Friday, April 17, 2015

Profile of Sikander Soomro

سڪندر سومري 2 ڊسمبر 1952ع تي ڳوٺ حاجي خان سومري، تعلقي ميري خان، ضلعي قنبر ـ شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو، هن پرائمري تائين تعليم حاصل ڪئي، غربت سبب اڳتي پڙهي نه سگهيو، اسڪول کي خيرآباد چئي، والد سان گڏ دڪان تي سندس هٿ ونڊائيندو هو. ان بعد مزوديءَ جي سلسلي ۾ ايران ويو، جتي ڪجھ وقت پرهيو ڪيائين، پر کيس سنڌ جي اهڙي ته سڪ ستايو جو جلد ئي موٽي آيو ۽ اچي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ ڪينٽين کوليائين. اُن وقت شاگرد سياست عروج تي هئي، ڪينٽين تي روزگار دوران، قوم پرست شاگردن سان سندس ملاقاتون ٿيون ۽ انهن سان ڪچهريون ڪيائين.نوجوانن جو جذبو ڏسي سندس دل ۾ ڌرتيءَ جو درد جاڳيو ۽ هي به نوجوانن سان سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو ۽ ڪل وقتي ڪارڪن ٿي پورهيتن جي مسئلن لاءِ جاکوڙڻ لڳو، مختلف صنعتي ادارن، ڪارخانن، شگر ملن، فيڪٽرين حل لاءِ ”پورهيت سنگت“ تحريڪ وٺي رهي هئي، کيس شمسي توانائيءَ واري کاتي ۾ سرڪاري نوڪري به ملي، تڏهن به پورهيتن لاءِ هلندڙ جدوجهد کي ماٺو ٿيڻ نه ڏنائين، سرمائيندارن سان ٽڪراءِ سبب ڪيترائي ڀيرا جيل به ويو، اذيتون برداشت ڪيائين، پر ڪڏهن به نه جهڪيو ۽ نه ڪار مصلحت ڪيائين ـ 
جڏهن جيئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد پيو ته ان جي ذيلي تنظيم ”جيئي سنڌ پورهيت سنگت“ جو کيس مرڪزي عهديدار چونڊيو ويو، ڪجھ وقت بعد پورهيت سنگت ڇڏي، جيئي سنڌ متحده محاذ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ ان جو مرڪزي عهديدار ٿيو. سڪندر هڪ ئي وقت پورهيو به ڪندو هو ته سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو. سياست ۾ سرگرم هئڻ سبب مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا، کيس جسمم جي مرڪزي اڳواڻ اصغر شاھ سان گڏ گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪجھ ڏينهن کانپوءِ حيدرآباد مان سندس گرفتاري ظاهر ڪري، کيس سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو، هي جيل ۾ هو ته سندس ڪيس هلڻ شروع ۽ عدالت کيس باعزت بري ڪري ڇڏيو. هو جيئن ئي جيل جي مک درواري مان ٻاهر نڪتو ته اهلڪارن هٿان ٻيهر کنڀجي ويو ۽ ڏهن مهينن تائين تحويل ۾ رهيو، مٿس تمام گهڻو تشدد ٿيو، ڏُھ مهينا ٽارچر سيل ۾ رکڻ کانپوءِ ڪڍڻ ٿاڻي تي نواز خان زئور سان گڏ ظاهر ڪيو ويو ـ
 ٻن سال تائين جيل ڪاٽي 31 ڊسمبر 2005ع تي آزاد ٿيو. ٽارچر ٿيڻ ڪري جسماني طور ڪمزور ٿي ويو هو ۽ کيس ڪيتريون بيماريون ٿي پيون هيون، کيس راجپوتانه اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. 21 اپريل 2011ع تي سرائي قربان ۽ سندس ساٿين کي رياست بيدرديءَ سان شهيد ڪيو هو، جڏهن سڪندر جي ڪنن تي اها درد ڀري خبر پهتي ته هن جو جيءُ جُهري پيو هو، سڪندر کي سرائي ۽ روپلي جي شهادت تمام وڏو صدمو پهچايو هو، جنهن ڪري هيءُ تمام گهڻو بيمار ٿي ويو ۽ 23 اپريل 2011ع تي راجپوتانه اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو ۽ وڃي پنهنجي شهيد ساٿين سان مليو ـ

No comments:

Post a Comment