Thursday, October 16, 2014

Profile of Hemu Kalani

Hemu Kalani
هيمون ڪالاڻي جو جنم 23 مارچ 1923ع ۾ سکر ۾ ٿيو هو. سندس والد صاحب جو نالو پيسو مل هو جيڪو ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي جو اصل نالو راهي هيمن هو، جڏهن ته هيمون کيس پيار مان ڪوٺيو ويندو هو. جڏهن سموري هندستان ۾ آزادي لاءِ ويڙهه جاري هئي ۽ ان وقت جا سورما پنهنجي ڌرتي ماءُ جي آجپي لاءِ جانين جا نذرنا ڏئي رهيا هئا تڏهن سکر جي هن نوجوان ۾ پڻ سنڌ جي آزاديءَ جي چڻنگ دکيل هئي. 1942ع جو دور هو تڏهن سنڌ ۾ ”حر تحريڪ“ زورن تي هئي جڏهن ته وچ هندستان ۾ مهاتما گانڌي هندستان خالي ڪريو واري تحريڪ هلائي رهيو هو. اهو اهڙو جذباتي دور هو جو ماڻهن جي دلين ۾ انگريز سامراج لاءِ نفرت جا آڙاهه پئي ٻريا. اهڙن پڙاڏن کان سکر جو هي نوجوان تمام گهڻو متاثر ٿيو. ان وقت هيمون ڪالاڻي اڃا هاءِ اسڪول جو شاگرد هو. سندس دل ۾ آزادي جي تڙپ ۽ انگريزن خلاف ڌڪار هن کي بيچين ڪري وڌو هو، هيمون جا مائٽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندستان جي رياست راجستان ڏانهن هليا ويا ـ جتي پيسو ڪالاڻي سن 1962ع ۾ ديهانت ڪري ويو. جڏهن ته هيمون جي ماتا شريمتي ڄيٺي مائي ڪالاڻي سيپٽمبر 1986ع ۾ ديهانت ڪري وئي. هندستان جي وزيراعظم جواهر لال نهرو ڄيٺي مائي سان ملاقات ڪئي هئي، کيس سونو تمغو ڏيندي ۽ سنڌو ماتا جو خطاب ڏنو ويو، جيئن ڀڳت سنگهه جي ماتا کي هندستان وارن پنجاب ماتا جو خطاب ڏنو هو. پنجاب ماتا سنڌو ماتا سان ملڻ راجستان آئي هُئي ـ
اها 23 آڪٽوبر 1942ع جي رات هئي جڏهن خبر پئي ته فوجين سان ڀريل هڪ خاص ريل گاڏي اچي رهي آهي جيڪا سکر کان اڳتي گولابارود کڻي ويندي. هيمون کي ڄاڻ هئي ته اهو گولابارود ۽ انهي ريل گاڏيءَ ۾ سوار فوجي آزاديءَ جي متوالن لاءِ عتاب ۽ قهر ثابت ٿيندا. جنهنڪري هن ۽ سندس ساٿين انهيءَ ريل گاڏيءَ کي ڪيرائڻ جو منصوبو رٿيو. هنن گڏجي وڃي ريل جي پٽڙي کي اکيڙڻ شروع ڪيو، ٺيڪ ساڳي وقت تي هڪ سپاهي نالي فيروز خان کين ڏسي ورتو، هيمون جا سمورا ساٿي ڀڄي ويا پر هميون ڪالاڻي پڪڙجي پيو. هيمون ڪالاڻي تي بي انتها تشدد ڪيو ويو، ان وقت ۾ جيڪي تشدد ڪري ڏوهه مڃرائڻ ۽ ايذائڻ جا طريقا موجود هئا اهي هن ڳڀرو نوجوان تي آزمايا ويا. تشدد ڪندڙن کي صرف انهن نالن جي ڄاڻ گُهربي هئي جيڪي ٽرين جي پٽڙي اکيڙڻ وقت ساڻس گڏجي آيا هئا پر هن آخر تائين ڪنهن به ساٿيءَ جو نانءُ زبان تي نه آندو ـ
لاڳيتو 22 ڏينهن تائين تشدد ڪرڻ بعد هيمون ڪالاڻي کي نيٺ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. هڪ ڀيرو بيان دوران چيائين ته مون ريلوي لائن کي ان لاءِ اکيڙڻ ٿي چاهيو ته جيئن ان ۾ سوار فرنگي ناس ٿي وڃن، پر منهنجي بدقسمتي جو ناڪام ٿيس. آخر سرڪار کيس ڦاسي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا شايد هڪ نابالغ ٻار کي ڏنل پهرين موت جي سزا هئي. هيمونءَ جي سزا منظور ٿيڻ کان پوءِ سندس وڪيل پيرزادي عبدالستار سندس مامي کي موڪليو ته هيمونءَ کان معافي نامي تي صحيح وٺي اچي ته کيس معافي ملي ويندي. پر هيمونءَ اهڙي معافيءَ کان نابري واري ڇڏي ۽ چيائين ته مون اهڙو ڪو به ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي جنهن تي مون کي پڇتاءَ هجي پوءِ معافي ڇاجي؟ جڏهن سندس ماءُ ساڻس ملڻ آئي ته هن به کيس اها ڳالهه ڪئي ته معافي نامي تي صحيح ڪري ڏي پر هن سورهيه نوجوان ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نيٺ ڦاسي جي سزا 21 ڊسمبر 1942ع ۾ ٻڌائي وئي. اُن کان پوءِ نوجوان ڳڀرو کي 21 جنوري 1943ع ۾ بغاوت جي ڪيس ۾ ڦاسي ڏني وئي. هي اُهي ڏينهن هئا جڏهن شهيد سورهيه بادشاهه تي به حيدرآباد جيل ۾ ڪورٽ مارشالا تحت مقدمو هلي رهيو هو. شهيد سورهيه بادشاهه کي ٺيڪ ٻه مهينا بعد ڦاسي ڏني وئي، پر افسوس شهيد جو جسد خاڪي وارثن حوالي نه ڪيو ويو. هندستان ۾ هيمون ڪالاڻي جي ياد ۾ 18 آڪٽوبر 1983ع ۾ يادگار ٽڪلي جاري ڪئي وئي. اُن کان علاوه لوڪ سڀا ۾ هيمون جو يادگار مجسمو به جوڙيو ويو ـ

No comments:

Post a Comment