صادق فقير حيدرآباد ريڊيو پاڪستان تي ڀٽائي جو پهريون ڪلام ”مٿي ڙي پنڌڙو ڪرايو پيرن کي ڪهڙو ڏوھ ڏيان، پنهنجي ڏيرن کي“ شاھ لطيف ڀٽائي رحه جي وائي هن بنا آڊيشن جي رڪارڊ ڪرائي هئي، هو ڌنون پاڻ ٺاهيندو هو، راڳ ۾ استاد سندس مامو حسين فقير هو ۽ مٺي ڪاليج ۾ ليب اسسٽنٽ ڪريم فقير پڪواز وڄائيندو هو، صادق فقير پنهنجي طبعت ۽ مزاج ۾ ماٺيڻو، صوفي منش ۽ فقير صفت انسان هيو، هو ٻين ڪيترئن ئي راڳين وانگر لالچي نه هيو، هن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي جن جو مظاهرو ڪري سنڌ ڻ سنڌ جي شاعرن جو نالو روشن ڪيو ۽ مڃتا ماڻي ـ
صادق فقير جيڪو عمري جي سعادت ماڻڻ لاءِ پنهنجي خاندان سوڌو ڀلي پار ويل هو جيڪو 26 فيبروري جي ڏينهن سعودي عرب جي مڪي شريف ۾ عرفات جي زيارت ڪري واپس وين ۾ پنهنجي ڪٽنب سميت اچي رهيو هو ته وين جو ٽائر اوچتو برسٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ حادثي جو شڪار ٿي ويو، انهيءَ حادثي ۾ فقير جي زال شميم ۽ سندس سالو پڻ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته وين ۾ موجود صادق فقير جا ٽي پٽ نزاڪت علي، رضا علي، راحت علي ۽ سندس ڌيءُ محفوظ رهيا ـ
صادق فقير 24 فيبروري تي سعودي روانگي کان اڳ فيس بُڪ تي هڪ پيغام ڇڏي ويو، جنهن ۾ هن لکيو ته سعودي عرب عمري لاءِ وڃي رهيو آهيان، يار ۽ دوست منهنجي سلامتي سان سنڌ واپسي جي دعا ڪن پر اهو سندس آخري پيغام ئي هو ـ
No comments:
Post a Comment