Thursday, June 12, 2014

Profile of Tariq Aalam Abro

Tariq Aalam Abro
طارق عالم ولد محمد عالم ابڙي جو جنم 10 اپريل 1958ع تي تعلقي قمبر ۾ ٿيو. 1960ع ڌاري سندس خاندان حيدرآباد مستقل رهائش پذير ٿيو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حيدرآباد ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪرڻ بعد 1989ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري ۾ ملازمت جو آغاز ڪيائين، جتي ڪيترن ئي سالن تائين مختلف ادبي ذميواريون نڀائيندو رهيو ۽ ڪيترو وقت ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. طارق عالم، سنڌيءَ جو منفرد اسٽائل رکندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هن جون ڪهاڻيون پڙهندڙن ۾ تمام گهڻيون مقبول آهن. سندس لکڻ جو ڊڪشن منفرد ۽ متاثر ڪندڙ آهي. هن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پڙهندي ماڻهو پنهنجو درد محسوس ڪري ٿو. هو پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جو فن چڱيءَ ريت ڄاڻندو هو، جو قاري سندس اڪثر ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تائين پڙهڻ لاءِ مجبور ٿي پوندو هو. هن جي لکڻيءَ جي اها ئي ڪشش کيس ٻين ڪهاڻيڪارن کان اهم ۽ مختلف بڻائي ٿي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾، ”رت سانت ۽ سوچون، (ڪهاڻيون 1979ع)، ”سڃاڻپ جي ڳولا ۾“ (ڪهاڻيون 1998ع)، ”رهجي ويل منظر“ ناول (1984ع)، ”مورن اوچا ڳاٽ“ سنڌي ۾ هائڪن جو پهريون مجموعو 1992ع ۽ ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ سفر نامو 1998ع شامل آهن. سندس معروف ٽي وي ڊرامن ۾ ”پيوند“، ”طوفان کان پوءِ“، ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ ۽ ”ڇانورو“ وغيره شامل آهن. ”ايس او ايس“، ”سڃاڻپ جي ڳولا“، ”ڪوئل“، ”فريم“، ”رات سانت ۽ سوچون“ سندس مشهور ڪهاڻيون آهن. طارق عالم جي ڪهاڻين ۾ جيڪا رومانويت آهي سا پڙهندڙن جي لاءِ ڪشش جو باعث بڻجي ٿي. انهيءَ حوالي سان ئي طارق کي ”سنڌي ادب جو روميو“ پڻ سڏيو ويندو هو. سندس ڪردار نڊر، بيباڪ، جذباتي ۽ حساس هوندا هئا، جن جي ٻولي ۽ انداز بيحد وڻندڙ هوندو هو. طارق عالم پاڻ هڪ خوبصورت تخليقڪار هو ۽ اهو ئي سبب هو جو هن تخليقي ادب کي وڌيڪ اهميت ڏني. ٽه ماهي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ذميواري سنڀالڻ کان پوءِ هن سڀ کان پهريون ڪم به تخليقي ادب کي اهم سمجهندي ان کي مناسب جڳهه ڏئي ڪيو، هونئن به ادب جي ٻين شعبن جو محور تخليق ئي هجي ٿو، انهيءَ ڪري هن جي اهڙي آندل تبديليءَ کي پڻ اهميت جي نگاهه سان ڏٺو ويو ۽ کيس مانائتي موٽ پڻ ملي. طارق عالم جي خاندان جا اڪثر فرد آرٽ جي مختلف شعبن سان واڳيل رهيا آهن، جن ۾ سندن والد کان وٺي مڙني ڀائرن تائين خاص طور تي فن مصوري ۾ پنهنجي الڳ حيثيت ۽ سڃاڻپ جو اهم حوالو رکندڙ آهن. طارق نه فقط لفظن کي معنائون ڏئي مهانتا ماڻي، پر هن رنگن جي ميلاپ سان به ڪيترائي شاهڪار تخليق ڪيا. جن کي ڏسڻ کان پوءِ سندس ڪيل پيار ڀرئي پورهئي جو ڪاٿو آسانيءَ سان لڳائي سگهي ٿو. سندس مَن اندر جا اُڌما (Inner Feelings) جڏهن ڪوري ڪئنواس تي پين روڪ يا آئل پينٽ جي صورت ۾ پڌرا ٿيا ته انهن ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ليئا پائيندي محسوس ڪري سگهجن ٿيون ۽ اها هڪ آرٽسٽ جي وڏي خوبي هجي ٿي ته سندس رنگن مان ڪيتريون ئي معنائون جنم وٺن ۽ اها پينٽنگ ڏسندڙن کي انهن معنائن تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري. طارق عالم آرٽ جي دنيا ۾ وان گوگ کان متاثر هو، جيڪو دنيا ۾ امپريشن ازم (Impressionism) جو وڏي ۾ وڏو حامي هو. جيتوڻيڪ طارق عالم جو ڪم بحيثيت مصور ايڏو گهڻو منظر عام تي نه آيو پر اهو تاريخ جو اهم ۽ سانڍڻ جهڙو حصو ضرور آهي. سندس فن پارن جي نمائش 2003ع ۾ سنڌ الاجي ۾ منعقد ٿي هئي. هن پنهنجي جيون سفر ۾ مذڪوره مڙني شعبن ۾ جيڪو به ڪم ڪيو سو هر طرح سان ساراهه جوڳو آهي. جيتوڻيڪ طارق داد وٺڻ يا طلبڻ جو قائل نه هو پر سندس فن جي اها ڪماليت ئي چئبي جو هن بنان ڪنهن ڏيکاءَ جي سنڌي ادب جي ميدان ۾ ايترو ساراهه جوڳو ڪم ڪيو. طارق عالم يار ويس ۽ کل مک انسان هو. جهٽ ۾ رسندڙ ۽ جهٽ ۾ پرچندڙ طارق جي اسان کي اها خبر ئي ڪو نه هئي ته هو اسان کان جهٽ ۾ رسي ايترو پري هليو ويندو. جتان موٽڻ جي به نه ڪندو. زندگيءَ جي آخري حصي ۾ بڪين جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو. جنهن سبب ڪجهه وقت ڪراچي اسپتال ۾ پڻ داخل رهيو. ان دوران ثقافت کاتي پڻ سندس مدد ڪئي پر طارق جي حياتي بچائڻ لاءِ 80 لکن روپين جي ضرورت هئي. جيڪا هڪ اديب لاءِ گڏ ڪرڻ ناممڪن آهي. طارق عالم اسان سڀني کان 11 جون 2011ع تي موڪلائي ويو. طارق جو وڇوڙو سنڌ جي ساڃاهه وندن کان ساهه کسڻ برابر هو. طارق جي ڪهاڻي کيتر ۾ کوٽ اڄ به جيئن جو تيئن آهي. ڪهاڻي طارق پڄاڻان سچ پچ ته ”رهجي ويل منظر“ جهڙي ڏيک ڏئي رهي آهي ۽ واجهائي رهي آهي ته ڪڏهن ٿو طارق جهڙو جينيس اچي ۽ ڪهاڻي جي ميدان ۾ پاڻ مڃرائي ته ”ڪهاڻي منهنجي مٺ ۾ بند آهي ـ

No comments:

Post a Comment