سنڌي ڊرامن توڙي فلمن ۾ امڙ جو لقب ماڻيندڙ اداڪاره اها روشن عطا ئي هئي، جنهن کي سنڌ جو ننڍو توڙي وڏو ”امڙ“ چئي پڪاريندو هو. هن سنڌي فلم ممتا توڙي ڪي ٽي اين جي ٽيلي فلم درياءَ پار ۾ ۾ سدوري جي ماءُ جو ڪردار ڪري پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو. هن سنڌي فلم ”فيصلو ضمير جو“ ۾ بيگم نصرت ڀٽو جو ڪردار ڪري پنهنجو پاڻ کي امڙ جي ڪردارن لاءِ ڄڻ وقف ڪري ڇڏيو هجي. هر پروڊيوسر ۽ فلم ساز کي جڏهن امڙ جي ڪاسٽ سامهون ايندي هئي ته، روشن عطا جو ڪردار انهن لاءِ لازم بڻجي ويندو هوـاداڪاره روشن عطا 1940ع ۾ آغا دلمراد جي گهر ۾ شڪارپور ۾ اک کولي. هن جي والده ڊاڪٽرياڻي فيروز جان 1990ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ننڍپڻ ۾ هن جو پورو خاندان سعودي عرب شفٽ ٿي ويو هو، هن جي عمر ان وقت 7 سال هئي. هي اتي 6 سال رهي ۽ هن 6 حج به ڪيا. 16 سالن جي عمر ۾ هن جي شادي ماسات عطا محمد سان 1958ع ۾ ٿي، ان مان هن کي 8 ٻارن جو اولاد ٿيو پر مختلف وقتن تي هن جا 5 ٻار خدا کي پيارا ٿي ويا، جن مان هڪ ڌيءَ شگفته پاڻ پي ٽي وي تي ڪم ڪندي آهي، روشن عطا جو هڪ پٽ آمريڪا ۾ رهي ٿو، هڪ پٽ ڪراچي ۾ رهندو آهي. مرحومه روشن عطا تي پيءُ شهزادي نالو رکيو هو ۽ سندس والده هن تي روشن نالو رکيو. مرحومه ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي ـ
ميڊم روشن عطا ريڊيو پاڪستان تي شروع وارن ڏينهن ۾ برقو پائي ايندي هئي، جڏهن ته هن جا مٽ مائٽ تمام گهڻي مخالفت ڪندا هئا، ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ تي سندس مڙس جي کيس اجازت هئي. هن اسٽيج ڊراما به ڪيا، انهن جي ڊائريڪشن ڏني ۽ ڪجهه ڊراما لکيا به. اداڪاره روشن عطا 1964ع کان فني سفر جي شروعات ريڊيو پاڪستان کان ڪئي. پوءِ هن سنڌي فلم ”ڌرتي دل وارن جي“ ۽ بعد ۾ سنڌي فلم ”فيصلو ضمير جو“ ۾ هن نصرت ڀٽو جو رول ادا ڪيو. هن جن سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو انهن ۾ ڌرتي لال ڪنوار، ڌرتي ۽ آڪاش، حاضر سائين، رت ۽ اجرڪ، اُميد، ڦل ماڇي، طوفان گهونگهٽ لاءِ ڪنوار، مورک ۽ ٻيون شامل آهن، جڏهن ته جن ڊرامن ۾ هن اداڪاري ڪئي، انهن ۾ گامون سچار، گهر ڀاتي، آس، زندگي اولڙا، بُري هن ڀنڀور ۾، جياپو، ماروي جنگل، تپش، چار مسافر، سير سوا سير ۽ ٻيا شامل آهن. سندس زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا ڪسمپرسيءَ وارا گذريا. هن جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس مڙس عطا محمد به 24 جنوري 2013ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. جڏهن ته روشن عطا 30 مارچ 2011ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو ـ
No comments:
Post a Comment