Wednesday, June 11, 2014

Profile of Begum Fakiriani

Begum Fakiriani
دنيا ۾ جيترا به انسان آيا آهن اهي سڀ پنهنجي پنهنجي ڪردار سان سڃاتا ويندا آهن ڪجھ ماڻهو زندگي ۾ اهڙا ته ڪم ڪري وڃن ٿا جو تاريخ ۾ انهن جو نالو سنهري اکرن سان لکيو ويندو آهي، روهڙي تعلقي ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي علم ۽ پنهنجي ڪردار سان هن شهر جو نالو روشن ڪيو اهڙن ئي ماڻهن منجهان روهڙيءَ جي مائي بيگم فقيرياڻي به هڪ هئي، جنهن سڄي ڄمار حقيقي عشق واري الفي پائي صوفي رنگ ۾ رنگجي صوفياڻي پيغام کي در در پهچايو ـ
مائي بيگم جو 1915ع ۾ هارون فقير ميربحر جي گهر ۾ جنم ٿيو، مائي بيگم ٻالڪپڻ واري عمر کان خاموش سمونڊ جهڙي گهري سوچ رکڻ واري ڇوڪري هئي، بيگم فقيرياڻي به پنهنجي بابا سان گڏ درگاھ هنباھ جون مٽيون ڀرڻ شروع ڪيون، پنهنجي بابا جي وفات کان پوءِ ان جي ڏنل گس تي هلي پئي ۽ حقيقي عشق جو رنگ به فقيرياڻي کي درگاھ گنباھ شريف مان مليو، پوءِ بيگم فقيرياڻي پوري زندگي عشق واري الفي پائي ڪاري رنگ جا ڪپڙا پهري رکيا، بيگم فقيراڻي لڳ ڀڳ 1940ع ۾ باقاعده راڳ جي شروعات ڪئي، مائي بيگم فقيرياڻي جي گروپ ۾ جيڪي سنڌ جا مشهور راڳي گڏ ڳائيندا هئا، انهن ۾ استاد لونگ فقير، گلشن علي زنگيجو، سهراب فقير، گل حسن فقير ۽ غلام علي سنديلو هميشه فقيراڻي سان ساٿ نڀايو، فقيرياڻي جي صوفي راڳ ۽ آواز سڄي سنڌ ۾ ايتري ته مقبوليت ماڻي جو اڄ به سنڌ جا ماڻهو کيس بيگم فقيرياڻي، امان فقيرياڻي ۽ لطيف جي فقيرياڻي جي نالن سان ياد ڪن ٿا، بيگم فقيرياڻي صوفي راڳي سان گڏ شاعره به هئي، هن جا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور مان ڪيترائي ڪلام نشر ٿيا، هن جي مقبول ڪلامن ۾ مونکي پنهنجي سهڻي سنڌ تي ناز آ، جوڳي ٿا جاڳن، ڪير ڪشالا ڪري، جيڏيون جانب سان دل منهنجي آهي، ڏورئون ٿا ڏسجن ماڳ مٺن ماروئڙن جا، پٽ نه پنهوار، ڪعبي ۾ علي ڄائو، دنيا جا تونگر هڪ پاسي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪلام آهن جيڪي هن جي سڃاڻپ بڻيا، بيگم فقيرياڻي شاعرن جي سرتاج شاھ عبدالطيف ڀٽائي، داتا ولايت شاھ ۽ شاعره غلام فاطمه لعل جي ڪلامن کي وڌيڪ ڳايو ـ
پاڻ 13 اپريل 1987ع هن فاني جهان کي هميشه لاءِ الوداع چئي وئي، صاف ۽ چٽو نظر اچي پيو ته بيگم فقيرياڻي پوري حياتي پيار جا پکيئڙا پاليا ۽ مان واري خوشبو کي پنهنجي مٺڙي آواز ذريعي پوري سنڌ ۾ پکيڙيندي رهي ـ 

No comments:

Post a Comment