Monday, June 9, 2014

Profile of Hanif Zaor

Hanif Zaor
حنيف زئور 27 آڪٽوبر 1984ع تي بٺوري جي هڪ غريب  گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد سائين عبدالواحد زئور پيغمبري پيشي استاد سان لاڳاپيل هو ۽ حنيف جو جنم ٽن ڀينرن کان پوءِ ٿيو هو، جيڪي ٽيئي ڀينرون نڍڍپڻ ۾ گذاري ويون هيون. هي سڪيلڌو اولاد هئڻ ڪري لاڏلو به گهڻو هو، جنهن ڪري هي لاڏ ڪوڏ ۾ پليو نپنو ۽ وڏو ٿيو هو. سندس والد اُستاد هئڻ جي ناتي جهڙي ريت پرورش ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي هئي، اهڙي ريت تعليم ۽ تربيت ۾ ڪا ڪمي نه رهڻ ڏني هئائين. حنيف ٻاروتڻ جا پنج سال پورا ڪري ڇهين سال ۾ قدم رکيا ته سندس والد صاحب (جيڪو ان وقت ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهائيندو هو) ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪري پاڻ پڙهائڻ لڳو، جتان پنج درجا پاس ڪري هاءِ اسڪول بٺوري ۾ پڙهڻ لاءِ وهاريو ويو، بٺوري هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، انٽري هائير سيڪنڊري اسڪول بٺوري مان پاس ڪيائين.
حنيف زئور تعليم مڪمل ڪري مختلف خانگي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، هن روزگار جي شروعات ميزبان چانھ جي ڪمپني کان ڪئي، پر اُتي سندس دل نه لڳي ۽ سندس اندر ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي قرض چُڪائڻ جي ولوڙ هر وقت هوندي هئي، جنهن ڪري ڪُجھ عرصي لاءِ ڪراچي هليو ويو، جتي سچ اخبار ۾ صحافت ڪيائين، پر صحافت ۾ هن جڏهن سچ جو گلو مروڙجندي ڏٺو ته موٽي ڳوٺ آيو، ڪجھ عرصو سُئي گئس ۾ ڪچي ملازم طور ڪم ڪيائين، ان دوران هي جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ شموليت ڪري تنظيمي ڪم ڪرڻ لڳو، جنهن ڪري کيس ان عارضي ملازمت مان ڪڍيو ويو. اُن بعد شهيد حنيف ڪُل وقتي ڪارڪن ٿي ڪم ڪرڻ لڳو ۽ هي سياسي توڙي سماجي مسئلن ۾ حصو وٺڻ لڳو، هن پاڻيءَ جي مسئلي تي ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرايا، قومي ڪارڪنن جي گمشدگيءَ خلاف بٺوري ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي ڪامياب مظاهرا ڪرايائين. مقامي سطح تي مختلف ڪمپنين ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جا مسئلا هجن يا آزادي مارچ هجي، ڪالاباغ ڊيم ۽ ٿر ڪئنال خلاف تحريڪ هلائڻي هجي، هي هر مورچي تي سڀني کان اڳڀرو رهيو، شهيد حنيف جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ ضلعي جي مختلف عهدن تي رهي نهايت ئي سنجيده ورڪر طور ذميواريون نڀايون. هي هڪ پڙهيل لکيل ۽ نظرياتي ورڪر هو. جڏهن بشير خان رُپورش هو ته هن پنهنجي گهر ۾ کيس پناھ ڏني هئي.

حنيف زئور ذاتي زندگيءَ ۾ نهايت ئي خوددار رهيو، هن پنهنجي زندگيءَ جو هڪ پل به اجايو نه وڃايو، هن جڏهن ڏٺو ته سندس والد صاحب رٽائرڊ ٿي چڪو آهي ته هن هڪ ڀيرو ٻيهر نيشنل بينڪ ۾ ملازمت شروع ڪئي، جتي هن ڪانٽريڪٽ تي چئن سالن تائين ڪم ڪيو ۽ پڪو نه ڪرڻ سبب هن ٻين ملازمن کي اُتساهي ليبر ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو، اڃا ڪيس هلندڙ ئي هو ته رياست جي ڇاڙتن کيس 22 نومبر 2011ع تي رات جي اوندھ ۾ شهيد ڪري ڇڏيو. هن جي خودداري اهڙي هئي جو هن 27 سالن جي عمر تائين شادي نه ڪئي، جڏهن کيس شاديءَ لاءِ گهروارا زور ڀريندا هئا ته چوندو هو بس باقي ٿورا ڏينهن انتظار ڪريو، نوڪريءَ ۾ چڪو ٿي وڃان پوءِ شادي ڪندس. حنيف والدين جي اکين ۾ خوشيءِ جا اڌورا خواب ڇڏي سنڌ ماءَ جو خواب پورو ڪري هميشه لاءِ کانئن وڇڙي ويو ـ

No comments:

Post a Comment