Friday, January 16, 2015

Profile of G M Syed

جي ايم سيد (1904ع - 1995ع) شهيد مخدوم بلاول جي خليفي سيد حيدر شاه سنائي جي نسل مان 17 جنوري 1904ع تي سن ۾ سيد محمد هاشم جي گهر سيد غلام مرتضى شاه المعروف جي ايم سيد جو جنم ٿيو. ‏ جي ايم سيد شروعاتي سنڌي، ماستر ڌرمداس، ماستر ريوا چند ۽ ماستر وسڻ مل وٽ پڙهيو، عربي ۽ فارسي جي تعليم محمد هاشم سنائي مولوي محمد صالح سيال ۽ اله بخش دادويءَ کان حاصل ڪيائين قرآن شريف آخوند ميان سمن ميمڻ وٽ پڙهيو ۽ انگريزي حامد علي هالائي کان سکيائين. مٽياري سيدن جو هي ڪامل سپوت هڪ ئي وقت سياستدان، سماجي ورڪر، اديب، عاشق، مفڪر، فلسفي، صوفي، تعليمي ماهر ۽ منتظم هو. مطلب تھ سندس شخصيت جا ڪيترا ئي رخ آهن ـ
 جي ايم سيد سياست کان سواءِ عام سماجي ڀلائيءَ ڀلائي جا ڪم پڻ ڪيا. 1920ع ڌاري، يعني 16 سال جي ڄمار ۾ خلافت ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ حڪيم معين الدين کنيارين واري سان گڏجي شريڪ ٿيو. جنهن کان هڪ مهينو پوءِ سن ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي صدارت ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ڪيائين. 1924ع ۾ انجمن سادات مٽياريءَ جو بنياد وڌائين. 1925ع تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو رڪن ۽ پوءِ صدر بڻيو. 1929ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جو وائس پريزيڊنٽ ۽ ڪجه وقت لاءِ پريزيڊنٽ پڻ چونڊجو. ان عرصي ۾ ڪيترائي عام ڀلائي جا ڪم پڻ ڪندو رھيو. جن ۾ غريب شاگردن ۾ تعليم عام ڪرڻ، رستا ۽ اسپتالون ٺهرائڻ، سن اسٽيشن تائين پڪو رستو ٺهرائڻ، زنانا ۽ مرداڻا اسڪول کولڻ، ڪراچي کان ڪوٽڙي ۽ ڪوٽڙي کان منگهي پير تائين پڪا رستا ٺهرائڻ ۽ ڪراچي جي لوڪل بورڊ عمارت ٺهرائڻ شامل آهن. 1930ع ۾ ميرپورخاص ۾ دوستن سان گڏجي هاري ڪاميٽي جو بنياد رکيائين. 1937ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ 1938ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. 1940ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي مجلس عامله جو رڪن بڻايو ويو. 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبلي‏ءَ مان پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪرايائين. جناح سان اصولي اختلاف ڪرڻ ڪري مسلم ليگ مان خارج ڪيو ويو ـ 
ان کان پوءِ عوامي پارٽي ۽ عوامي محاذ جوڙيائون. 1955ع ۾ ون يونٽ ٺهيو ته ان خلاف جدوجهد جي جرم ۾ کين گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. 1956ع ۾ اوله پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 10 آڪٽوبر 1958ع جي مارشل لا ۾ کين گرفتار ڪيو ويو. جي ايم سيد شروع کان وٺي هر پليٽ فارم تي سنڌ جي مفاد کي مقدم رکيو. پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ ۽ سنڌين جي صورتحال وڌيڪ ابتر ٿيندو محسوس ڪندي ”جيئي سنڌ“ جو نعرو اختيار ڪيائين. 4 مارچ 1972ع تي ”سنڌوديش“ لاءِ جدوجهد جو اعلان ڪيائين ۽ جيئي سنڌ محاذ نالي نئين پارٽي جو بنياد پيو. جي ايم سيد جي تحريرن ۽ تقريرن نئين نسل ۾ سنڌ لاءِ لازوال محبت پيدا ڪئي. شاگرد ۽ نوجوان وٽس پتنگن وانگر گڏ ٿي ويا. تعليمي لوڪل بورڊ مانجهند واري زماني ۾ محال مانجهند جو تعليمي پروگرام جوڙيائون. 1940ع ۾ سنڌ جا وزير تعليم ٿيا ته ”سنڌ يونيورسٽي“ جي قيام لاءِ ڪاميٽي مقرر ڪيائون ۽ ”سينٽرل ايڊوائيزري بورڊ آف ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر“ قائم ڪيائون. بعد ان کي خودمختيار ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي حيثيت ڏياريائون. ‏مصروف سياسي ۽ سماجي زندگي مان مطالعي ۽ لکڻ لاءِ باقائده وقت ڪڍندو هو. سندن لائبرري سنڌ جي شاندار ڪتب خانن ۾ شمار ٿئي ٿي. پاڻ مذهب، تصوف، سياست، تاريخ، جاگرافي ۽ شخصيات سميت مختلف موضوعن تي 60 کان وڌيڪ ڪتاب لکيائون. پهريون ڀيرو ”پيغام لطيف“ لکي شاه لطيف ڀٽائي جي شاعري جا انيڪ نوان رخ سامهون آندائين. سندن اهم ڪتابن ۾ پيغام لطيف، خطبات سيد، پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني، ديار دل داستان محبت، جيئن ڏٺو آهي مون، سنڌوديش ڇو ۽ ڇا لاءِ، جديد سياست جا نو رتن، سنڌو جي ساڃاه، جنب گذاريم جن سين، رهاڻ، پاڪستان هاڻ ٽٽڻ گهرجي، رهاڻ ۽ ساهڙ جا سينگار وغيره شامل آهن. سندن اڪثر ڪتابن تي سرڪار بندش هڻي ڇڏي هئي. ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ سندن آخري تصنيف آهي ـ
جي ايم سيد ھڪ صوفي هو. مذهبي تنگ نظريءَ جو مخالف ۽ تصوف جو پرچارڪ هو. سنڌي ثقافت ۽ راڳ توڙي موسيقيءَ جو ڀرجهلو هو. سندن خيال هو ته سنڌ جي صوفين وٽ عالمي امن ۽ ترقيءَ لاءِ هڪ عالمگير پيغام موجود آهي. جنهن کي منظم نموني ڦهلائڻ جي ضرورت آهي. ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جو قيام ۽ سن ۾ ٿيندڙ ڪچهريون، جتي سيد دنيا جي هر موضوع تي ڳالهائيندو هو. جي ايم سيد صوفي روايت جو ڪامل امين هو. ”ديار دل داستان محبت“ ۽ ”جيئن ڏٺو آهي مون“ عشق ۽ تصوف جي موضوع تي سندن مستند تصنيفون آهن ـ
ھو پنهنجي ايڪانوي سال ڊگھي ڄمارَ ۾ ٽيهن سالن کان وڌيڪ عرصي لاءِ جيل يا نظربنديءَ ۾ رهيو. هن جو پرچار ھو تھ سنڌ هزارين سال قديم ثقافت جي مالڪ آھي، جنھن کي آزاد ملڪ رھڻ جو حق حاصل ھوڻ گھرجي ۽ سنڌ کي هڪ آزاد، سيڪيولر، سوشلسٽ ۽ انسان دوست ديس بڻجڻ گھرجي. 25 اپريل 1995ع تي جي ايم سيد وفات ڪري ويو پر سندس پيغام اڄ به سڄي دنيا جي سنڌين لاءِ مشعل راه آهي ـ
سائين جي ايم سيد، پنهنجي ذات م هڪ اڻ کٽ هستي آهن، سائين جي ايم سيد پنهنجي وجود ۾ لامحدود آهن. بيشڪ سائين جي ايم سيد جو محور سنڌ رهي آهي پر سائين جي ايم سيد مظهر ڪائنات آهي ۽ سندس مدار سڄي عالم انسانيت آهي. سائين جي ايم سيد جو فڪر ۽ پيغام سڄي عالم لاءِ راه نجات آهي . سائين جي ايم سيد جو فڪر سنڌ جي هزارن سالن جي تهذيب ۽ تمدن جو فطري نچوڙ آهي، جنهن کي آفاقي شاعر شاه عبدالطيف ڀٽائي پَرکيو هئو ۽َ سائين جي ايم سيد ان ساڳي فڪر ۽ پيغام کي  رکيو. اهو پيغام مذهبي، نسلي، لساني،قومي، گروهي، فرقيوارنه تضادن ۽ ڇڪتاڻن جو حل آهي ، جنهن لا سڄي عالم انسانيت واجها ئي رهي آهي، جيڪو سنڌ ڌرتي جي هزارن سالن کان تهذيب بڻجي رهيو آهي ۽ سنڌ جي صوفين، ملنگن ، مستن، درويشن ۽ عام ماڻهن جو ڪامل ايمان ٿي رهيو آهي، سائين جي ايم سيد وٽ سنڌوديش ذريعي سڄي عالم انسانيت لاءِ اهو فڪر ۽ پيغام آهي ـ

No comments:

Post a Comment