Monday, June 2, 2014

Profile of Ayaz Hussain Abro

Ayaz Hussain Abro
سنڌ جي مردم خيز مٽيءَ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن  پنهنجي ڪک مان ڪيترن ئي شاعرن، ليکڪن، مصورن ۽ بزرگن کي جنم ڏنو آهي، انهيءَ ڏس ۾ سنڌ جي چترڪارن به دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائي سنڌ جو نانءَ هميشه مٿانهون رکيو آهي، مصور اياز حسين ولد يار محمد خان ابڙو 20 مئي 1946ع تي ڳوٺ جيئڻ ابڙي ۾ ڄائو، سندس والد فارسي جو ڄاڻو ۽ شاعري جو شوق رکندو هو، جنهن ڪري هن جو به فنون لطيفه ڏانهن لاڙو ٿيو، هن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول جيئڻ ابڙي ۾ ورتي، ميٽرڪ هاءِ اسڪول قنبر مان ڪئي ۽ ان کانسواءِ هن 1962ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪئي، انور ابڙو اسڪائوٽنگ ٽريننگ، معلم قرآن ڪور ۽ پرائمري ٽريننگ ڪورس ڪري پهرين فيبروري 1972ع تي پرائمري استاد ٿيو ۽ 31 ڊسمبر 1998ع تي هيڊ ماستر جي عهدي تان رٽائر ٿيو، اياز حسين مصوري جي سکيا قنبر جي ناليواري مصور محمد علام ابڙي کان ورتي، جنهن کانپوءِ مسلسل رنگن سان منظر چٽيندو رهيو، خاص طور هن ڪلچرل پينٽنگز ٺاهيون، جن ۾ گلن پوپٽن، زميني منظر ۽ جانورن وغيره جون پينٽنگس شامل آهن، هن پکين جا مٽيءِ ۽ پلاسر آف پئرس مان ڪيترا عمدا ماڊل پڻ ٺاهيا، اياز حسين ابڙو مصور سان گڏ موسيقار به هو، سارنگي، بانسري، سرندو، وائلن، بينجو، هارمونيم ۽ ڪي بورڊ وغيره مهارت سان وڄائيندو هو، جڏهن ته وائلن، سرود، سرندي، سارنگي ۽ مرنا واري يڪتاري جهڙا ساز خود ٺاهيندو هو، اياز مصوري ۽ موسيقي کانسواءِ شاعري به ڪندو هو، هن جا هيٺيان ڪتاب اشاعت هيٺ آهن، بحر فراق (شاعري)، بيان ساز (سازن بابت الف، ب وارڄاڻ)، راڳ وديا (هندي مان ترجمو)، هن نامور مصور 2002ع ۾ وفات ڪئي ـ

No comments:

Post a Comment