Wednesday, April 1, 2015

Profile of Mohn Faqeer Ahuja

صوفي موهن لعل پٽ پريمداس آهوجا جو تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل خالد ۾ 17 ڊسمبر 1845 تي جنم ٿيو هو. ننڍپڻ کان ئي ڳوٺ ۾ والد سان گڏ هٽ هلائيندو هو. سندس طبيعت شروعات کان ئي صوفين جي صحبت ۽ ساڌن ڄي سڪ ۾ گذاري. انهيءَ ڪري نوشهري فيروز جي نقشبندي بزرگ، شاه نصير الدين صوفي رح (وفات 1318هه = 1900ع) جو معتقد ٿيو ـ
سڄي زندگي راڳ ۽ ويراڳ ۾ صرف ڪندي، آخر عمر لاڙڪاڻي شهر جي اوڀارين طرف اوتارو (نڪيو) اڏي گذارڻ لڳو، 12 مارچ 1925ع تي سيوهڻ شريف ۾ پرلوڪ پڌاريائين. مسلمانن کيس دفنائڻ ٿي چاهيو ۽ هندن سندن ڪريا ڪرم ڪرڻ پئي گهريو. بالاخر سيوهڻ شريف ۾ سندس سماڌي جوڙي وئي ـ
سنڌي ۽ هندي زبانن ۾ سندس ڪلام ملي ٿو، جيڪو سمورو تصوف جي رنگ ۾ رتل آهي ـ

No comments:

Post a Comment