Saturday, October 4, 2014

Profile of Muzafar Bhutto


Muzafar Bhutto
ڪيترن ئي نوجوانن پنهنجي امڙ جي سينڌ جو سنڌور بچائڻ لاءِ پنهنجي رت جو تلڪ لڳايو آهي، اهڙن نوجوانن ۾ سيوهڻ ڄائو مظفر ڀٽو به هڪ آهي، جنهن تي ڌرتيءَ سان گڏ پوري قوم کي فخر آهي ـ
هن ڌرتيءَ جو لوئي ۽ لڄ جو مُحافظ مظفر ڀٽو 1970ع ڌاري سيوهڻ شهر ۾ ڄائو. پرائمري ۽ مئٽرڪ جي تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪرڻ بعد پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج دادوءَ مان انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪيائين. پاڻ ننڍي هوندي کان متحرڪ ذهن رکندڙ، قومي درد ساب آشنا نوجوان هو، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي تحريڪ، بنگال سانحي ۽ ايم. آر. ڊي جي تحريڪ هن جي ذهن ۾ سنڌ پرستيءَ جو رُوح ڦوڪڻ جو ڪم ڪيو. 1985ع ۾ سائين جي ايم سيد جي قومپرستيءَ واري فڪر کان متاثر ٿي باقاعدي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ميمبر ٿيو، پر اُن کان اڳي مقامي سطح تي ڪيترن ئي اهم معاملن ۾ سياسي سُجاڳي آڻڻ لاءِ متحرڪ ٿي ڪم ڪيائين، جيئي سنڌ قومي محاذ جي ٺهڻ بعد ان جو جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو، ۽ جيئي سنڌ پورهيت سنگت جو مرڪزي اڳواڻ به رهيو، مظفر هڪ نظرياتي ڪارڪن هو، جنهن ڪري هن سنڌ جي آزاديءَ جي پرچار ڪندي سنڌ جي نئين نسل جي ذهن ۾ آزاديءَ جو جوت جاڳائي، سندس شعوري پرچار سبب ڪيترائي نوجوان قومي قافلي ۾ ڪُڏي ڪاهي پيا ۽ اهڙا ته ڌرتيءَ جي عشق ۾ رچي ريٽا ٿيا، جو پوئتي موٽڻ مهڻو سمجهڻ لڳا ـ
مظفر ڀٽو جتي سنڌ جي ساڃاھ جي دلين جي ڌڙڪن بڻجندو ويو. اُتي هن وقت جي نام نهاد رياست جي اڳ جو ڪنڊو بڻجندو ويو، مظفر ڀٽو تنظيم سازيءَ جو تمام وڏو ماهر هو، جنهن ڪري هن تنظيم ڪاريءَ ۾ ڪيترائي اُصول ۽ ضابطا قائم ڪيا، جيڪي ڪارڪنن کان ويندي قيادت تائين سڀني کي نهايت ئي گهڻا پسند آيا، مظفر ڀٽي جڏهن ڏٺو ته هاڻي هن رياست جي اڳيان پرامن جدوجهد پنهنجي حيثيت ۽ معنيٰ وڃائي ويٺي آهي ته هن شفيع محمد برفت، سميع الله ڪلهوڙو ۽ اصغر شاھ سان گڏجي جيئي سنڌ متحده محاذ ٺاهي، جنهن جو پاڻ پهريان سيڪريٽري جنرل ۽ پوءِ وائيس چيئرمين ٿيو ۽ مرڪزي ۽ سينٽرل ڪميٽين جو ميمبر به رهيو ـ
مظفر ڀٽي جيئن ته انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي هئي، جنهن ڊگريءُ جي بدولت 1990ع ۾ لاکڙا پاور هائوس ۾ سب انجنيئر مقرر ٿيو، ۽ آخر تائين اُتي ملازم رهيو، جيئن ته مظفر هڪ پڙهيو لکيو ۽ شعوري نوجوان هو، جنهن ڪري هن نوڪريءَ جا فرائض به نيڪ نيتيءَ سان سرانجام ڏنا، هن نوڪريءَ دوران نه صرف پنهنجي گهر کي ٽائم ڏنو، پر هن پنهنجو گهڻو وقت تنظيم لاءِ وقف ڪيو ۽ هن ڪيترائي عملي ڪم سرانجام ڏنا. پاڻ جيئي سنڌ متحده محاذ جو روح روان هو، جنهن ڪري رياست مٿس گهڻي ڏمريل هئي ۽ سندس پويان هٿ ڌوئي پئجي وئي هئي، پر هن ڪڏهن به ان جي پرواھ نه ڪئي، پنهنجي سياسي پرچار جاري رکيو آيو. اُن دوران 5 آڪٽوبر 2005ع تي ڪراچيءَ جي طارق روڊ واري علائقي مان جيئي سنڌ پورهيت سنگت اڳواڻ شوڪت سانڀل جي فليٽ تان ڳُجهن ادارن هٿان کنڀجي ويو، مٿس سخت تشدد ڪيو ويو، کيس آزادي جي جدوجهد تان هٿ کڻڻ لاءِ هر طرح جو ٽارچر ڪيو ويو ۽ سندس اولاد کي مارڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون، پر مظفر تي اهڙين ڌمڪين جو ڪو به اثر نه ٿيو ۽ پنهنجي موقف ٿي ثابت قدميءَ سان بيٺو رهيو، مظفر جي ڳُجهن ادارن هٿان ايئن کنڀجڻ تي سڄي سنڌ ڀرپور رد عمل جو مظاهرو ڪيو، پوري قومي تحريڪ احتجاج، مظاهرا ڪيا، نيٺ قومپرستن جي شديد ردعمل جي نتيجي ۾ 23 مهينن بعد ڪورٽ ۾ کيس پيش ڪيو ويو ۽ مٿس ڪو به ڪيس نه بيهڻ ڪري، باعزت بري ڪيو ويو، مظفر ان گرفتاري دوران پنهنجي ونيءَ کي حوصلو ڏنو هو ۽ لکيو هُئائين ته هي رياست جيڪڏهن مون کي ماري وجهي ته منهنجي پٽ آڪاش کي آزاد سنڌوديش جي سبق پڙهاجانءِ، مظفر جو هي خط قومي ڪارڪنن لاءِ هڪ پيغام آهي ته آزاديءَ جي راھ تي هلندي، ڪيتريون ئي مشڪلاتون ڇو نه اچن، پر همت نه هارڻ گهرجي، مظفر ڀٽو پنهنجي وني صائمه ۽ پنهنجي ٻچڙن سان بيپناھ پيار ڪندو هو، پر ڌرتيءَ جو عشق هُن لاءِ مٿانهون هو ـ
مظفر ڀٽو سخت ٽارچر ٿيڻ ڪري بيمار ٿي پيو هو ۽ ڪافي عرصو تڪليف ۾ مبتلا رهيو. پر هو بلڪل مايوس نه ٿيو هو ۽ جلد ئي ٻيهر قومي تحريڪ ۾ متحرڪ ٿي سياست ڪرڻ لڳو. هن سنڌ جي هر واهڻ وستي، هر ڳوٺ، شهر ۾ وڃي آزاد سنڌوديش جي پرچار ڪئي، ڪيترائي قومي ليڪچر پروگرام ڪيا ۽ ڪيترائي ڪامياب جلسا ڪرايائين . مظفر ڀٽي جي عملي جدوجهد کان خوفزدھ ٿي ڳُجهن ادارن ٻيهر 2011ع ۾ مٽيارين مان کنڀي گم ڪيو. مٿس تمام گهڻو تشدد ڪيو ويو ۽ مظفر کي جُهڪائڻ لاءِ سندس ڀاءُ ممتاز ڀٽي کي به پويان گهر ۾ بم ڌماڪو ڪري شهيد ڪيو ويو، پر پوءِ به هي اڏول ۽ سرڪش مانجهي مڙس نه جهڪيو ته کيس 15 مهينن جي گمشدگي بعد شهيد ڪيو ويو، هٽڙيءَ باءِ پاس وٽان 21 مئي 2012ع تي سندس تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، مظفر ڀٽي کي ايڏو ته بيدردي سان ماريو ويو هو، جو سندس سيني کي چيري ٻه اڌ ڪيو ويو هو ۽ هيٺين حصي کي به ڌار ڪيو ويو هو. سياسي ڪارڪن هئڻ ناتي سندس المناڪ موت تي سنڌ جي قومپرستن جماعتن شديد ردعمل ظاهر ڪيو ۽ سموري سنڌ ۾ ڦيٿا روڪ، شٽربند هڙتال ڪئي وئي، سندس مڙھ کي سيوهڻ آڻڻ بعد. قومي جهنڊي جو ڪفن ڏيئي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي پيرانديءَ کان، سياسي ساٿي روپلي چولياڻيءَ جي ڀر ۾ مٽيءَ ماءَ حوالي ڪيو ويو. مظفر جي وني صائمه ڀٽو به سياست ۾ متحرڪ آهي ۽ نهايت ئي بهادري خانون آهي. سندس شهادت کان اڳ ۾ گمشدگيءَ جو ڪيس عالمي تنظيمن وٽ پيش ڪيو ويو ۽ جُنيوا ڪانفرنس ۾ بحث هيٺ آيو ـ

No comments:

Post a Comment