Sunday, December 14, 2014

Profile of Malak Aagani

ملڪ آگاڻي پهرين جنوري 1951ع ۾ عطا محمد آگاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو، ملڪ جو مائٽن نالو محمد صفر رکيو ۽ اسڪولي رڪارڊ ۾ به محمد صفر ولد عطا محمد آگاڻي لکرايو. مائٽ کيس ملڪداد يا ملڪ سڏيندا هيا. تنهن ڪري سندس نالو ملڪ ئي مشهور ٿي ويو. پوءِ وري جڏهن ملڪ لکڻ شروع ڪيو ته پنهنجو نالو به ملڪ آگاڻي مقرر ڪيائين. ملڪ جو پيءُ عطا محمد جنهن کي ويڙهي وارا وڏيرو عطا محمد سڏيندا هئا. پر ملڪ کي وڏيري لفظ کان نفرت هئي. عطا محمد پنهنجي ويڙهي جو چڱو مڙس هو. تڏهن وقت جي رواج موجب پنهنجي ويڙهي جي شاديءَ، خيرات يا غميءَ جو ڀت پاڻ ورهائيندو هوـ
 بي اي پاس ڪرڻ کانپوءِ ملڪ آگاڻي ايم اي سنڌيءَ جو امتحان پاس ڪيو ۽ وري ڊبل ايم اي ڪرڻ لاءِ ايم اي سياست ۾ پاس ڪئي. ملڪ آگاڻيءَ کي لکڻ لاءِ ڪيهر شوڪت آماده ڪيو. جيڪو ملڪ آگاڻيءَ جو جگري يار هو. ڪيهر شوڪت ڪراچيءَ ۾ نوڪري سانگي رهندو هو. ڪيهر شروعات ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي لينگويج ٽيچر طور ڪم ڪيو. ملڪ آگاڻي ڪافي ڪهاڻيون لکي ورتيون هيون. جيڪي مختلف رسالن ۾ شايع ٿينديون هيون. ملڪ جي پڙهڻ جي رفتار تيز هئي. تنهن زماني عوامي تحريڪ طرفان ”تحريڪ“ رسالو حيدرآباد مان شايع ٿيندو هو ـ 
ملڪ آگاڻيءَ سنڌي عوامي تحريڪ ۾ گهڻو جٽاءُ ڪو نه ڪيو. ان وچ ۾ ملڪ مائوزي تنگ جي اردو واليمن مان ”هونان جي هاري تحريڪ“ ترجمو ڪيو. سندس ترجمي ۾ نثار آگاڻي ٻانهن ٻيلي هيو. ڪتاب ” هونان جي هاري تحريڪ“ جي نالي سان سردار پريس حيدرآباد مان ڇپيو. ملڪ آگاڻيءَ جو رسول بخش پليجي سان ان تي پهريون اختلاف ٿيو ته ملڪ جي هيتري محنت باوجود، ڪنهن ادبي دوست کي سوکڙي ڏيڻ لاءِ هڪ به ڪاپي کيس ڪو نه ڏني وئي. ويتر تنهن وقت پاڪستان جي اديبن ۾ فرانس جي جان پال سارترجي مبينه تحريڪ جو ڏاڍو اثر هيو. ته اديبن جو سياست سان ڇا وڃي، بس ادب تخليق ڪيو پاڻ کي ٺاهيو. اها هت هلايل فرضي تحريڪ هئي ـ 
ملڪ آگاڻيءَ لکڻ جي شروعات سترواري ڏهاڪي کان ڪئي هئي. ملڪ آگاڻي ڪهاڻي لکڻ بلڪ طويل ڪهاڻي لکڻ جو بادشاھ هو. جڏهن ته يورپ ۽ ٻي دنيا ۾ مختصر ڪهاڻيون لکڻ جو دور شروع ٿي چڪو هو. هڪ لفظ جي ڪهاڻي به سرجڻ شروع ٿي چڪي هئي. تڏهن ملڪ آگاڻيءَ طويل ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون.اصل ناوليٽ جيڏيون. هيمنگ جي ٻن ناولن Old man & Sea اولڊ مين اينڊ سي ۽ Sun Flower کي نوبل انعام مليا. اهي به ته ناوليٽ جيترا ناول هيا. 1985ع ۾ ڪونج پبلڪيشن لاڙڪاڻي طرفان ”برف جو تاج محل“ ڪتاب ڪريم بلوچ ۽ جيئل اوڏ جي ساٿ سان ڇيپو ان ۾ ملڪ آگاڻيءَ جي 20 صفحن جي ڪهاڻي ”روئي پئي رات“ شايع ٿي ان ڪهاڻيءَ کي ادبي حلقن ۾ ڏاڍو پسند ڪيو ويو. سنڌي ادب ۾ ناولن جي کوٽ جو هر اديب، نقاد، پٽڻو پئي پٽيو. تنهنڪري ملڪ آگاڻيءَ آڪٽوبر 1987ع ۾ سرسوتي پبليڪشن ڳوٺ آگاڻي طرفان هڪ ناول ”نيروليءَ جو ڪن“ مارڪيٽ ۾ آندو. ان ناول جو مهاڳ 28 صفحن تي ڪيهر شوڪت لکيو. ناول تي تمام گهڻي تنقيد ٿي. ”نيروليءَ جو ڪن“ جي مهورت ٿي ته ڪو به اهڙو اديب ڪو نه هو. جنهن ان تي ڇتي تنقيد نه ڪئي هجي. آخر ۾ سوڀي گيانچنداڻيءَ پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو هو ” ملڪ آگاڻيءَ“ کي ايئن ڪُٽيو ويو آهي. جيئن اٺ پتڻ تي ڪٽبو آهي“ناول تي تنقيد ان ڪري ڪئي وئي جو ان وقت قومي تحريڪ اڃا ٻاروتڻ ۾ هئي ـ 
سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومي سوچ جو درس ڏئي رهيو هو. سنڌي عوامي تحريڪ هارين نارين ۾ جاگرتا آڻڻ لاءِ ٻهراڙين ۾ ڪم ڪري رهيو هئي. سنڌ ۾ نوجوان هارين کي اڇي ڪهاڙي بجاءِ ڪتاب هٿ ۾ هو. شاگرد ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سنڌ جو ڪيس وڙهي رهيا هيا. ۽ ڳوٺن ۾ موٽي قومي شعوي اجاگر ڪري رهيا هيا. اهڙي نازڪ دور ۾ وطن دوست ڪارڪن جي خلاف لکڻ قومي تحريڪ جي پٺي ۾ خنجر هڻڻ جي برابر هو. باقي فني لحاذ کان ناول جي ٻولي ۽ ٽيڪنڪ شاندار هئي ـ
 ملڪ آگاڻيءَ پاڪستان ٽيليويزن لاءِ ڊراما به لکيا. بلڪه وقت جي نزاڪت سبب ڪيترين پنهنجن ڪهاڻين کي ڊرامائي تشڪيل، ڏئي پي ٽي وي ڏانهن موڪليا. پي ٽي تي ڊراما ٽيليڪاسٽ ڪرائڻ لاءِ ملڪ آگاڻي کي ڪيهر شوڪت جو ڀرپور ساٿ هيو. ڇو ته ڪيهر شوڪت جي پي ٽي وي جي پروڊيوسرن محمد بخش سميجو ۽ ٻين سان سٺي عليڪ سليڪ هئي. ملڪ آگاڻيءَ جو پي ٽي وي تي جڏهن شام جو ڊرامو ٽيليڪاسٽ ٿيندو هو ته ڳوٺ جي چانهه واري هوٽل تي ماڻهن جا ميڙ ٿي ويندا هئا. ملڪ آگاڻيءَ جي هڪ طويل ڪهاڻي ”وڃايل اُٺ“ هزار داستان ۾ ڇپي اها ڪهاڻي هزار داستان کان سواءِ ٻي ڪنهن رسالي ڇاپڻ جي جرائت نه ڪئي ڇو ته ڪهاڻي ٻوليءَ جي لحاظ کان اگهاڙي هئي ـ 
ملڪ آگاڻي يارن جو يار هو. عوامي تحريڪ سان بغاوت بعد، ڳوٺ جي وڏيرن جي هڪ ڌر ملڪ آگاڻي تي وڌيڪ مهربان ٿي پئي ۽ ملڪ آگاڻيءَ کان مارئي تنظيم ٺهرائي ان جو صدر ملڪ آگاڻي کي ڪري باقي سڀني عهدن تي وڏيرن پنهنجا ماڻهو رکرايا ۽ آگاڻيءَ جي وطن دوستن تي ڇتا حملا ڪرايا. يعني نانگ دشمن کان پئي مارايائون. جي نانگ مئو ته به دشمن دشمن، مئو ته به دشمن. هتانجي وطن دوست ڪارڪن پنهنجي بچاءُ ۾ هوشو سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ٺاهي مارئي تنظيم جو مقابلو ڪيو ـ 
پر وڏيرا وڏيرا ئي ٿيندا آهن. تن ملڪ آگاڻي کي به ڪو نه بخشو. ملڪ آگاڻيءَ جي مال چوري ڪرائڻ جون ڪوششون ڪرايائون پر وڏيرا ڪامياب ڪونه ٿيا ـ ملڪ آگاڻي هڪ بهترين ليکڪ، بهترين انسان، يارن جو يار ۽ بهترين سماجي ورڪر هو. ملڪ آگاڻي جي خاندان ۾ هڪ جهيڙو سندس پاڙيسري مائٽن سان هلندڙ هو. ان جهيڙي کي نبيريو به ويو هو. ڌرين ڏنڊ ڏوھ به ڀري ڏنا هئا. پر ملڪ هڪ اهڙو ارڏو انسان هيو پر ان جهيڙي کي مڪمل ختم ڪرائي نه سگهيو. وڏيرا ڪنهن چڱي ماڻهوءَ سان پاڻ نه وڙهندا آهن. پر تضاد ڳولي ٿوڻيءَ کي ٿنب ٺاهي ڀنڀور کي باھ ڏيڻ جا ماهر هوندا آهن. نيٺ ملڪ آگاڻي کي 12 نومبر 2002ع تي، رمضان مهيني جي 6 تاريخ 1423هه تي، هڪ خوني حملي ۾جوان پٽ تنوير آگاڻي سان گڏ شهيد ڪرائي ڇڏيو ـ  

No comments:

Post a Comment