Sunday, June 1, 2014

Profie of Dadi Prakash Mani


دادي پرڪاش مڻي جو اصل نالو رما گوپالداس هاٿيراماڻي هو پر مشهور دادي پرڪاش مڻي جي نالي سان ٿي، هن حيدرآباد سنڌ ۾ پهرين جولاءِ 1922ع تي گوپالداس جي گهر ۾ جنم ورتو ، دادا ليکراج سنڌ ۾ پهرين حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچي ۾ اوم منڊلي جو پايو وڌو هو، جيڪا ورهاڱي کانپوءِ ”برهمڪاري ايشوري وشو ودياليه“ جي روپ ۾ تبديل ٿي. دادا پنهنجي حياتي ۾ هن ودياليه جي واڳ  دادي پرڪاش مڻي جي هٿن ۾ ڏني. 19 جنوري 1989ع کان پڇاڙي تائين 28 سال دادي ان کي سنڀاليو، دنيا جي 130 ملڪن ۾ پنهنجي تنظيم جون 8500 شاخون قائم ڪيائين، دنيا جي عالمن کان داد حاصل ڪيائين، اقوام متحده هن جماعت کي غير سرڪاري اداري طور 1985ع ۾ تسليم ڪيو ۽ 1987ع ۾ دادي کي ”شانتي دوت“ جي لقب سان نوازيو، 1992ع ۾ موهن لعل سکاڙيا يونيورسٽي راجسٿان پاران کيس آنرري ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏني وئي، 1992ع ۾ کيس انٽرنيشنل ايوارڊ به ڏنو ويو، شروعات ۾ 1951ع ۾ هن ” وِشوَ ڌرم سميلن“ جاپان ۾ حصو ورتو، جتان ٿائلينڊ، انڊونيشيا، هانگ ڪانگ، سنگاپور ، ملائيشيا ۽ سريلنڪا جو ڇهن مهينن جو دورو ۽ برهمڪماري آشرم جو امن پيغام پکيڙيائين، هن اٽڪل 8 لک ماڻهن کي سندن نالن نالن سان تنظيم سان جوڙي ڇڏيو، هن بخوبي ڄاتو ٿي ته ڪو به بنيادي ٿنڀو گهڻو بار برداشت نه ڪري سگهندو، ان ڪري هن سنڌ ڄائي پنهنجي عقل، علم، معلومات، نوڙت ۽ نهٺائي سان تنظيم کي چوڌاري پکيڙي، جدا جدا ڀينرن کي جوابداريون سونپي ڏنيون، جن جي عوام ۾ ڏاهين ڏات ڌياڻين ۽ جاکوڙين طور مڃتا ۽ مقبوليت آهي، هاڻي دادي جانڪي (1916ع ۾ سنڌ حيدرآباد ۾ ڄاول، جنهن دادي پرڪاش مڻي سان گڏ دادا ليکراج جي ٻاريءَ ۾ قدم رکيو هو)، واڳ سنڀالي آهي، يو اين او تائين تنظيم کي پهچائڻ ۾ هن جو وڏو ڪردار آهي، دادي پرڪاش مڻي جي مزاج ۾ اٿاھ نرمي، گفتگو ۾ ميٺاج، بلند پايي جو اخلاق، شرافت ۽ مروت مثالي رهيا  آهن، کيس ٻڌڻ مهل  سنڌي ٻولي کي به هن ڪونه وساريو، لنڊن ۾ ٿيل سنڌي سيمينارن ۾ هن سريچند هندوجا سان گڏ جوت جلائي، مائونٽ ابو ۾ هن الهاس نگر وارن لاءِ جدا وقت ڪڍي  خاص ملاقات ڪئي، سندن خدمتن لاءِ سنڌي سماج کي سدائين فخر مند رهنيو، دادي پرڪاش مڻي 25 آگسٽ 2007ع تي لاڏاڻو ڪيو ۽ سندس انتم سنسڪار مائونٽ ابو راجستان ۾ ٿيو ـ

No comments:

Post a Comment