Sunday, June 1, 2014

Profile of Anees Ansari

Anees Ansari
انيس انصاري سنڌ جو يگانو ليکڪ، افسانه نويس، شاعر ۽ محقق هو، سندس شمار سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ايل نالو الھ بخش انصاري هو، 26 جولاءِ 1923ع تي مرحوم احمد بخش انصاري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ انيس انصاري والدين جو اڪيلو اولاد هو، ڇو ته سندس پيدائش کان ڪجھ ڪلاڪ اڳ سندس والد ماجد 25 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو، هن شروعاتي تعليم لاِڙڪاڻي جي هڪ ديني مدرسي مان حاصل ڪئي، 1933ع ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو، جتان 1940ع ۾ ميٽرڪ ڪيائين، سندس شادي 1943ع ۾ ٿي، انيس انصاري نوڪري جي شروعات ڪلارڪي سان ڪئي ۽ آخي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو، هن نوجوانيءَ ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو، ماهوار رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ سندس شروعاتي لکڻيون شايع ٿيون، جيڪو ”سنڌ سڌار سوسائٽي“ طرفان 1941ع ۾ جاري ٿيو ۽ 1952ع تائين ڇپجندو رهيو، انيس انصاري اٽڪل ٽيهارو کن ڪهاڻيون ۽ افسانا لکيا، سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”انيس جا افسانا“ ڇپيل آهي. 1988ع ۾ سندس ڪهاڻي ”پينشنر“ تي سنڌ ثقافت کاتي طرفان ”جمال ابڙو ايوارڊ“ ۽ 10 هزار رپيا ڏنا ويا، سندس ڪهاڻي جو اردو ۽ پنجابي ۾ به ترجمو ٿيو، سنڌي، اردو ۽ انگريزي کانسواءِ هندي ۽ گرملي (لپي) ٻولي تي پڻ دسترس هئس، پاڻ ڪي نظم اردو ۽ هندي ۾ پڻ لکيائين، انيس انصاري کي مڇي جي شڪار، فوٽو گرافي، والي بال، آرٽ ۽ مطالعي سان گهڻو لڳاءَ رهيو. سندس ڪهاڻيون ”چانڊوڪي جو زهر“، لاٺي چارج“، ”سج گهرڻ“، ”ردي“ ۽ ٻيون ڪيتريون ڪهاڻيون شهڪار آهن، هن پنهنجي اولاد کي به ڀروپور وقت ڏئي سندن سٺي پرورش ڪئي، تنهن ڪري ئي اڄ سندس لائق فرزند اشتاق انصاري، مشتاق انصاري، اخلاق انصاري، آفاق انصاري ۽ اسحاق انصاري نمايان مقام تي آهن، انيس انصاري 77 سالن جي ڄمار ۾ 2 مارچ 2000ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاھ لاڙڪاڻي ۾ آهي ـ

No comments:

Post a Comment