Wednesday, April 1, 2015

Profile of Masroor Panaie

محمد خان مسرور پنائيءَ جو جنم حاجي نبي بخش خان سولنگي جي ڪکن ۾ 25 آڪٽوبر 1947ع ڌاري ڳوٺ پنو سولنگي تعلقه ڀريا ضلع نوشهرو فيروز ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪيائين ان کان پوءِ پاڻ پنهنجي تعليم کي اڳتي وڌائي ايم اي سنڌي ۾ ڪيائين. 1992ع ۾ بي ايڊ سکر مان ڪيائين. پاڻ پهرئين پرائمري استاد ٿيو ان کانپوءِ سپروائيزر ايجوڪيشن ٿيو ۽ وقت کان اڳ ۾ ئي 1998ع ڌاري رٽائرمينٽ ڪيائين ـ 
مسرور پنائي هڪ انقلابي سوچ رکندڙ هڪ متحرڪ ڪردار هيو. پاڻ سنڌهاري ڪاميٽي ۾ ڪم ڪيائين. هن مقامي وڏيرن جي زيادتن خلاف هڪ منظم جدوجهد ڪئي. مقامي هارين، مزدورن، پورهيتن سان گڏجي سندن حقن جي حاصلات لاءِ تمام ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان جدوجهد ۾ پاڻ ٻه ڀيرا جيل جون صعبتون به سٺائين، هن هميشه کاٻي ڌر واري سياست ڪئي ـ
غريب، بي پهچ ۽ نادار ماڻهن سان گڏجي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وقت جي جابرن سان مهاڏو اٽڪايائين. پاڻ هڪ سماج سڌارڪ، استاد، خوبصورت شاعر هئڻ سان گڏ سريلي آواز جو مالڪ پڻ هيو، سندس ڪچهري، لباس ۽ سندس باوقار شخصيت جي ڪري علائقي جا ماڻهو کيس مان ۽ مرتبو ڏيندا هئا پاڻ رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ سماجي ۽ سياسي ڪمن ۾ گهڻو مصروف رهڻ لڳو پاڻ ناظمي دور ۾ يوسي دلي پوٽا جو نائب ناظم چونڊيو ويو. هن ان پليٽ فارم تان علائقي جي غريب عوام جي خدمت ڪرڻ لڳو ـ
مسرور پنائيءَ مايوس ذهنن کي حوصلو ڏيڻ وارو انسان هيو، هن هميشه نوجوانن کي اڳتي وڌڻ لاءِ همٿايو ۽ سندن هر قدم تي رهنمائي ۽ رهبريءَ وارو ڪردار ادا ڪيو جيڪو به شخص هن سان ملندو هيو اهو ئي ان جو ٿي ويندو هيو. اهو مسرور پنائيءَ جو سٻاجهو سڀاءَ هيو. جنهن سبب ڌارين کي به پنهنجو ڪري ڇڏيندو هيو. هن ڪيترن کي نوجوانن کي روزگار سان لڳايو ۽ پنهنجي علائقي ۾ ڪيترائي ڀلائي وارا ڪم ڪيا. هي دل جو نرم ۽ ٻين جي ڏکن تي ڏکارو ٿيڻ وارو حساس ماڻهو هيو. سندس شخصيت ۾ بي مثال خوبيون هيون. هي پنهنجي دوستن سان بي انتها پيار ڪندو هو ۽ انهن سان ڏکن سکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو هيو، سندس شاعري ۽ آواز دل کي ڏاڍو وڻندا هيا، هي جنهن محفل ۾ پنهنجي شاعري ترنم ۾ ڳائيندو هيو ته ٻڌندڙن تي ماٺ جي منڊ چڙهي ويندي هئي ـ
مسرور پنائي ساهتي پرڳڻي جو اهو شاعر آهي جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال نهايت عمدي انداز سان ڪيو آهي ـ
 مسرور پنائي جي شاعريءُ ۾ ٻهراڙيءَ جي نج ٻوليءَ جي لفظن جو استعمال ٿيل آهي. سندس شاعري سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد جڳھ والاري ٿي. سنڌي شاعريءَ ۾ گيت جي صنف تي طبع آزمائي ڪندڙ شاعرن جو هڪ وڏو انگ موجود آهي جن ۾ بردو سنڌي، استاد بخاري، مير محمد پيرزادو ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن. انهن ۾ سائين مسرور پنائيءَ کي به ان صف ۾ ڳڻيو وڃي ٿو سندس گيتن جي شاعريءَ ۾ ڳوٺاڻيءَ ٻوليءَ جو حسن، ٺيٺ سنڌي لفظن جو استعمال، تشبيهون، استعارا ۽ اصطلاح سنڌي سماج جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. هي اُهي شاعر آهن جن سنڌي ٻوليءَ جي جهول ۾ لفظن جا گُل ججهي مقدار ۾ ڀريا آهن. مسرور پنائيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ خيالن جو عڪس اهڙيءَ طرح چٽيندو هو ڄڻ هو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي انهن حالتن جي لفظن اندر ويڊيو فلم ڏيکاريندو هجي ـ
مسرور پنائي جي شاعري ۾ ڳوٺاڻي ماحول جو اهو عڪس آهي جنهن ۾ سنڌ جي سونهن، فطرتي حسن، فصلن، موسمن، گسن، گاهن جا تمثيلي پوئٽريٽ چٽيل لڳن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ اجائي لفاظي ۽ لفظن جو بي جاءِ استعمال بلڪل نٿو ملي. سندس ٻوليءَ ۾ پهاڪا، سونڻ ساٺ، جذبن جا لاها چاڙها، وهم، وسوسا، روايتون ۽ منظرن جون تازگيون ججهي انداز ۾ ملن ٿيون جنهن لاءِ سندس سرجيل هي سٽون آهن ته:
پيهن تي ٿيون اجرڪ ڇانئون، توکي ساريان چونڊيان سانئون
بوڙينڊن جي لهرن لوڙهيون، دوريون ڪري وئين دنگ اوجاني
تولئه اٻاڻڪا لنگھ ـ
مسرور پنائي پنهنجي شاعريءَ ۾ غزل، گيت، وائي، ٽيڙو، قطعا، آزاد نظم، چوسٽا، بيت ۽ نظم وغيره مطلب ته هن شاعريءَ جي سڀني صنفن تي تمام سٺو لکيو آهي پر سندس گيتن ۾ تمام گهڻو رس چس ملي ٿو ـ 
مسرور هڪ بهادر، سچو، کرو ۽ بلند ڪردار وارو ساٿي هو سندس شاعري سنڌي ادب ۾ پنهنجو هڪ منفرد مقام رکي ٿي سندس شخصيت جا ڪيترائي پاسا آهن پاڻ محنت ڪش، پورهيت ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ حساس ماڻهو هيو. هي آڪٽوبر 1995ع جي ڳالھ آهي ته ممتاز آڊيٽوريم حيدرآباد جي هال ۾ هڪ اخبار جي رونمائي تقريب هئي جنهن ۾ هن سڄي پروگرام جي ڪاروائي هلائي ۽ وقت به وقت پنهنجا شعر ۽ گيت ترنم ۾ ٻڌائي سامعين کان خوب داد ورتائين ـ
هي جوشيلي انداز ۾ پنهنجا شعر نغمگيءَ سان پيش ڪندو رهيو ۽ انهيءَ دوران اسٽيج تي ئي هن کي دل جو دورو پئجي ويو ۽ کيس تڙ تڪڙ ۾ ديوان مشتاق ۾ داخل ڪيو ويو ان کان پوءِ هي صحتياب ٿي ڳوٺ پهتو پر دل جو لڳل مرض هن کان پري نه ٿيو، 5 جولاءِ 2004 تي سائين جماالدين مومن جي ورسي نيو جتوئي ۾ ملهائي وئي ان ۾ سڄي سنڌ مان اديب، شاعر ۽ علم دوست هن ميڙاڪي ۾ شريڪ ٿيا سائين مسرور پنائيءَ به ان تقريب ۾ موجود هيو انهن ڏينهن ۾ حافظ محمد بخش خاصخيلي ڪينسر جي موذي مرض ۾ ورتل هوندي به پروگرام ۾ شامل ٿيو ۽ سڄي پنڊال جي پرزور اصرار تي سائين مسرور پنائي کان گيت ٻڌڻ جو مطالبو ٿيو سائين اسٽيج تي اچي پنهنجي پرسوز آواز ۾ گيت چيو:
هيکل هيکل روز منجهند جو ڪنهن جي قبر تي ويندين آهين
روئي روئي ڀورا ڀورا ڇيهون ڇيهون ٿيندي آهين ـ
گيت چوڻ دوران کيس دل جي تڪليف وڌي وئي کيس گيت اڌ ۾ ڇڏڻو پيو ۽ پوءِ وزير فرهاد سولنگي کي اچي چيائين ته گيت کي جتي ڇڏي آيو آهيان اتان وڃي ٻڌاءِ. مسرور پنائيءَ کي سندس نوجوان پٽ خالد مسرور جي جوانيءَ واري موت ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو هو ۽ هي ان جي وڇوڙي کي دل جو روڳ بنائي ويٺو ۽ اڪثر پنهنجي پٽ جي جدائي ۾ ويٺو نيرون وهائيندو هو، 8 آگسٽ 2004ع ڀريا ۾ تعلقه ناظم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ اجلاس دوران کيس سوا ڏهين وڳي دل جو دورو پيو جنهن ۾ پاڻ بچائي نه سگهيو ۽ پنهنجي دوستن، مٽن مائٽن کي جدائي جو گهاءُ ڏئي مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرام ٿيو ـ 
مسرور پنائي هرفن مولا هو پاڻ هڪ استاد، ٻوليءَ جو ڄاڻو، سگهڙ، قومي اڳواڻ ، اديب، نقاد، منتظم، راڳ جو ڄاڻون ۽ بهترين شاعر هيو، مسرور پنائي پنهنجي دور ۾ تمام گهڻي غربت به ڏٺي ۽ پاڻ هڪ پورهيت واري زندگي به گذاري پاڻ سٺو رازو، درزي، واڌو، مڃن جو واڻ ٺاهيندڙ ڪاريگر هيو. مسرور جي زندگيءَ جي وڏي خواهش هئي ته سندس شاعريءَ جو ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿئي پر اهو ڪتاب بائينڊنگ جي مرحلي ۾ هيو ته سندس انتقال ٿي ويو. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ” زندگي ماڪ ڦڙا “ سندس چاليھي جي موقعي تي پڌرو ٿيو سندس ڪتاب جي رونمائي تقريب ۾ سنڌ جا ناليوارا اديب، شاعر، دانشور، سگهڙ، استاد ۽ سندس چاهيندڙ شريڪ ٿيا جن ۾ تاج جويو، راشد مورائي، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، رکيل مورائي، عبدالغفار صديقي، سڪندر ملاح، اسد سولنگي، گل مورو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا ـ

No comments:

Post a Comment