محمد مسخري کي ٽن پٽن جو اولاد آهي، سندس هڪ پٽ غلام علي لغاري، ٻيو غلام رسول لغاري ۽ ٽيون پٽ غلام مصطفيٰ لغاري آهن ـ
محمد فقير مسخري سنڌي ست درجا تعليم حاصل ڪئي، سنڌ اڳوڻو سينئر وزير تعليم پير مظهر الحق پڻ سندس ڪلاس فيلو هئو، محمد فقير مسخري فن جي شروعات 1944ع ۾ ڪئي ۽ 28 فيبروري 1985ع ۾ دم جي تڪليف سبب وفات ڪري ويو، هن ريڊيو پاڪستان تي سيد صالح محمد شاھ جي ميزباني هيٺ پروگرام فتح خان جي ڪچهري سان پير پاتو، بعد ۾ ٽي وي تي پڻ جلوا افروز ٿيو ـ
محمد فقير مخري کي سندس فني خدمتن جي اعتراف خور اڳوڻي گورنر 12 ايڪڙ زمين ڏني، جڏهن کيس لطيف ايوارڊ، شهباز ايوارڊ سميت اڳوڻي وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي پاران سندس وظيفو به شروع ڪرايو ويو هو ـ
No comments:
Post a Comment