![]() |
| Ali Nawaz Hajan Khan Jatoi |
پاڪستان ٺهڻ کان هڪ مهينو بعد1947 ۾ حج ڪيائين. 1948ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان ٽريننگ ڪري 1949ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان بي اي ڪيائين. 1950ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي ڪيائين. ان وقت تائين هي سنڌ جو پهريون ايم اي پاس هو.1953ع ۾ هالا هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو. پهرين مارچ 1953ع تي سنڌ يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان سنڌي شعبو جوائن ڪيائين. کيس سنڌي شعبي جي پهرين هيڊ آف ڊپارٽمينٽ جي هئڻ جو اعزازحاصل آهي. 1963ع ۾ هڪ سال لاءِ لنڊن يونيورسٽي مان لسانيات جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ ويو. پر ماءُ جي طبيعت جي ناسازي جي ڪري واپس اچي سنڌي شعبي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين. 1976ع ۾ پروفيسر جي حيثيت سان رٽائرٽمينٽ ورتائين. پروفيسر علي نواز حاجن جتوئي شاعري تي به طبع آزمائي ڪيائين جيڪا مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل آهي. رٽائرمينٽ بعد هو هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ رجسٽر ٿيل هو. سنڌي ٻولي ۽ ادب جا وڏا نالا ڊاڪٽرغلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ ۽ محرم خان پٺاڻ سندس خاص شاگردن مان آهن. هن سنڌي ٻولي، لسانيات ۽ لطيفيات تي ڪتاب لکيا آهن. جن مان لطيفي لهرون، علم السان ۽ سنڌي زبان، ويرون ۽ وهڪرا ۽ مئڪده مصطفائي. اهم آهن. هن 29 سيپٽمبر 1996 ع تي وفات ڪئي ـ

No comments:
Post a Comment