Friday, October 17, 2014

Profile of Syed Hassam-ud-Din Rashidi

Syed Hassam-ud-Din Rashidi
سيد حسام الدين راشدي 20 سيپٽمبر 1911ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي نهايت خوبصورت ڳوٺ ”بهمڻ“ ۾ ڄائو، پير علي محمد راشدي ۽ سيد حسام الدين راشدي ڪنهن به اسڪول يا ڪاليج ۾ ڪڏهن به نه پڙهيا هئا، پوءِ به ٻئي ڀائر دنيا جي ڏاهن ۽ اسڪالرن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا، پير صاحب جي دور ۾ هڪ عامل پاران سنڌي ماڻهن تي ٿيل ظلم جا داستان بيان ٿيل آهن، پير صاحب کي فخر آهي ته هن تاريخي ڪتاب ۾ سنڌ جي سياسي انتظامي ۽ ملڪي واقعن کان علاوه جغرافيائي ۽ اقتصادي حالتون تفصيل سان بيان ڪيل آهن، هن ڪتاب بابت پير صاحب پاڻ لکي ٿو ته: ”جنهن تاريخي ڪتاب (تاريخ مظهر شاهه جهاني) جو قيمتي نسخو گذريل ٽن سو سالن ۾ ڪنهن کي ملي نه سگهيو، خود سر هينري ايليٽ جهڙو باوسائل مستشرق به ان جي زيارت کان محروم رهيو. جنهن پنهنجي ڪتاب ”تاريخ هند“ کي تالف ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪتابن گڏ ڪرڻ واري مهم ۾ سڄي هندستان ۽ يورپ جا ڪتب خانا تلاش ڪيا هئا.“ اردو ۽ فارسي جا بيشمار اسڪالر لکن ٿا ته سيد صاحب جڏهن پنهنجي وطن سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪندو هو. يا وري ڪا راءِ ڏيندو هو، ته سندس اکين ۾ خوشيءَ وچان، خاص قسم جي چمڪ اچي ويندي هئي، فارسيءَ ۾ 25 وڏا ڪتاب ايڊٽ ڪيائين، ڪتاب اهي ايڊٽ ڪيائين، جن جو تعلق سنڌ سان هو، سنڌ جي نالي تي فارسي ۾ ايترو ڪم ڪيائين جو 6 مارچ 1947ع ۾ ايراني سرڪار، دنيا جي ڏهن عالمي اسڪالرن کي تهران يونيورسٽي طرفان ڊاڪٽريٽ جي اعليٰ ڊگري واري اعزاز سان نوازيو. انهن ڏهن خوش نصيبن ۾ پير حسام الدين جو نالو به شامل هو. 1961ع ۾ ايوب خان، پير صاحب کي ستاره امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پر پير صاحب هڪ آمر کان اهڙو اعزاز وٺڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن جمهوريت کي يرغمال بڻائي عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪئي هئي، سنڌيءَ ۾ وڏي محنت ۽ ڪٺن جفاڪشي سان ٻارنهن ڪتاب لکيائين، اردوءَ ۾ پنج ڪتاب لکيائين. ان کان سواءِ سنڌي، اردو ۽ فارسي ۾ سوين مضمون ۽ مقالا تحرير ڪري، پوري هندستان عجم کي پنهنجي لکڻين جو محور بڻايائين، زندگي جا آخري پنج سال ڪينسر جي موذي مرض ۾ سڙندي ۽ ڪنجهندي گذاريائين. آخري ڏينهن ۾ سنڌي ادب جي تاريخ لکڻ جي تمنا هئس، انهن آخرين ڏينهن ۾ سنڌ جي تاريخ جو اهم ڪتاب ”تاريخ رشيدي“ ايڊٽ ڪري رهيا هئا، پر زندگي پنهنجي بيوفائي تي لهي آئي، آخرڪار پهرين اپريل 1982ع ۾ تاريخ جي هن ادنيٰ خادم پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. کيس سندس وصيت موجب قومي قبرستان ”مڪلي“ ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي احاطي ۽ سنڌ جي سپوت شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ڀرسان دفنايو ويو، جيترو وقت جيئرو هو، مڪلي جي شهيدن بزرگن ۽ سورمن جي شاندار تاريخ رقم ڪندو رهيو ۽ مرڻ کان پوءِ به پنهنجي جسد خاڪيءَ کي انهن سان گڏ رکرايائين ـ

No comments:

Post a Comment