Tuesday, October 7, 2014

Profile of Billu Panhwar

Billu Panhwar
شهيد بلو پنهور 1940ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تاريخي شهر بُلڙي شاھ ڪريم ۾، هڪ غريب خاندان ۾ محمد عثمان پنهور جي گهر ۾ جنم ورتو. بلو پنهور انهيءَ ئي ڳوٺ ۾ بانبڙا پائي وڏو ٿيو هو. غربت سبب علم جي سوغات کان محروم رهجي ويو. بلو پنهور جيئن ئي جوانيءَ جا ڏاڪا چڙهڻ شروع ڪيا، ته پنهنجي گهر جي چُلھ ٻارڻ خاطر هوٽل تي بيراگيريءَ جي نوڪري شروع ڪيائين ـ جيئن ته اُن دور ۾ بُلڙي ڪريم پنجابي آباديءَ جو مرڪز هوندي هُئي ۽ پنجابي جنرلن ۽ ڪنرلن جون بُلڙي ۽ آسپاس زمينون هونديون هيون، جنرل موسيٰ ۽ جنرل برقيءَ جو هتان جي ماڻهن تي وڏو ڏهڪاءَ هوندو هو ۽ انهن جا ڇاڙتا هتان جي مقامي ماڻهن کي تمام گهڻو ستائيندا به رهندا هئا. بُلڙيءَ شاھ ڪريم مُني پنجاب لڳندو هو. ون يونٽ جي ڪري سنڌي ماڻهن جي هونئن به حيثيت دٻيل هُئي. پر ڪجھ باشعور ماڻهو ون يونٽ جي اهڙي قهري ڪوٽ کي ڪيرائڻ لاءِ ڪوشان به هُئا. اهڙي طرح بُلڙي جي ڪجھ باشعور نوجوانن، هاءِ اسڪول عبدالرحيم ڪاتياري جي شاگردن، وقت جي آمر جنرل ايوب خان خلاف 21 فيبروري 1969ع تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو، جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي، پير بخش جماري، عارف ميمڻ، رسول بخش بنديجو ڪري رهيا هئا، ان سيمينار جي دعوت جيئي سنڌ جي قومي ڪارڪنن، قاسم پٿر، ابراهيم مُنشي، ڄام ساقي، مسعود قريشي، چاچي حفيظ قريشي، اقبال ترين ۽ ٻين کي ڏني وئي هُئي، پر حالتون سازگار نه هئڻ ڪري قومي دوست شرڪت نه ڪري سگهيا، باقي هاءِ اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار جا سمورا شاگد، بُلڙي جا شهري ان پروگرام ۾ ڀرپور نموني شريڪ ٿيا هئا، هن پروگرام ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ جنرل ايوب جي خلاف جذباتي انداز ۾ تقريرون ٿيون هيون ۽ ون يونٽ جي خلاف ڀرپور نفرت جو اظهار ڪيو ويو هو. پروگرام شام جو چئين بجي، جيئن پڄاڻي تي پهتو ۽ شاگرد ۽ شهري واپس وڃڻ لڳا هئا ته پنجابي بنگالي ڊاڪٽر جي پٽ صداقت هڪ شاگرد عارف کان پڇيو ته اوهان ايوب خان جي خلاف ڇو آهيو ۽ جيئي سنڌ ڇو ٿا چئو؟ تنهن تي جواب ۾ عارف وراڻيو ته ايوب هڪ آمر آهي ۽ سنڌ جي تشخص کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ اسان جو وطن آهي جنهنڪري اسان جيئي سنڌ چئون ٿا. تنهن تي اُن پنجابي صداقت، عارف کي ٿڦڙ وهائي ڪڍي، جنهن جي جواب ۾ ٻيا شاگرد به مڇرجي پيا ۽ ان پنجابي کي سوگهو ڪري ورتائون. تيستائين پنجابي بنگالي ڊاڪٽر جي مُحافظن، (جيڪي تعداد ۾ ڪُل 18 ڄڻا هُئا) انهن شاگردن مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني، هڪ ڇيرو پير بخش جماريءَ کي لڳو، جيڪو زخمي ٿي ڪري پيو. بلو پنهور ڀرسان ئي هوٽل تي ڪم ڪندو هو، جڏهن هن پنهنجي ئي ڌرتي ڌڻين کي ڌارين جي هٿان بي موت مرندي ڏٺو ته هو مينهن واچ ڪندو اچي اُتي پهتو. هن مانجهي مڙس همت ڪري، هڪ ٻن گارڊن کي دسي ڪيرائي وڌو ۽ هڪ گارڊ کان بندوق به ڦري ورتي، ته ٻئي گارڊ بندوق جا سڌا فائر بلو جي مٿان ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ بلو ٿڏي تي شهيد ٿي ويو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ ماءَ تان قربان ٿي ويو، هي بُلڙي جي تاريخ جو پهريون واقعو هو، جنهن ڪري ماڻهن ۾ دانهون، ڪوڪون پئجي ويو ۽ سڄي شهر ۾ خوف وارو ماحول طاري ٿي ويو ـ ان رات جي اٺين بجي، بي بي سي تان خبرون نشر ٿيون ۽ هن واقعي کي پوري دنيا تائين پهچڻ ۾ ڪو گهڻو وقت نه لڳو هو، ان ئي رات ڊي سي عثمان علي عيساڻي ڪجھ فوجين سان گڏ جاءِ واردات تي پهتو ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري حيدرآباد پهچايائين، ڊي سي عيساڻي بُلڙي واسين کي يقين ڏياريو ته اوهان سان انصاف ٿيندو. عيساڻي صاحب فرض شناس آفيسر هو، جنهن سٿن ڄڻن کي 7 سال ٽيپ سزا ڏياري، پر جيئن ته پنهور غريب ماڻهو هُئا ۽ سندن ڪا خاص پُٺڀرائي ڪون هئي، جنهن ڪري اُنهن غريبن کي هيسائي، جهڪائي لڳائي ورتائون ته اسان پاڻ ۾ ٺهي ويا آهيون ۽ بُلو کي گولي اتفاقي لڳي هئي، نتيجي طور ٽن سالن بعد قاتل آزاد ٿي ويا ۽ بلو جو خون به ٻين خونن وانگر لڙهي ويو ـ شهيد بلو جي آخري آرام گاھ درگاھ شاھ ڪريم جي در وٽ اُتر پاسي واقعي آهي، سندس نالي کورواھ ويندڙ روڊ ۽ چوڪ منسوب ٿيل آهن ـ

No comments:

Post a Comment