حفيظ قريشي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد بي اي پڙهڻ لاءِ ممبئي ويو، جتي سندس ملاقات برک دانشور پروفيسر ڪرار حسين سان ٿي. جنهن جو اثر هين غالب ۽ اقبال جي فڪري اڏام ۽ شاعر رمزن کان آگاھ ٿيو، پروفيسر ڪرار حسين جي صحبت ۾ علامه عنايت الله مشرقيءَ جي خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو، ممبئي مان بي اي ڪري اچڻ کانپوءِ ڪراچي لا ڪاليج مان ايل ايل بي ڪرڻ سان گڏ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ استاد طور پڙهائڻ شروع ڪيائين ـ
حفيظ قريشي ايل ايل بي جي تعليم مڪمل ڪري، ماستري ڇڏي آرام باغ وٽ آفيس قائم ڪري وڪالت ڪرڻ لڳو، 1958ع ۾ کيس لطيف سان شناسائي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪرائي، فيلڊ مارشل ايوب خان جي مارشل لاءِ جو زمانو هو ڪراچي کان حيدرآباد سفر دوران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان ٽرين ۾ ملاقات ٿي، جنهن غلاب ۽ علامه اقبال سان سندس چاھ ڏسي کيس لطيف شناسيءَ کان آگاهي ڏني، اڳتي هلي جي ايم سيد کان به لطيف شناسي حاصل ڪيائين ۽ سڄي زندگي لطيفي رنگ مٿس چڙهيل رهيو، هن جي گفتگو ۽ تقريب ۾ منطق، استدلال، لطيفي لات ۽ قرآن جون آيتون، گڏجي هڪ موثر رنگ پيدا ڪنديون هيون ـ
جي ايم سيد کيس سنڌ جي ”ابوالڪلام“ لقب ڏنو، جڏهن ته هو قومي تحريڪ ۾ چاچا حفيظ قريشي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، هو قومي تحريڪ ۾ بهري وٺڻ سبب ڪيترا ڀيرا جيل ويو، بينظير ڀٽو جي پهرئين (90-1988) دور ۾ هو جي ايم سيد جي سنڌ جي دوري دوران سکر مان گرفتار ٿيو ۽ سنڌ جي مختلف جيلن ۾ رهيو، حفيظ قريشي جي جدوجهد اڌ صدي تي ٻڌل آهي، زمينداري ۽ وڪالت سندس ڪاڄ هئا پر سنڌ جو روشن آئيندو سندس نصب العين هو سائين جي ايم سيد سان بزم صوفياءِ سنڌ، ائنٽي ونيونٽ فرنٽ، سنڌ متحده محاذ رهيو، 1970ع واري ڏهاڪي ۾ رسول بخش پليجي سان گڏجي ”سنڌي عوامي تحريڪ“ ٺاهيائين، جنهن جو پاڻ صدر ۽ رسول بخش پليجو سيڪريٽري هو، پر ڪجھ اختلاف ڏسي کانئس ڌار ٿي ويو، هن جا شهيد ذوالفقار ڀٽي سان به واسطا هئا، ساڻس گڏجي سنڌ جو دورو ڪيو هئائين پر سياست سان اختلاف رکيائين جڏهن ڀٽو اقتدار ۾ آيو ته حفيظ قريشي کي وفاقي وزارت جي آڇ ڪئي ۽ چيو ويو ته کيس سنڌ جي ڪنهن تڪ تان چونڊرايو ويندو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو ـ
حفيظ قريشي 29 جولاءِ 1997ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي، کيس مخدوم عربي ڏياني شاھ دياني جي قبرستان ۾ دفنايو ويو آهي ـ
No comments:
Post a Comment