ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ولد ٽنورمل گيانچنداڻي 3 مئي 1920ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ٻنڊي تعلقي ڏوڪري ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم چار درجا قمبر ايوي اسڪول ۾، هڪ سال لاڙڪاڻي ايوي ۽ پوءِ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾، ڇهون ۽ ستون درجو اين جي وي هاءِ اسڪول، ڪراچي، فرسٽ ييئر ۽ انٽر آرٽس ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي بي اي پارٽ ون ۽ ٽو شانتي نڪيتن ڪاليج (ڪلڪته يونيورسٽي) جيڪا رابندر ناٿ ٽئگور جي والد ديويندر ناٿ جي قائم ڪيل هئي، جتي راڳ ۽ ساز جي سکيا وٺڻ ويو، پر انقلابي ٿي موٽيو ـ ڪامريڊ کي موهن جي دڙي جو ماڻهو جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، اهڙن ماڻهن کي راج دروهي جي لقبن سان نوازيو ويندو آهي. اهڙن مرد مٿيرن جي جيون جوت گهڻو ڪري ڳنڀير، ڏک ڀري، ڀوائتي ۽ دل ڏاريندڙ هوندي آهي. اهڙن تاريخ ساز انسان کي ڳولهڻ مهل سنڌ ۾ سوڀو گيانچنداڻي ئي هر هڪ جي اکين اڳيان اچي وڃي ٿو. سندس نالو ئي هر هڪ زبان تي اڪري اچي ٿو. سوڀو نالو آهي سوڀ ماڻڻ جو، سچ ۽ حق چوڻ ٻڌڻ جو. شايد هن مهان ماڻهوءَ پنهنجي نالي جو ڀرم رکندي پنهنجي جوڀن جوانيءَ جا ڪيترائي سال، خوبصورت رنگ ڀريل ٿڌڙيون راتيون، لامحدود آسمان تي چمڪندڙ جهر مر جهر مر ستارن جي دنيا ۽ چوڏهين جي سوني چمڪندڙ چنڊ جي انڊلٺ جهڙي رنگين چانڊوڪي ڏسڻ، آزاد دنيا جي آزاد انسانن وانگر آزاديءَ سان ساهه کڻڻ، يارن دوستن ٻچڙن ۽ جيون ساٿي سان ٽهڪن ۽ مسڪراهٽن يا سندن روشن مستقبل لاءِ سوچڻ لوچڻ بدران مختلف جيلن جي چئن ديوارن، هٿڪڙين، زندان جي زنجيرن ۾ اڪيلو راڪاس ديو جهڙي ڏهڪاءَ ڀريل اونداهه ڪاري ٻوساٽ واري ماحول ۾ گذاريون. ڪنهن سان ڏک سور سلي ديوارن سان، هن پنهنجي ئي من ۾ سوال گهڙيا ۽ پاڻ کي ئي جواب ڏئي مطمئن ڪيو. سوڀي هوليون، ڏياريون، تهوار ۽ عيدون پنهجن عزيزن ۽ ڌرتي دوستن سان گلي ملي نه گذاريون پر جيلن جي ديوارن سان گهاريون ـڪامريڊ هندستان جي آزاديء واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو ۽ 1942 ع ۾ پهريون دفعو گرفتار پڻ ٿيو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي 1944ع ۾ باقاعدي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿي پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات ڪئي. ان دوران ڪامريڊ سوڀي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ عبالقادر کوکر جهڙن هاري اڳواڻن سان گڏجي هارين ۾ جاگيرداري نظام خلاف جاڳرتا پيدا ڪندو رهيو. ان جدوجهد ڪرڻ ڪري جاگيردارن جي ڀرجهلو حڪمرانن کيس 1966ع تائين ڪيترا ڀيرا جيلن ۾ بند ڪيو ۽ ڪيئي ڀيرا لاڙڪاڻي واري گهر ۾ کيس نظر بند به رکيو ويو ـ
سنڌ منهنجي ڌرتي آهي، تنهن کي ڇڏي وڃڻ جو مان سوچي به نٿو سگهان.“ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جولاءِ 1948ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان کي ڪالعدم قرار ڏئي، اُن جي سمورن اڳواڻن توڻي سرگرم ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به اُنهن مان هڪ هو. گهرو معاملن واري تڏهوڪي وزير مسٽر شهاب الدين ڪامريڊ سوڀي کي آڇ ڪئي ته: ”تون ڀارت وڃ، اسين توکي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“ ڪامريڊ سوڀي ڌرتيءَ ڄائي (Son of the Soil) هئڻ جو ثبوت ڏيندي کيس چيو: ”تون پاڪستان ۾ پناهگير آهين، مان ته سنڌ ڄائو ۽ ڪيترين ئي پيڙهين کان هتي آباد آهيان. مان سنڌ ڪيئن ڇڏيندس؟ مان سنڌ نه ڇڏيندس.“ هڪ ڪتاب ۾ ”ساروڻيون“ جي عنوان سان شامل مضمون ۾ سنڌ جو هيءُ سداچار سپوت لکي ٿو: ”منهنجي ڪاڻ سنڌ ۽ امڙ ٻئي هم معنى آهن. اڄ به مان پنهنجي امڙ جي ٿڃ پي ٻاهتر ورهين جو جوان آهيان. مان ميدان ڇڏي ڀڄندس ڪونه.“ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ پاران وقت جي حاڪمن کي اِن ريت کُتو جواب ڏيڻ سندس مَنَ جي هڪ اهڙي اُڌمي کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪو هر اُن وطن پرست محب وطن جو نه فقط وَڙُ پر ايمانُ به هوندو آهي. علي احمد بروهي لکي ٿو: ”ڪامريڊ جيل کان سڌو ڀارت وڃڻ بدران ٻي هر قسم جي سزايابيءَ کي اکين تي رکيو. هُن پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ کي ڇڏي، لڏي وڃڻ کان بنهه نابري واري. حالانڪه ڄٽن جي ڏيهه ۾ سندس ڇا حشر ٿيڻو هو، تنهن جي کيس ڀليءَ ڀت خبر هئي.“ ـ
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سوڀو صاحب اپريل 1948ع ۾ گرفتار ٿيو. هن موقعي تي تمام گهڻيون گرفتاريون ٿيون ۽ سمورا ٽريڊ يونين ليڊر ۽ ڪميونسٽ پارٽي ورڪر جيل ۾ هليا ويا، سوڀو صاحب وري لڳاتار چئن سالن بعد مارچ 1952ع ۾ فيڊرل ڪورٽ جي فيصلي عنوان سوڀو گيانچنداڻي. ڪرائون مطابق آزاد ٿيو، لڳاتار اذيت ۽ تڪليفن خراب کاڌو ملڻ سبب سوڀو صاحب بيمار ٿي پيو ـ
سال 1953ع ۾ سنڌ صوبي اندر صوبائي اسيمبلي جون چونڊون منعقد ٿيون، ڪامريڊ سوڀو سنڌي عوامي محاذ پاران اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو ورتو. ان وقت لاڙڪاڻو، دادو، نوابشاهه ۽ سانگهڙ چار ضلعا هڪ هندو تڪ هيو. ان وقت سنڌ جي جاگيردارن ۽ وڏيرن خلاف هاري ورڪرن ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي پليٽ فارم تان جدوجهد ۽ جاڳرتا شروع ٿي چڪي هئي، وڏيرن جي مقابلن ۾ غريب مزدور ۽ هارين جا نمائندا به بيهڻ لڳا هيا، سنڌي عوامي محاذ پاران 24 کن اميدوار صوبائي اسيمبلين ۾ بيٺا جڏهن ته محترم جي ايم سيد گروپ جا اٽڪل 8 اميدوار بيٺا. ڪامريڊ سوڀي جي مقابلي ۾ هڪ گبر سيٺ سيرو مل ڪرپال داس ٻيراڻي وارو پير صاحب پاڳارو ۽ مسلم ليگ جي حمايت سان بيٺو هيو. ڪامريڊ سوڀي جا لاڙڪاڻي ۾ اليڪشن نگران مولوي نذير حسين جتوئي ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ايڊووڪيٽ دوست محمد ابڙو وڪيل نبي بخش کوسو، غلام نبي کوسو هيا. جڏهن ته ڪراچي کان اڄ جا مشهور سرجن ڊاڪٽر هاشمي، ڊاڪٽر خواجه معين ۽ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جا ترقي پسند شاگرد هيا اهي به سوڀي صاحب جي ورڪ ۾ هزارين رپيا ۽ سائيڪلون کڻي پهتا، سڄي سنڌ جي هاري ورڪرن محنت ڪئي پر اليڪشن ۾ داخل 18 هزار ووٽن مان سوڀو صاحب 6 هزار ووٽ کنيا ۽ اليڪشن سرمائيدار کٽي ويا ـ
ڪميونسٽ پارٽي تي بندش پوڻ بعد وري جولائي 1954ع کان مارچ 1956ع تائين جيل ۾ رهيو. 1958ع ۾ صدر جنرل محمد ايوب خان واري مارشل لا لڳڻ بعد کيس گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ فيبروري 1959ع تائين رکيو. پوءِ شاهي قلعي لاهور جي اونداهي ڪال ڪوٺڙي ۾ مهمان رهيو، جتان لاهور هاءِ ڪورٽ کيس آزاد ڪيو. جون 1959ع کان مارچ 1964ع تائين پنهنجي ڳوٺ ٻنڊي ۾ نظر بند رهيو، جتي سرڪار هڪ اسڪول ماستر منگي کي پگهار ڏئي مٿس نظر داري لاءِ مقرر ڪيو، جڏهن هو نظر بند هيو تڏهن ان وقت جمال ابڙو صاحب ۽ تاج محمد ابڙو صاحب وٽس آيا ته ۽ گذارش ڪيائون ته هندستان ۽ چين جي وچ ۾ هلندڙ جنگ بابت وچٿرو بيان ڏيو ته اوهان کي آزادي ملي سگهي ٿي، ليڪن سوڀي صاحب کين جواب ڏيندي چيو ته ”اها بي ايماني ٿيندي اهڙي آزادي ڪو نه گهرجي“ پوءِ ان وقت جي وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي ڪوششن سان کيس آزادي ملي. جڏهن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ لڳي ته سيپٽمبر 1956ع ۾ سوڀو صاحب کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 1967ع ۾ وري آزادي ملي. هن لاڙڪاڻي لاءِ ڪاليج مان 1970ع ۾ وڪالت پاس ڪري محترم عبدالرزاق سومرو وڪيل سان وڪالت شروع ڪئي. سال 1972ع ۾ سنڌي ٻولي واري بل جي سلسلي ۾ هلچل هلي ۽ سوڀو صاحب کي لاڙڪاڻو بدر ڪيو ويو، هو مير غوث بخش خان بزنجو گورنر بلوچستان جو مهمان ٿيو ـ
ڪامريڊ سوڀو سياست سان گڏ سماجي ۽ ادبي کيتر ۾ به گهڻو ڪم ڪيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن، ڪڏهن بهار ايندو (ڪهاڻيون)، تاريخ جا وساريل ورق (ڪالم)، تاريخ ڳالهائي ٿي، وڏي وٿ هئام (ڪالم)، تاريخ بولتي هي (اردو ۾)، انقلاب ڪي موت (اردو ۾)، سنڌ ڪي انقلابي رهنما (اردو ۾) ـ
ڪامريڊ سياسي حوالي سان هڪ انقلابي اڳواڻ طور سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ جن پارٽين ۾ شامل رهيا انهن ۾ ڪانگريس، سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽي، شاگرد، مزدور ۽ هاري تحريڪ به شامل آهن ، پاڻ 2014ع ۾ تمام گهڻو بيمار رهڻ کان پوءِ سال جي پڇاڻڪي مهيني ڊسمبر جي 08 تاريخ ۾ ديهانت ڪري ويو ـ
No comments:
Post a Comment