Wednesday, June 11, 2014

Profile of Sirai Qurban Khuhawar

Sirai Qurban Khuhawar
شهيد سرائي قربان کهاوڙ 1970ع ڌاري شهدادڪوٽ جي هڪ خوشحال گهراڻي ۾، سرائي شمس الدين کهاوڙ جي گهر  ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم مقامي طور حاصل ڪري، بي اي ڪراچي يونيورسٽي مان ۽ ماسٽرس جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين ـ
سرائي قربان اڃا ننڍڙو ئي هو ته سندس والد جي وفات ٿي ۽ سندن زمينن تي اُتان جي بااثر ماڻهن قبضو ڪري ورتو، پر جڏهن هي جوانيءَ جا ڏاڪا چڙهڻ لڳو ته هن انهن بااثرن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ پنهنجون زمينون واپس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سرائي قربان کهاوڙ ، جنهن جي ٻاروتڻ واري زندگي ۾ خودداري واسو ڪري وئي هئي ۽ ان ٻاروتڻ ۾ ئي حقن کي غصب ٿيندي ڏٺو هو، هي اڃا معصوم ئي هو جو هن جي مٿان پيءُ جو سايو کسجي ويو هو ۽ هن جي ذهن تي نهايت ڀاري صدمو هو، مٿان وري جڏهن سندس زمين جاگيردارن جي قبضي ۾ هئي ته سندس ذهن ۾ بغاوت جي لهر ڊوڙي وئي، جنهن کيس وقت کان اڳ ئي باشعور بڻائي ڇڏيو ۽ هن طئي ڪيو ته پنهنجا حق وڙهي وٺبا، سندس پهرئين جنگ پنهنجي زمين لاءِ هئي پر پوءِ وقت جي اهڙي ته لهر اُٿي جو سڄي سنڌ جو رکوالو بڻائي ڇڏيو ـ
سرائي قربان کهاوڙ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران قومي تحريڪ سان لاڳاپجي ويو. چڻنگ سنگت ۽ لطيف ۾ سرگرم رهڻ بعد جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن (جساف) ۾ شموليت اختيار ڪيائين، تنظيم جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري به رهيو، شاگرديءَ واري دور ۾ سرائي قربان شاگردن جي مسئلن تي عملي جدوجهد ڪئي، اهوئي سبب هو جو هو جڏهن جساف کانپوءِ مرڪز ۾ شامل ٿيو، تڏهن به شاگرد سندس سڏ ۾ سڏ ڏيندا هئا ۽ هي شاگردن جو آئيڊيل بڻجي ويو. جساف ۾ رهندي پاڻ ڪيترائي ڀيرا اليڪشن ڪميٽيءَ جو چيئرمين به رهيو. سرائي قربان کهاوڙ پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ ڪيترائي شاگردن جا مسئلا حل ڪرايا. جن ۾ شاگردن کي اسڪالرشپون وٺي ڏيڻ، شاگردن جون فيون معاف ڪرائڻ، غريب شاگردن کي هاسٽل جا روم وٺي ڏيڻ، ايتري قدر جو هو ڪيترن ئي شاگردن کي پنهنجي کيسي مان خرچ ڏيندو هو، جيئن اُهي پڙهي سگهن، هو انتهائي پيار ڪندڙ انسان هوندو هو ـ
ڪڏهن به ڪو ڪارڪن ڪنهن مصيبت ۾ مبتلا ٿيندو هو ته هي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، ان جي سار لهندو  هو، نه صرف ايترو، پر هو قومي ڪارڪنن جو پونئيرن جي به سار لهندو هو ۽ جي ڪنهن ڪارڪن جي گهر ۾ ڪو مسئلو ٿيندو هو ته هي ان کي به پنهنجي گهر جو مسئلو سمجهي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پا پيار ڪرڻ ڄاڻندو هو ته پيار پٺڻ به ڄاڻندو هو، هي رشتا ٺاهيندڙ هوندو هو، هن پيار جي اهڙي رشتي ۾ ايترا ته قومي ڪارڪن پيدا ڪيا، جو ان جو ڪاٿو لڳائڻ به مشڪل ٿيو پوي، پاڻ سياسي اختلاف هوندي به ذاتي واسطا نڀائڻ ڄاڻندو هو ـ
سرائي قربان ذاتي زندگيءَ ۾ انتهائي خوددار انسان هو، جڏهن سندس نياڻي پرھ ميڊيڪل جي ٽيسٽ پئي ڏني ته سرائي صاحب کي چيو هئائين ته بابا منهنجي ميڊيڪل ۾ سليڪشن لاءِ ڪنهن کي چئو ته هن خوددار انسان وراڻيو بابا جيڪڏهن تون ٽيسٽ پاس ڪري سليڪٽ ٿيندين، ته توکي ضرور پڙهائيندس، باقي آئون ميرٽ جي لتاڙ ڪري، هر گز اهو ڪُڌو ڪم نه ڪندس. سرائي قربان چاهي ها ته هو ايترا پئسا به خرچ ڪري، پنهنجي ڌيءَ جي داخلا ڪرائي پئي سگهيو، پر هن چاهيو ٿئي ته منهنجو اولاد پنهنجي محنت سان ڪنهن منزل تي پهچي ۽ ڪنهن غريب جو حق غصب نه ٿئي ـ
سرائي قربان کهاوڙ نه صرف سياسي ماڻهو هو، پر ان سان گڏ پاڻ هڪ سماجي ورڪر جي حيثيت سانبه سڃاتو وڃي ٿو، هن پنهنجي شهر شهداد ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪرايا، شهداد ڪوٽ ۾ شهري اتحاد قائم ڪرايو، جنهن جو پاڻ عهديدار رهيو ۽ شهداد ڪوٽ ۾ مزدورن جي اتحاد ۾ به سندس هٿ رهيو، شهر ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيائين، جن ۾ بيمارن جي لاءِ ڪئمپون قائم ڪرائڻ، ضرورتمند ماڻهن کي رت جو بندوبست ڪري ڏيڻ، شهر ۾ غريب ۽ بي سهارا ماڻهن جي مدد ڪرڻ، ڪيترين ئي غريب نياڻين جون شاديون ڪرائڻ، ڪيترن ئي شاگردن کي ڪپڙا ۽ ڪتاب وٺي ڏيڻ ۽ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ غريب شاگردن لاءَ ماهوار وظيفو ڏيڻ شامل آهن ـ
سرائي قربان جڏهن شاگرديءَ واري سياست ڇڏي، مرڪزي سياست ۾ پير پاتو ته سندس سياست جو رنگ ئي نرالو ٿي ويو، پاڻ جيئي سنڌ قومي محاذ جو پهرين ڊپٽي سيڪريٽري، ان بعد ٻ ڀيرا سينيئر وائيس چيئرمين جي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين ۽ ڪيترائي ڀيرا جسقم جي الڪيشن ڪميٽيءَ جو چيرمين رهيو، جڏهن عبدالواحب ۽ بشير خان قريشيءَ جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا ته جسقم جي باڊي ٽوڙي، آرگنائيزنگ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي هئي، شفيع ڪرناڻي کي آرگنائيزنگ ڪميٽي جو چيئرمين ۽ سرائي کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو، ان بعد جڏهن جسقم ٻن حصن ۾ ورهاڻي ته، پاڻ جسقم ۾ عبدالواحد آريسر سان بيٺو ۽ ٻه سال سينيئر وائيس چيئرمين جي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين، ان دوران هن ڪيترائي ڪامياب پروگرام ڪرايا، جن ۾ لاڙڪاڻي کان سن تائين تاريخي آزادي مارچ ڪرايائين، جنهن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي هئي، پاڻ ان قافلي سان پيرين پنڌ هلندو رهيو ـ
سرائي قربان ڪرچاي، حيدرآباد ۽ شهداڪوٽ ۾ ڌارين آبادڪاري، قومي ڪارڪنن جي گمشدگيءَ ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف بک هڙتالون ڪرايون، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 300 ڪلاڪن واري بُک هڙتال تي پاڻ ٻين ڪارڪنن سان گڏجي ويٺو. ڪالاباغ ڊيم، ٿل ڪئنال ۽ ٻين سنڌ دشمن رٿائن خلاف، سڄيءَ سنڌ ۾ احتجاجن، مظاهرن وسيلي ڊگهي جدوجهد هلايائين. ڊاڪٽر صفدر سرڪيءَ جي آزادي ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن جي حل لاءِ جسقم جو وفد وٺي اسلام آباد ويو، جتي اقوام متحده ۽ ٻين ملڪن جي سفيرن کي يادداشت نامو پيش ڪيائين. سرائي قربان کهاوڙ 2009ع ۾ جسقم کي الوداع چئي. جيئي سنڌ متحده محاذ (جسمم)  ۾ شموليت اطتيار ڪئي ۽ جسمم جو سينيئر وائيس چيئرمين چونڊيو ويو. اهڙيءَ طرح مغوي ٻارڙن صدام شيخ ۽ ڪپيل ديو جي آزاديءَ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيائين. هن 1987ع ۾ شادي ڪئي ۽  کيس پنجن نياڻين ۽ ٻن پٽن جو اولاد آهي ـ
سرائي قربان کهاوڙ شهادت کان پهرئين انهن سڀني دوستن وٽ هلي ويو، جن سان سندس رنجشون هيون. سرائي، سياسي طرح پنهنجي پراڻن ساٿين کان الڳ ٿي ويو هو، پر هن سڀني دوستن سان سماجي واسطا برقرار رکيا. سرائي بشير خان قريشي ۽ عبدالواحد آريسر کان سياسي طرح جدا ٿي ويو هو پر هو ٻنهي سان بي پناھ محبت ڪندو هو. هو آزاديءَ جي اهڙي ته پنڌ تي نڪري چڪو هو جنهن جي نتيجي جي کيس خبر به هئي ـ
سرائي قربان کهاوڙ 21 اپريل 2011ع تي پنهنجي دوستن روپلو چولياڻي ۽ نورالله تنيو سانن تنظيمي دوري تي سانگهڙ کان ميرپورخاص وڃي رهيو هو ته سانگهڙ ـ کپري روڊ تي باکوڙي موري وٽ، کيس گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، بعد ۾ ڪئميڪل هاري گاڏيءَ کي باھ پڻ ڏني وئي، جنهن ۾ سندس سمورو جسم سڙي رک ٿي ويو هو ـ
سندس مڙهه سوين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان شهدادڪوٽ آندو ويو، جتي ٻئي ڏينهن هزارين ماڻهن، آلين اکين ۽ اڻڀن وارن سان کيس وصيت موجب، شهدادڪوٽ تجر واري قبرستان ۾ سندس امڙ جي قدمن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سرائي کي جيتري سنڌ سان محبت هئي، اوتري ئي پنهنجي امڙ سان پيار ڪندو هو. سرائي قربان جهڙا ماڻهو تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن. سرائي قربان جي شهادت قومي تحريڪ لاءِ وڏو ڌچڪو آهي. هن قهري واقعي تي سڄي سنڌ جي قلمڪارن دل کولي لکيو، سنڌ جي باوقار اخبارن نه صرف ڀرپور ايڊيٽوريل لکيا، بلڪه ڪيترين ئي اخبارن شهادت واري ٻئي ڏينهن تي، پنهنجا ايڊيٽوريل بليڪ شايع ڪيا. اهو هڪ قسم جو احتجاج هو. سرائي جي چاليهي جي موقعي تي هڪ قومي ڪارڪن سندس ياد ۾ ” تنهنجو رت ڪهاڻي ٿيندو “ جي نالي سان هڪ ڪتاب شايع ڪرايو جيڪو پنهنجي دور جو هڪ تاريخي دستاويز آهي ـ

No comments:

Post a Comment