Sunday, April 5, 2015

Profile of Anwar Solangi

انور سولنگي ٽي وي، فلم، اسٽيج ۽ ريڊيو جو مشهور ۽ معروف اداڪار هو، انور سولنگي جو جنم 1944ع ڌاري شهدادپور ۾ ٿيو. جتان پوءِ سندس خاندان حيدرآباد منتقل ٿيو. ريڊيو تي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1970ع ۾ ڪيائين، پر سندس مشهوري 1974ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي ڊرامن جي ڪري ٿي. هو پاڪستان جي انهن چند سينيئر اداڪارن ۾ شامل ٿئي ٿو، جن کي پنهنجي ڪردار جي سانچي ۾ گهڙڻ ايندو هو ـ
انور سولنگي ٽي وي، ريڊيو ۽ اسٽيج جي 500 کان وڌيڪ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو . جن ۾ سنڌي ۽ اردو ڊراما شامل آهن . انور سولنگي جي مقبول ڊرامن ۾ ” راني ڪي ڪهاني “ ، ” ڇوٽي سي دنيا “ ، ” ديوارين “ ، ” جنگل “ ، ” هوائين “، انڪوائري آفيسر، آتش، پولار، ڪونج ۽ ” ماروي “ شامل آهن ـ
انور سولنگي ۽ مشتاق جسڪاڻي جي جوڙي مزاح ۾ هڪ سڃاڻپ بڻجي وئي، انهن جي شهرت جي سبب سنڌي فلمسازن به کين پنهنجي سنڌي ۽ اردو فلمن ۾ موقعو فراهم ڪيو. انور سولنگي ۽ مشتاق جسڪاڻي جي ”ڍولڻ ۽ مکڻ خان“ واري جوڙيءَ کي مرحوم شاهه اسد سنڌي فلم ”پرو“ ۾ انهن ئي نالن سان ڪاسٽ ڪيو. اڳتي هلي انور سولنگي کي نامور هدايتڪار نذرالاسلام اردو فلم ”خواهش“ ۾ اهم رول ڏنو، جيڪو هن خوب نڀايو. گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته انور سولنگي اداڪار سان گڏوگڏ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر به هو . 2008ع ۾ سندس شاعري ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ” زهر ڀريا پيالا “ ڇپيو ـ
انور سولنگي جي اداڪاري ۾ حقيقت جا رنگ نظر ايندا هئا ۽ سندس لفظن جي ادائگي به خوب هئي. کيس ٻه دفعا پي ٽي وي جو بيسٽ ايڪٽر اوارڊ پڻ مليو. انور جي پنهنجي ڪهاڻي پاڪستان جي اڪثر فنڪارن جي ڪهاڻين کان مختلف نه هئي . فنڪارن جي قدرداني نه هجڻ ڪري هو هڪ حد تائين غير مطمئن هوندو هو، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن کيس اها خبر هجي ها ته فنڪارن سان اهڙو سلوڪ ٿو ٿئي ته هو ڪڏهن به اداڪار نه ٿئي ها. انور سولنگي 4 اپريل 2008ع تي 64 سالن جي عمر ۾ ڪراچي ۾ گذاري ويو ۽ کيس سخي حسن قبرستان ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو ـ

No comments:

Post a Comment