نامياري ڪلاسيڪل ڪلاڪارَ استاد ارباب علي خان کوسي، ڳوٺ ڊگھي، تعلقي جھٽ پٽ، ضلعي جعفرآباد، بلوچستان ۾ اپريل 1922ع ڌاري هڪ زميندار بهرام خان کوسي جي گھر ۾ جنم ورتو. جيئن ته بنيادي طور تي سندس تعلق هڪ مڇي مانيءَ لائق، زميندار گهراڻي سان هو، پر سندس طبيعت ننڍپڻ کان ئي نهٺائي ۽ نماڻائيءَ طرف مائل هئي ۽ سندس سرير ۾ ٻالڪپڻي کان ئي صوفياڻيون صفتون سمايل هونديون هيون، جنهنڪري ساز توڙي آواز ٻڌڻ سان سندس من موهجي پوندو هو. سندس ڳوٺ جي چئن گھرن جي چڱن مڙسن مير اختيار خان کوسي ۽ ميرگل خان کوسي جن جي پڻ موسيقيءَ سان محبت هوندي هئي ۽ هو ٻئي شوقيه طور تي ڳائيندا پڻ هئا، جنهنڪري سندس ذاتي استعمال جا ساز سامان وٽن موجود هوندا هئا. اڳتي هلي استاد ارباب علي خان به اٽڪل ٻارنهن سالن جي عمر ۾سندس ساٿ ۾ شامل ٿي ويو ۽ موسيقيءَ جا بنيادي قاعدا توڙي قانون کانئن پڇندو ۽ پروڙيندو رهندو هو، جيڪو سلسلو لڳ ڀڳ ٽن سالن تائين جاري رهيوـاڳتي هلي استاد ارباب علي خان جڏهن پندرهن سالن جي عمر کي پهتو ۽ ٻاراڻي وهيءَ کان جوانيءَ طرف وکون وڌائڻ لڳو ته کيس راڳ جي سوچ، سمجھه ۽ سرت اچڻ لڳي ۽ هن ڪلاسيڪل راڳ اهميت ۽ افاديت کي محسوس ڪندي، ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي باقاعده سکيا وٺڻ ضروري عمل سمجھيو. انڪري هن سکيا خاطر پنهنجو گھر، تر، آرام ۽ سڪون تياڳي، 1937ع ڌاري شڪارپور سنڌ ۾ اچي پنهنجي وقت جي نامياري ڪلاسيڪل گوئيي خانصاحب استاد هادي بخش ميمڻ جي در تي سرن واسطي صدا هنئي، موٽ ۾ قدردان استاد، ارباب عليءَ ۾ اربابِ تميز، اربابِ فضيلت، اربابِ بصيرت توڙي ٻيا سمورا پوشيده گڻ پسندي، سندس سرن جي ڏنل صدا کي دل سان صدمرحبا چيو. ڪن لکتن موجب استاد ارباب علي خان لڳاتار پندرهن سال پنهنجي استاد خانصاحب هادي بخش ميمڻ جي سرپرستيءَ ۾ سرن جي مالها جپيندو رهيو، پر مٿئين بيان مان ان ڳالهه جي چٽيءَ طرح ثابتي ملي ٿي ته خانصاحب استاد هادي بخش ميمڻ پنهنجي شاگرد ارباب عليءَ کي پهرين ٽن سالن ۾ ئي ايترو ته رنڱي ڇڏيو هو، جو 1940ع ۾ شڪارپور ۾ منعقد ٿيل آل – انڊيا ڪلاسيڪل ڪانفرنس ۾ استاد ارباب علي خان کي اتفاقِ راءِ سان ’خانصاحب‘ جو خطاب ملي چڪو هو ـ
استاد ارباب علي خان اهو پهريون ماڻهو جنهن بلوچستان ۾ باقاعده ڪلاسيڪل موسيقي جو بنياد وڌو. ماضيءَ جي پولارن مان اها پڻ ثابتي ملي ٿي ته ريڊيو ڪوئٽه تي پهريون ڀيرو ڪلاسيڪل صنف ’خيال‘ پڻ استاد ارباب علي خان جي ئي آواز ۾ ريڪارڊ ٿي، نشر ٿيو. ڪن لکتن موجب ان خيال جي بندش ’راڳ ڀيم‘ تي آڌاريل هئي ۽ ان جا ٻول هئا ’ اب تو بڙي ڀيد، ڪرم ڪرو اب موري سيان……‘ پاڻ خيال، ٺمري، ترانو، دادرو، ٽپو، قوالي، ڪافي، غزل، گيت وڏي هنرمندي سان ڳائيندو هو ـ
استاد ارباب علي خان برصغير جي نامياري، پنڊتن ۽ گوين سان گڏجي محفلون پڻ مچايون، جن ۾ اوم ڪارناٿ ٺاڪر، وامن راءِ، پٽورڌن، نارائڻ داس، استاد مبارڪ علي خان، استاد مراد علي خان، خانصاحب استاد بيبو خان، خانصاحب استاد اميد علي خان، استاد بابا عاشق علي خان، خانصاحب الهڏنو خان نوناري، استاد فتح علي خان، استاد امانت علي خان، استاد سلامت علي خان، استاد نزاڪت علي خان، خانصاحب استاد منظور علي خان، شهنشاهه غزل خانصاحب مهدي حسن، استاد محمد جمن، استاد حسين بخش گلو، استاد حسين بخش ڍاٽي ۽ خانصاحب استاد خورشيد علي خان جا نالا قابلِ ذڪر آهن ـ
خانصاحب استاد ارباب علي خان جي فن جو قدر ڪندي، بلوچستان جي پنهنجي وقت جي سردار نورمحمد گولي مستقل طور تي جيڪب آباد ۾ رهڻ جي آڇ ڪندي، کيس رهائش لاءِ هڪ جاءِ پڻ ڏني، جنهن کي استاد ذاتي رهائش بجاءِ باقاعدي سنگيت جي سکيا لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ ان جڳهه ۾ موسيقيءَ جي سکيا واسطي ’ارباب علي خان آرٽس اڪيڊمي، جيڪب آباد‘ نالي سان هڪ اداري جو بنياد وڌائين، جتي پاڻ حياتي جي آخر تائين سکيا ڏيندو رهيو، جنهن اڪيڊميءَ ذريعي ڪيترائي شاگرد، استاد ارباب علي خان جي فيض سان مستفيض ٿيندا رهيا، جن ۾ استاد عبدالرزاق جمالي، استاد محمد پيرل ميرالي، بيدل مسرور، ديدار حسين سمون، اختر چنال، روبينه حيدري، گلاب راءِ، خدابخش مغيري، اڪرم مهر، سيد حامد علي شاهه، استاد عبدالغفور سومرو ۽ ٻيا شامل آهن. استاد ارباب علي خان کوسي جي سنگيت جو فيض سندس وصال کان ويهن سالن پڄاڻان اڄ ڏينهن تائين رڪيو ناهي، بلڪه هن وقت به سندس قائم ڪيل اڪيڊمي کي سندس شاگرد استاد محمد پيرل ميرالي انتهائي احسن طريقي سان هلائي رهيو آهي، جيڪو سلسلو اڄ سوڌو جاري آهي ـ
استاد ارباب علي خان جي مداحن ۾ وقت جي حڪمرانن، قائد اعظم محمد علي جناح، ذوالفقار علي ڀٽي، صدر اسڪندر مرزا، خواجه ناظم الدين، خان لياقت علي خان، نواب اڪبر بگٽي (شهيد) توڙي ٻين ڪيترن جا نالا پڻ ملن ٿا. ايتريقدر جو ورهاڱي کان اڳ جڏهن قائداعظم محمد علي جناح جيڪب آباد جو سياسي دورو ڪيو، جنهن موقعي تي جيڪب آباد جي هڪ ڪاموري مير دولت خان جي دعوت ۾ شريڪ ٿيو، ان موقعي تي دعوت کانپوءِ محفل موسيقي جو پڻ انتظام ٿيل هو، جنهن محفل ۾ استاد ارباب علي خان اهڙو ته ڳايو، جو جناح صاحب سندس گائيڪي کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ نتيجي ۾ ريڊيو ڪوئٽه جي ساليانه ڪانفرنس جي موقعي تي استاد ارباب علي خان کي خاص طور سرڪاري سطح تي دعوت ڏئي، کيس انعامن ۽ اعزازن سان نوازيائين. ان کان علاوه پهرين مئي 1987ع تي حضرت مولوي قادر بخش گولي جي درگاهه تي استاد ارباب علي خان جي فني خدمتن جو قدر ڪندي، کيس سونو تاج پارايو ويو، جڏهن ته پهرين نومبر 1990ع تي ’سنگيت آرٽس اينڊ ويلفيئر تنظيم، سبي‘ پاران سندس مان ۾ تاج پوشي ڪئي وئي ـ
استاد ارباب علي خان پنهنجي شخصيت ۾ مڪمل طور تي هڪ ملهائتو مڻيادار ماڻهو ۽ مڙني گڻائتين صفتن سان سرشارهو، هيءُ نه صرف هڪ ڪلاسيڪل ڪلاڪار هو، پر پنهنجي شخصيت ۾ هڪ مڪمل انسان پڻ هو. سنگيت جو سمنڊ سيني ۾ اوتيل هوندي به ڪڏهن هوڏ ۽ ارڏائي وارو پلٽو نه کاڌائين ۽ سدائين ماٺ ميٺ، نياز نوڙت سان پيش ايندو هو. خانصاحب استاد ارباب علي خان کوسي موسيقيءَ جي فن کي زندگيءَ جا لڳاتار سٺ سال ارپيندي 20 آڪٽوبر 1994ع تي 72 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، کيس سندس وصعيت مطابق درگاهه مولوي قادر بخش صحبت پور ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
No comments:
Post a Comment