سنڌي ٻولي جي نامور عالم ۽ شاعر ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي خادم 22 آڪٽوبر 1913ع تي شهدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ ايسرداس سدارنگاڻي جو گهر ۾جنم ورتو، هن ابتدائي تعليم شهدادپور ۾ ورتي، جنهن کانپوءِ سنڌ نيشنل ڪاليج حيدرآباد، ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۽ اسماعيل ڪاليج انڌري (بمبئي) ۾ پڙهيو، هرومل سدارنگاڻي ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ ئي هو ته سنڌي ساهت لاءِ صلاحڪار بورڊ جي ادبي رسالي مهراڻ جو پهريون ايڊيٽر مقرر ٿيو، هي رسالو جنوري 1946ع کان پهريان ٻه ماهي ۽ پوءِ ٽي ماهي نڪرڻ لڳو ۽ 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين تشڪيل کانپوءِ به ساڳئي نالي سان اڄ تائين نڪرندو رهي ٿو، ورهاڱي کانپوءِ هرو مل سدارنگاڻي ڀارت هليو ويو، جتي دهلي يونيورسٽي مان فارسي شعبي سان وابسته ٿي ويو، اڳتي هلي تهران يونيورسٽي ۾وڌيڪ تعليم ورتائين، جتي هن پارسي گويان سنڌ جي عنوان سان هڪ تحقيقي مقالو لکيو، پي ايڇ ڊي حاصل ڪئي، ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي آل انڊيا ريڊيو تي ڪيترائي ادبي پروگرام ڪيا، هو سنڌي ٻولي جو ڪهنه مشق شاعر هو سندس شاعري جا پنج ڪتاب ڇپيل آهن رنگين رباعيون، روح ڏنو ريلو، پرھ جي باک، خوشبوءَ جو سفر، چيخ شامل آهن ـ ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ڪيترائي تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون به لکيا، جن جو هڪ مجموعو ڪک ۽ ڪانا عنوان سان 1966ع ۾ ڇپيو، هن بابر نامو 1964ع، گرو گوبند سنگھ 1967ع، ولٿول ۽ امراءَ جان ادا ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪيان، سندس ڪتاب پاڙون پاتار ۾ سندس آخري ڪتاب ۾ شاھ لطيف جي شاعري تي عربي، فارسي، پنجابي ۽ هندي شاعري وارن اثرن بابت روشني وڌل آهي، هرومل سدارنگاڻي انڊين پوئٽري ٽوڊي جي سنڌي ڀاڱي جو ايڊيٽر رهيو، هو بمبئي يونيورسٽي جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر، دهلي ۽ پنجاب يونيورسٽين جي تعليمي ڪاميٽين جو ميمبر، مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي جو ميمبر به رهي چڪو آهي، سندس ڪجھ ڪتاب دهلي، ممبئي، پنجاب ۽ گجرات يونيورسٽين ۾ درسي ڪتابن طور پڙهايا وڃن ٿا، هو ڀارت سرڪاري جي بورڊ آف ايگزيمنرس آف فارين لينگويجز جو ميمبر رهي چڪو آهي، سنڌي ٻولي جي هن وڏي عالم 6 ڊسمبر 1992ع تي دهليءَ ۾ وفات ڪئي ـSaturday, October 7, 2017
Profile of Harumal Sadarangani
سنڌي ٻولي جي نامور عالم ۽ شاعر ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي خادم 22 آڪٽوبر 1913ع تي شهدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ ايسرداس سدارنگاڻي جو گهر ۾جنم ورتو، هن ابتدائي تعليم شهدادپور ۾ ورتي، جنهن کانپوءِ سنڌ نيشنل ڪاليج حيدرآباد، ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۽ اسماعيل ڪاليج انڌري (بمبئي) ۾ پڙهيو، هرومل سدارنگاڻي ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ ئي هو ته سنڌي ساهت لاءِ صلاحڪار بورڊ جي ادبي رسالي مهراڻ جو پهريون ايڊيٽر مقرر ٿيو، هي رسالو جنوري 1946ع کان پهريان ٻه ماهي ۽ پوءِ ٽي ماهي نڪرڻ لڳو ۽ 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين تشڪيل کانپوءِ به ساڳئي نالي سان اڄ تائين نڪرندو رهي ٿو، ورهاڱي کانپوءِ هرو مل سدارنگاڻي ڀارت هليو ويو، جتي دهلي يونيورسٽي مان فارسي شعبي سان وابسته ٿي ويو، اڳتي هلي تهران يونيورسٽي ۾وڌيڪ تعليم ورتائين، جتي هن پارسي گويان سنڌ جي عنوان سان هڪ تحقيقي مقالو لکيو، پي ايڇ ڊي حاصل ڪئي، ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي آل انڊيا ريڊيو تي ڪيترائي ادبي پروگرام ڪيا، هو سنڌي ٻولي جو ڪهنه مشق شاعر هو سندس شاعري جا پنج ڪتاب ڇپيل آهن رنگين رباعيون، روح ڏنو ريلو، پرھ جي باک، خوشبوءَ جو سفر، چيخ شامل آهن ـ ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ڪيترائي تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون به لکيا، جن جو هڪ مجموعو ڪک ۽ ڪانا عنوان سان 1966ع ۾ ڇپيو، هن بابر نامو 1964ع، گرو گوبند سنگھ 1967ع، ولٿول ۽ امراءَ جان ادا ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪيان، سندس ڪتاب پاڙون پاتار ۾ سندس آخري ڪتاب ۾ شاھ لطيف جي شاعري تي عربي، فارسي، پنجابي ۽ هندي شاعري وارن اثرن بابت روشني وڌل آهي، هرومل سدارنگاڻي انڊين پوئٽري ٽوڊي جي سنڌي ڀاڱي جو ايڊيٽر رهيو، هو بمبئي يونيورسٽي جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر، دهلي ۽ پنجاب يونيورسٽين جي تعليمي ڪاميٽين جو ميمبر، مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي جو ميمبر به رهي چڪو آهي، سندس ڪجھ ڪتاب دهلي، ممبئي، پنجاب ۽ گجرات يونيورسٽين ۾ درسي ڪتابن طور پڙهايا وڃن ٿا، هو ڀارت سرڪاري جي بورڊ آف ايگزيمنرس آف فارين لينگويجز جو ميمبر رهي چڪو آهي، سنڌي ٻولي جي هن وڏي عالم 6 ڊسمبر 1992ع تي دهليءَ ۾ وفات ڪئي ـ
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
ڀيرو مل، جيڪو سنڌ ۾ عام طور تي ڪاڪو ڀيرو مل جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ سنڌ جي چوٽي جي اديبن مان هڪ هو، سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر، روايات ۽ زبا...
-
Hemu Kalani هيمون ڪالاڻي جو جنم 23 مارچ 1923ع ۾ سکر ۾ ٿيو هو. سندس والد صاحب جو نالو پيسو مل هو جيڪو ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي ج...
-
Anees Ansari انيس انصاري سنڌ جو يگانو ليکڪ، افسانه نويس، شاعر ۽ محقق هو، سندس شمار سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ايل نالو الھ بخش ا...
No comments:
Post a Comment