![]() |
| Yousif Jakhrani |
قومپرست اڳواڻ محمد يوسف ولد مير احمد خان جکراڻي 14 آگسٽ 1947ع تي ڳوٺ گل شير جکراڻي تعلقي ڪشمور ۾ جنم ورتو، شروعاتي تعليم ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان ۽ انٽر حيدرآباد ۾ پڙهيو ان بعد سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪيائين. هن 1973ع کان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن کان سياست جو آغاز ڪيو ۽ 1973ع ۾ شاگرد يونين جو صدر چونڊيو ويو ـ
يوسف جکراڻي عمر جي لحاظ کان ڪجھ جزباتي قسم جو هوندو هو، جڏهن 73 جي آئين خلاف جيئي سنڌ تحريڪ ۾ آئي ته هن به ٻين ڪارڪنن سان گڏ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو، يوسف جکراڻي ايم، اي (سوشل ورڪ) جي ڊگري حايل ڪيائين، يونيورسٽيءَ مان تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن جيئي سنڌ تحريڪ ۾ شموليت ڪئي ـ
يوسف جکراڻي 1983ع ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ تمام گهڻو سرگرم رهيو. اهڙي طرح هن ڪالاباغ ڊيم خلاف به تحريڪ هلائي ۽ مير هزار خان بجاراڻي ۽ محمد شاھ امروٽيءَ سان گڏ گرفتار ٿيو، کيس 22 مهينا سزا ڏئي جيل موڪليو ويو، سزا ڪاٽي هي ٻاهر نڪتو ته بين الاقوامي انساني حقن واري ڪميشن ڪينڊا برانچ پاران کيس ” ضمير جو قيدي“ قرار ڏنو ويو، اهڙيءَ طرح هي ءَ گهڻو وقت فڪر جي ايم سيد سان لاڳاپيل رهيو ـ
يوسف جکراڻي 1983ع ۾ سنڌ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ ۾ شموليت ڪئي، ايس، اين، اي جي پليٽ فارم تان قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تان اليڪشن وڙهيو، سامهون پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان مير هزار خان بجاراڻي چونڊن ۾ کٽي ويو، ٻيو ڀيرو 1991ع واري چونڊن ۾ حصو ورتائين، بعد ۾ دستبردار ٿيو، يوسف جکراڻي قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ جاکوڙيو ۽ هن جي راڄوڻي طرف وڌيڪ ڪوشش هوندي هئي ۽ هن قومي سوچ کي قبيلائي تڪرارن جي ورچاڙهڻ نٿي چاهيو ـ
اهڙيءَ طرح يوسف جکراڻي کي پنهنجي ٻن سياسي ساٿين دودي خان نوحاڻي ۽ ديدار کوسي سميت، پنهنجي گهر جي ڀرسان اسٽيشن وٽان وفاقي ايجنسين کنڀي گم ڪيو ۽ 22 جون 1992ع تي کيس بيدرديءَ سان گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو. مقامي ماڻهن جو موقف آهي ته کيس ڪنڌڪوٽ شهر ۾ سرعام گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، پر فقير محمد لاشاري پنهنجي ايڊيٽوريل يوسف جکراڻيءَ جو حساب ڏيو؟ ۾ لکيو آهي ته سندس لاش پني عاقل ڇانوڻيءَ مان مليو، سنڌ جي هن بهادر انسان جو ايئن بيدرديءَ سان شهيد ٿيڻ هڪ وڏو سانحو هو ـ

No comments:
Post a Comment