Sunday, April 26, 2015

Profile of Zulfiqar Kolachi

ذوالفقار ڪولاچي 01 جنوري 1974ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر باڊھ ڀرسان سيهڙ اسٽيشن ڳوٺ ۾ الهڏني ڪولاچيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم سيهڙ اسٽيشن جي پرائمري اسڪول مان پرائي، جنهن بعد سيهڙ وليج جي مڊل اسڪول ۾ اٺين درجي تائين پڙهيو. ڳوٺ ۾ وڌيڪ پڙهائيءَ جي سهوليت نه هئڻ ڪري ڏوڪري هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪيائين. هن انٽر جو امتحان به ڏوڪري سائنس ڪاليج مان پاس ڪيو، ان بعد ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان گريجوئيشن ڪيائين. ذوالفقار ڪولاچي تعليم مڪمل ڪري روزگار سانگي ڪراچيءَ هليو ويو، جتي مختلف مزدوريون ڪيائين. ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ دوران هن ٺيڪيداري به ڪئي، ليبر فورمين به ٿيو ۽ مزدورن جي نگراني ڪرڻ لڳو. ڪراچيءَ ۾ هن مزدورن جي حقن لاءِ ڀرپور جاکوڙيو، هن مزدورين ۾ تمام اتساھ پيدا ڪيو ۽ گڏوگڏ هن قومي فرض به بخوبي نڀايا ته گهر جي وڏي جي حيثيت سان هن گهرو ذميداريون به خوب نڀايون، ذوالفقار ڪُل وقتي ڪارڪن ته هيو ئي، پر جڏهن تنظيم جسقم مٿس ڪراچيءَ ۾ ميمبر شپ جون ذميواريون رکيون ته هن ڏينهن رات محنت ڪري، ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ وڌ کان وڌ ميمبر شپ ڪئي ـ
ذوالفقار پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ”جيئي سنڌ لطيف سنگت“ کان ڪئي، ڪاليج ۾ پڙهائيءَ دوران جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) سان لاڳاپجي ويو. هن شاگرد سياست دوران پنهنجي هڪ جدا حيثيت ٺاهي، هن شاگردن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙيو ۽ انتظاميا پاران شاگردن جي فنڊس ۾ لڳندڙ گهوٻين خلاف آواز اُٿاريو، هن ڪاليج ۾ شاگردن لاءِ الڳ لائبريري قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، ڪمپيوٽر ليب ۽ ٻين جائز سهوليتن لاءِ انتظاميا کي مجبور ڪيو، جنهنڪري مقامي سطح تي هر ماڻهو کيس عزت جي نگاھ سان ڏسندو هو، ڳُجهن ادارن جا اهلڪار ڪيتري وقت کان سندس پيڇو ڪري رهيا هئا. نيٺ 31 ڊسمبر 2005ع تي ذوالفقار ڪولاچي ۽ نواز خان زئور نوجوان شاعر امتياز دانش جي ڀاءَ جي شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته ٻولهاڙي اسٽيشن تان قانون نافذ ڪندڙ ادارن کين گرفتار ڪيو، مٿس سخت تشدد ڪيو ويو ۽ سياسي سرگرمين تان هٿ کڻڻ لاءِ زور وڌو ويو. سندن گرفتاريءَ خلاف سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ۽ مظاهرا ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن مهينن کان پوءِ گهاري ويجهو ڳوٺ سلطان آباد وٽ کيس ڇڏيو ويو، پر نواز خان زئور وٽن باندي رهيو ـ اهڙي طريقي سان هي ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ به نواز خان زئور جي آزادي لاءِ به ڀرپور تحريڪ هلائيندو رهيو، ان کان پوءِ به هو ڪيترا ڀيرا گرفتار ٿيو، اهڙي طرح قومي سياست کي ڪراچيءَ ۾ متحرڪ ڪرڻ ۾ ذوالفقار ڪولاچي تمام گهڻي محنت ڪئي ـ
آخر 5 مارچ 2011ع تي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر ۾ ويٺل هو ته مٿس دستي بم سان حملو ڪري، کيس شهيد ڪيو ويو، ساڻس گڏ گهر ۾ موجود ٻه ڀائر صدرالدين ۽ اسماعيل عرف ڏاڏو ڪولاچي به شديد زخمي ٿيا. هن موقعي تي پوليس رياست جي ونگار وهندي، ذوالفقار جي ٻن زخمي ڀائرن کي گرفتار ڪري مٿس دهشتگرديءَ جو الزام مڙهي جيل موڪلي ڇڏيو ـ سرائي قربان کهاوڙ سندس مڙھ ڪراچيءَ کان ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن کڻائي ويو، جتي هزارين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان قومي جهنڊي جو ڪفن ڏئي، کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ـ

No comments:

Post a Comment