Sunday, September 21, 2014

Profile of Ustad Gulzar Ali Khan

Ustad Gulzar Ali Khan
استاد گلزار علي خان جو اصل نالو گلاب خان دايو هيو، هيءَ 1934ع ڌاري محمد مراد دايي جي گهر ۾ ڄائو سندس ڳوٺ ضلعي نوشهرو فيروز جي شهر خانواهڻ جي ڀرسان ڳوٺ دهات نالي سان آهي. استاد گلزار علي خان شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي کيس ٻالڪ پڻ کان ئي راڳ ڳائڻ جو شوق هو، ڇو ته سندس والد صاحب محمد مراد خان دايو به راڳ ڳائيندو هيو هن پنهنجي پيءَ کان متاثر ٿي راڳ جي دنيا ۾ قدم رکيو پاڻ جڏهن 8 سالن جي عمر جو هيو ته هن راڳ ڳائڻ شروع ڪيو هن شروعات ۾ راڳ جي سکيا پنهنجي پيءَ کان ورتي ان کان پوءِ هن 16 سالن جي عمر ۾ لاڙڪاڻي وڃي استاد مهر علي خان کان راڳ جي سکيا ورتي ان کان پوءِ جڏهن هو 25 سالن جو ٿيو ته پاڻ استاد منظور علي خان وٽ وڌيڪ راڳ سکڻ لاءِ ويو. استاد منظور علي خان ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا. جن راڳداريءَ جي دنيا ۾ تمام سٺو نالو پيدا ڪيو سندس انهن شاگردن ۾ استاد گلزار علي خان جو به نالو به نمايان آهي. استاد منظور علي خان جو هن تي تمام گهڻو راض هيو. جنهن سبب هن جي گائيڪي جو انداز به هوبهو استاد منظور علي خان جهڙو هوندو هيوـ
استاد گلزار علي خان لاڙڪاڻي ۾ راڳ سيکارڻ جي هڪ اڪيڊمي به هلائي جتي پاڻ ڪيترن ئي شاگردن کي راڳ جي سکيا ڏيڻ لڳو. جن ۾ غلام شبير سمون، حنيف لاشاري، عبدالحميد راڄپر، سڄڻ سنڌي، نجم علي مڱڻهار، عبدالغفور سومرو، مختيار علي، غلام قادر ۽ عبدالطيف مهر شامل آهن. استاد گلزار علي خان 1955ع ۾ ريڊيو حيدرآباد سان وابسته رهيو ۽ ڪيترن سالن تائين موسيقيءَ جي شعبي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. ان کانپوءِ ريڊيو پاڪستان خيرپور مارچ 1983ع ۾ قائم ٿي ته اتي هو بحيثيت موسيقار جي ڪم ڪرڻ لڳو. استاد گلزار علي خان پاڪستان ٽيليوزن تي به ڪافي پروگرام ڪيا ان کان علاوه سندس ڪيتريون ئي آڊيو ڪيسٽون رليز ٿيون. جن کي پڻ ٻڌندڙن طرفان سٺي پذيرائي ملي. استاد گلزار علي خان ريڊيو پاڪستان سان 30 سالن تائين وابسته رهيو ۽ فن موسيقيءَ جي خدمت ڪيائين. استاد گلزار علي خان ڳائڻ کان علاوه هو مختلف ساز وڄائڻ جو به ماهر هيو جن ۾ هارميونيم، بينجو، وائيلن، ستار، تبلو، تانپورو، ڍولڪ وغيره اچي وڃن ٿا کيس ٻه پٽ ۽ چئن نياڻين جو اولاد هيو جن ۾ مظهر علي، اظهر علي، صنم، افشان، ارم ۽ ڪرن شامل آهن. سندس مشهور ڪلام جن کي عوام ۾ بيحد مقبوليت ملي. جن ۾ طالب المولا جو ڪلام :دل جون ڳجهڙيون ڳالهيون ڀلا توکي نه چوان ٻيو ڪنهن کي چوان، شاھ ولايت جو ڪلام، تون آن باغ حسن جو گل گل، اسين واس وٺڻ لاءِ ڪل ڪل. يا حضرت سچل سرمست جو ڪلام: ميندي مون هٿ لايوڙي ڀينر ، محب مئيءِ جي گهر آيو. ان کان علاوه لاکيڻي لطيف جو ڪلام :مونکي ڏونگر ڏک نه ڏي ادا ڙي، يا حضرت سيد صالح شاھ جو ڪلام: ڪانگ لنوين مٺي لات. هيءَ سندس ڳايل اُهي ڪلام آهن جن کي سنڌ واسين پنهنجي جيءَ ۾ سانڍيو ۽ استاد گلزار علي خان جي سڃاڻپ بڻجي ويا. استاد گلزار علي خان 1985ع کان بيمار رهڻ لڳو ۽ کيس ٻه ڀيرا فالج جو اٽيڪ ٿيو جنهنڪري ڊاڪٽرن کيس ڳائڻ کان منع ڪئي. پر انهيءَ بيماري هن جي دل ۽ گردن تي اثر ڪيو ۽ 1990ع کان پوءِ مسلسل بيمار رهڻ ڪري ڪيترن ئي اسپتالن مان علاج ڪرايائين پر ڏينهون ڏينهن ڪمزوري طرف وڌڻ لڳو. اهڙي طرح هن کي جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن کيس لاعلاج ڪري ڇڏيو. آخر ۾ هي مايوس ٿي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو نيٺ سنڌ جو هي وڏو راڳي 22 سيپٽمبر 1992ع ۾ پنهنجي هزارين مداحن کي ڇڏي هميشه لاءِ ابدي آرامي ٿيو ـ

No comments:

Post a Comment