![]() |
| Qamar-ul-Nisa Hakro |
قمرالنساءِ هڪڙو کي پهريون دفعو ريڊيو جو فني معاوضو 145 روپيا مليا هئا اداڪاره قمرالنساءَ هڪڙو هڪ ڏينهن پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تي پنهنجي ڌي کي گهمائڻ وئي اتي سندس ملاقات پروڊيوسر محمد بخش سميجو سان ٿي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن کي پي ٽي وي پاران ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ آئي اهڙي طرح هن پهريون ڊرامو 1987ع ۾ آئينو کان اداڪاري جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ پي ٽي وي جي روش، هٿين گل ميندي، سون ورنيون دليون، گهرڀاتي، نوري ڄام تماچي، ڪوئيٽا سينٽر تان تڪون، ۽ پي ٽي وي جو آخري ڊرامو دادلو ۽ ٻيا ڪيترائي ڊراما شامل آهن جڏهن ته پي ٽي وي علائقائي ايوارڊ ”گهٽن“ ڊرامي تي بهترين اداڪاري تي ڏنو ويو جڏهن ته ڪي ٽي اين تان پهريون ڊرامو گونج ۽ آخري ڊرامو ڪائنات ڪيو. ان دوران هوء بيمار ٿي پئي ۽ سندس مرضجي سڃاڻپ ڪينسر طور ٿي. ڪينسر جي موذي مرض سان اڍائي سال جهيڙيندي رهي، علاج مهانگو هئڻ ڪري هوءَ پنهنجو مڪمل علاج نه ڪرائي سگهي، 5 آپريشن مان صرف 2 آپريشن ڪرائي سگهي هئي. وڌيڪ پئسا نه هئڻ ڪري گهر ۾ لاچار ۽ بي وسي واري زندگي گذاريندي 5 نومبر 2011ع تي سندس ساهه جو سڳو ڪراچي ۾ سندس گهر ۾ ٽٽي پيو.ـ

No comments:
Post a Comment