قاضي فيض محمد سنڌ هاري تحريڪ، خاڪسار ۽ تحريڪ خلافت دوران جاکوڙ ڪندڙن مان هڪ اهم ۽ مٿبرو نالو آهي، سندس جنم 23 نومبر 1908ع تي هالاڻي (نوابشاھ) ۾ ٿيو، بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتائين، ثانوي تعليم خيرپورميرس نوشهروفيروز جي هاءِ اسڪول ۾ ورتي، 1929ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين، 1935ع ۾ بي ايس سي ۽ 1940ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪري نوابشاھ ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو، 1919ع ۾ جڏهن خلافت ۽ ڪانگريس هلچل شروع ٿي ته هي به انهيءَ ۾ حصو وٺندو هو، خيرپور ۾ پڙهڻ دوران علامه آءِ آءِ قاضي جي صحبت مان به مستفيض ٿيو، 1933ع ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو، 1942ع ۾ خاڪسار طرفان رضاڪار طور بنگال پڻ ويو، جتي ڏڪار سبب حالت خراب هئي، 1943ع ۾ مسلم ليگ جماعت ۾ شامل ٿيو، 1948ع ڌاري هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو، 1949ع ۾ پير الاهي بخش جي خالي ٿيل جاءِ تي ضمني چونڊن دوران مخالفن پاران ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي زوري گرفتار ڪرڻ واري واقعي بعد قاضي فيض محمد مسلم ليگ ڇڏي ڏنيو 1951ع ۾ قاضي فيض محمد کي سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر چونڊيو ويو، 2 سال ان عهدي تي رهيو، 1953ع جي سنڌ اسيمبلي وارين چونڊن کانپوءِ هن متحده محاذ نالي ٺاهيل پارٽي جي نوابشاھ ۾ ڪنويشن سڏائي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي صدر ۽ قاضي صاحب کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، 1954ع ۾ ون يونٽ خلاف سڄي سنڌ ۾ پرچار ڪيائين، کيس لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، اتان آزاد ٿيڻ بعد پاڻ 1955ع ۾ انگلينڊ، فرانس، جرمني، اٽلي، يونان ۽ ترڪي جو سير ڪيائين، اتان موٽڻ بعد پاڻ عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو، ڪجھ وقت اتي سيڪريٽري طور ڪم ڪرن لڳو. انهيءَ وقت حسين شهيد سهروردي پاڪستان جو وزيراعظم هو، سهروردي جڏهن عرب نيشنلزم جي خلاف ۽ ون يونٽ جي حق ۾ بيان ڏنا ته قاضي صاحب اتان به استعيفيٰ ڏئي هليو ويو، جنهن بعد پاڪستان نيشنل پارٽي ۾ ڪجھ عرصو ڪم ڪيائين، ساڳئي وقت هارين جي لاءِ به ڪم ڪندو رهيو, جڏهن سرڪار الاٽي هارين کان زمين کسي مهاجر کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته قاضي صاحب انهيءَ قدم خلاف خوب مزاحمت ڪئي، هڪ ڪانفرنس به ڪوٺائي، 1958ع ۾ ڪراچي شهر اندر هارين جي حقن جي حمايت ڪرڻ لاءِ گوليمار محلي ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس سڏائين، بعد م ڪنڊياري ۾ هارين جو ستيا گرھ ڪرايائين، جنهن ۾ ڪيترائي هاري جيل اندر ويا، 1958ع ۾ مارشل لا لاڳو ٿيڻ بعد ٻين اڳواڻن سان گڏ قاضي صاحب کي به جيل موڪليو ويو، پاڻ پنهنجي آخري وقت تائين غريب ۽ اٻوجھ عوام جي حقن لاءِ پتوڙيندو رهيو، قاضي فيض محمد هڪ مخلص، جذباتي، قومي ڪارڪنن ۽ بهترين وڪيل هو، مارشل لا واري وقت دوران پاڻ جو سڄو وقت وڪالت ڪندي گذرندو هو، قاضي صاحب خوش خلق ۽ زنده دل شخص هو، ڪلاسيڪل راڳ کان چڱي واقفيت رکندڙ هو، راڳ ۾ سندس استاد الهڏنو خان ولد لعل بخش خان نوناري هو، پاڻ ٻن ڪتابن جنسار ۽ منهنجو خواب ۽ هڪ مشهور ناول ٻاويھ سئو ٻاويھ جو خالق هو، قاضي فيض محمد 13 آڪٽوبر 1982ع ڌاري لاڏاڻو ڪري ويو ـSunday, November 16, 2014
Profile of Qazi Faiz Muhammad
قاضي فيض محمد سنڌ هاري تحريڪ، خاڪسار ۽ تحريڪ خلافت دوران جاکوڙ ڪندڙن مان هڪ اهم ۽ مٿبرو نالو آهي، سندس جنم 23 نومبر 1908ع تي هالاڻي (نوابشاھ) ۾ ٿيو، بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتائين، ثانوي تعليم خيرپورميرس نوشهروفيروز جي هاءِ اسڪول ۾ ورتي، 1929ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين، 1935ع ۾ بي ايس سي ۽ 1940ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪري نوابشاھ ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو، 1919ع ۾ جڏهن خلافت ۽ ڪانگريس هلچل شروع ٿي ته هي به انهيءَ ۾ حصو وٺندو هو، خيرپور ۾ پڙهڻ دوران علامه آءِ آءِ قاضي جي صحبت مان به مستفيض ٿيو، 1933ع ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو، 1942ع ۾ خاڪسار طرفان رضاڪار طور بنگال پڻ ويو، جتي ڏڪار سبب حالت خراب هئي، 1943ع ۾ مسلم ليگ جماعت ۾ شامل ٿيو، 1948ع ڌاري هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو، 1949ع ۾ پير الاهي بخش جي خالي ٿيل جاءِ تي ضمني چونڊن دوران مخالفن پاران ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي زوري گرفتار ڪرڻ واري واقعي بعد قاضي فيض محمد مسلم ليگ ڇڏي ڏنيو 1951ع ۾ قاضي فيض محمد کي سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر چونڊيو ويو، 2 سال ان عهدي تي رهيو، 1953ع جي سنڌ اسيمبلي وارين چونڊن کانپوءِ هن متحده محاذ نالي ٺاهيل پارٽي جي نوابشاھ ۾ ڪنويشن سڏائي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي صدر ۽ قاضي صاحب کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، 1954ع ۾ ون يونٽ خلاف سڄي سنڌ ۾ پرچار ڪيائين، کيس لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، اتان آزاد ٿيڻ بعد پاڻ 1955ع ۾ انگلينڊ، فرانس، جرمني، اٽلي، يونان ۽ ترڪي جو سير ڪيائين، اتان موٽڻ بعد پاڻ عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو، ڪجھ وقت اتي سيڪريٽري طور ڪم ڪرن لڳو. انهيءَ وقت حسين شهيد سهروردي پاڪستان جو وزيراعظم هو، سهروردي جڏهن عرب نيشنلزم جي خلاف ۽ ون يونٽ جي حق ۾ بيان ڏنا ته قاضي صاحب اتان به استعيفيٰ ڏئي هليو ويو، جنهن بعد پاڪستان نيشنل پارٽي ۾ ڪجھ عرصو ڪم ڪيائين، ساڳئي وقت هارين جي لاءِ به ڪم ڪندو رهيو, جڏهن سرڪار الاٽي هارين کان زمين کسي مهاجر کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته قاضي صاحب انهيءَ قدم خلاف خوب مزاحمت ڪئي، هڪ ڪانفرنس به ڪوٺائي، 1958ع ۾ ڪراچي شهر اندر هارين جي حقن جي حمايت ڪرڻ لاءِ گوليمار محلي ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس سڏائين، بعد م ڪنڊياري ۾ هارين جو ستيا گرھ ڪرايائين، جنهن ۾ ڪيترائي هاري جيل اندر ويا، 1958ع ۾ مارشل لا لاڳو ٿيڻ بعد ٻين اڳواڻن سان گڏ قاضي صاحب کي به جيل موڪليو ويو، پاڻ پنهنجي آخري وقت تائين غريب ۽ اٻوجھ عوام جي حقن لاءِ پتوڙيندو رهيو، قاضي فيض محمد هڪ مخلص، جذباتي، قومي ڪارڪنن ۽ بهترين وڪيل هو، مارشل لا واري وقت دوران پاڻ جو سڄو وقت وڪالت ڪندي گذرندو هو، قاضي صاحب خوش خلق ۽ زنده دل شخص هو، ڪلاسيڪل راڳ کان چڱي واقفيت رکندڙ هو، راڳ ۾ سندس استاد الهڏنو خان ولد لعل بخش خان نوناري هو، پاڻ ٻن ڪتابن جنسار ۽ منهنجو خواب ۽ هڪ مشهور ناول ٻاويھ سئو ٻاويھ جو خالق هو، قاضي فيض محمد 13 آڪٽوبر 1982ع ڌاري لاڏاڻو ڪري ويو ـ
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
ڀيرو مل، جيڪو سنڌ ۾ عام طور تي ڪاڪو ڀيرو مل جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ سنڌ جي چوٽي جي اديبن مان هڪ هو، سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر، روايات ۽ زبا...
-
Hemu Kalani هيمون ڪالاڻي جو جنم 23 مارچ 1923ع ۾ سکر ۾ ٿيو هو. سندس والد صاحب جو نالو پيسو مل هو جيڪو ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي ج...
-
Anees Ansari انيس انصاري سنڌ جو يگانو ليکڪ، افسانه نويس، شاعر ۽ محقق هو، سندس شمار سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ايل نالو الھ بخش ا...
No comments:
Post a Comment