آيو ۽ محمد عثمان ڏيپلائي جي پرنٽنگ پريس ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، جنهن بعد سنڌي ادبي بورڊ ۾ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين، جتي هن محمد ابراهيم جويو ۽ غلام رباني آگري سان گڏجي انگريزي ڪلاسيڪل جا سنڌي ۾ ترجما ڪيا، 1957ع ۾ صرف 24 ورهيتن جي ڄمار ۾ سي ايس ايس جو امتحان ڏنائين ۽ ڪاميابي حاصل ڪري انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ جوائن ڪيائين، گورنمينٽ نوڪري جوائن ڪرڻ بعد به پاڻ لکڻ ڪين ڇڏيو ۽ سياستدانن ۽ حڪمرانن خلاف به لکي ويندو هو، اهو ئي سبب آهي جو جنرل يحي خان جي اچڻ بعد کيس جبري طور نوڪري تان رٽائرڊ ڪيو ويو، جنهن بعد پاڻ انڪم ٽيڪس جي وڪيل طور ڪم ڪرڻ لڳو، هن وڪالت ۾ به وڏو نالو ٺاهيو، سراج الحق ميمڻ نوڪري ۾ اچڻ کان اڳ ئي ذوالفقار عيل ڀٽو کي شخصي طور سڃاڻيندو هو. ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن پ پ ٺاهي ته ان وقت هلال پاڪستان اخبار کي حيدرآباد مان ڪراچي منتقل ڪيائين ۽ سراج الحق ميمڻ کي ان جو ايڊيٽر ڪيائين، ايڊيٽر طور سراج الحق ميمڻ نه صرف صحتمند تنقيد ۽ بهترين روپورٽنگ جو رواج وڌوپر هن سنڌي صحافت ۾ ڪيئي نوان لاڙا متعارف ڪرايا، اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ وقت جي سنڌي صحافت جو سونهري دور سڏيو وڃي ٿو، هيءَ ضياءَ الحق پاران مارشل لا لڳڻ تائين ان اخبار ۾ ڪم ڪندو رهيو، سراج تاريخ جو به بيحد شائق هو، سمن جي دور کانپوءِ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن بابت هڪ ناول به لکيائين ، سندس پهريون ناول پڙاڏو سوئي سڏ هو، جنهن ۾ هن ترخانن ۽ ارغونن جي حڪمراني دوران ٿيندڙ ظلم جو خوب اظهار ڪيو، هن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد تي به هڪ ڪتاب لکيو، انهيءَ کان علاوه هن جي ڪتابن ۾ ڏکڻ مان ٿو سج اڀري، سنڌ جي اقتصادي تاريخ، چونڊ آمريڪي افسانا، اي درد هلي آءُ، منهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل، تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول، منهنجي دنيا مرگھ ترشنا، مرڻ مون سين آءُ ۽ ٻيا شامل آهن، هن ٽي ايس ايلياٽ جا ڪتاب به ترجمو ڪيا، ننڍي کنڊ جي ميمڻ ڪميونٽي تي به هڪ ڪتاب لکيائين، آڪسفورڊ سنڌي ڊڪشنري جو چيف ايڊيٽر به رهيو، سنڌي ادب ۽ ٻولي لاءِ ڪيل هن جي خدمتن عيوض سراج الحق ميمڻ کي 2011ع ۾ ستاره امتياز جي اعزاز سان نوازيو ويو، پنهنجي آخري ڏهاڙن ۾ سراج سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد بابت ٻيهر لکي رهيو هو، سنڌي ادب جو هي ناميارو نالو سراج 2 فيبروري 2013ع تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، کيس ڪراچي جي گزري قبرستان ۾ دفنايو ويو ـFriday, October 13, 2017
Profile of Siraj-ul-Haq Memon
سنڌي ٻولي جو ناميارو ناول نگار، مورخ، صحافي، ماهر لسانيات، ڪهاڻيڪار، سول سرونٽ ۽ سپريم ڪورٽ جو ايڊووڪيٽ رهندڙ سراج الحق ميمڻ 24 آڪٽوبر 1933ع تي ٽنڊو ڄام ۾ اسڪول ٽيچر ۽ شاعر محمد يعقوب نياز جي گهر جنم ورتو، بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد سراج الحق پنهنجي سموري خاندان سميت لڏي حيدرآباد شهر ۾ رهڻ لڳو، جتي 1950ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين، ميٽرڪ ڪرڻ بعد پاڻ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويو، جتي ڊي جي نيشنل ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ پنهنجي تعليم جا خرچ ڪڍڻ لاءِ ڪراچي مان سنڌ آبزرور نالي نڪرندڙ هڪ هفتيوار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ لڳو، اتان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پاڻ حيدرآباد موٽي آيو ۽ محمد عثمان ڏيپلائي جي پرنٽنگ پريس ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، جنهن بعد سنڌي ادبي بورڊ ۾ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين، جتي هن محمد ابراهيم جويو ۽ غلام رباني آگري سان گڏجي انگريزي ڪلاسيڪل جا سنڌي ۾ ترجما ڪيا، 1957ع ۾ صرف 24 ورهيتن جي ڄمار ۾ سي ايس ايس جو امتحان ڏنائين ۽ ڪاميابي حاصل ڪري انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ جوائن ڪيائين، گورنمينٽ نوڪري جوائن ڪرڻ بعد به پاڻ لکڻ ڪين ڇڏيو ۽ سياستدانن ۽ حڪمرانن خلاف به لکي ويندو هو، اهو ئي سبب آهي جو جنرل يحي خان جي اچڻ بعد کيس جبري طور نوڪري تان رٽائرڊ ڪيو ويو، جنهن بعد پاڻ انڪم ٽيڪس جي وڪيل طور ڪم ڪرڻ لڳو، هن وڪالت ۾ به وڏو نالو ٺاهيو، سراج الحق ميمڻ نوڪري ۾ اچڻ کان اڳ ئي ذوالفقار عيل ڀٽو کي شخصي طور سڃاڻيندو هو. ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن پ پ ٺاهي ته ان وقت هلال پاڪستان اخبار کي حيدرآباد مان ڪراچي منتقل ڪيائين ۽ سراج الحق ميمڻ کي ان جو ايڊيٽر ڪيائين، ايڊيٽر طور سراج الحق ميمڻ نه صرف صحتمند تنقيد ۽ بهترين روپورٽنگ جو رواج وڌوپر هن سنڌي صحافت ۾ ڪيئي نوان لاڙا متعارف ڪرايا، اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ وقت جي سنڌي صحافت جو سونهري دور سڏيو وڃي ٿو، هيءَ ضياءَ الحق پاران مارشل لا لڳڻ تائين ان اخبار ۾ ڪم ڪندو رهيو، سراج تاريخ جو به بيحد شائق هو، سمن جي دور کانپوءِ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن بابت هڪ ناول به لکيائين ، سندس پهريون ناول پڙاڏو سوئي سڏ هو، جنهن ۾ هن ترخانن ۽ ارغونن جي حڪمراني دوران ٿيندڙ ظلم جو خوب اظهار ڪيو، هن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد تي به هڪ ڪتاب لکيو، انهيءَ کان علاوه هن جي ڪتابن ۾ ڏکڻ مان ٿو سج اڀري، سنڌ جي اقتصادي تاريخ، چونڊ آمريڪي افسانا، اي درد هلي آءُ، منهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل، تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول، منهنجي دنيا مرگھ ترشنا، مرڻ مون سين آءُ ۽ ٻيا شامل آهن، هن ٽي ايس ايلياٽ جا ڪتاب به ترجمو ڪيا، ننڍي کنڊ جي ميمڻ ڪميونٽي تي به هڪ ڪتاب لکيائين، آڪسفورڊ سنڌي ڊڪشنري جو چيف ايڊيٽر به رهيو، سنڌي ادب ۽ ٻولي لاءِ ڪيل هن جي خدمتن عيوض سراج الحق ميمڻ کي 2011ع ۾ ستاره امتياز جي اعزاز سان نوازيو ويو، پنهنجي آخري ڏهاڙن ۾ سراج سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد بابت ٻيهر لکي رهيو هو، سنڌي ادب جو هي ناميارو نالو سراج 2 فيبروري 2013ع تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، کيس ڪراچي جي گزري قبرستان ۾ دفنايو ويو ـ
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
ڀيرو مل، جيڪو سنڌ ۾ عام طور تي ڪاڪو ڀيرو مل جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ سنڌ جي چوٽي جي اديبن مان هڪ هو، سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر، روايات ۽ زبا...
-
Hemu Kalani هيمون ڪالاڻي جو جنم 23 مارچ 1923ع ۾ سکر ۾ ٿيو هو. سندس والد صاحب جو نالو پيسو مل هو جيڪو ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي ج...
-
Anees Ansari انيس انصاري سنڌ جو يگانو ليکڪ، افسانه نويس، شاعر ۽ محقق هو، سندس شمار سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ايل نالو الھ بخش ا...
No comments:
Post a Comment