![]() |
| Abdul Malik Khushk |
عبدالمالڪ خُشڪ 20 جون 1964ع تي تعلقي گهوڙا ٻاري، ضلعي ٺٽي جي ڳوٺ درويش ۾ محمد عيسيٰ خُشڪ جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس جنم هڪ سياسي گهر ۾ ٿيو، سندس وڏا ڀائر عارف خشڪ ۽ عمر خشڪ، ”ايوبي مارشل لا“ ۽ ”ون يونٽ“ خلاف سياسي طرح سرگرم رهيا هئا. جنهنڪري سياست کيس ورثي ۾ ملي هُئي ۽ هن سياست جي شروعات ٻاروتڻ کان ڪئي هُئي. هو تعليمي ميدان ۾ پنهنجي عمر جي دوستن ۾ سڀ کان اڳڀرو هو. هن پرئمري، مئٽرڪ ۽ انٽر تائين ٺٽي مان تعليم حاصل ڪئي. پنجين ڪلاس جو ” ذهانر وارو امتحان“ پوري ضلعي ۾ پهرين نمبرن ۾ پاس ڪيو هُئائين. جنهنڪري پڙهيل لکيل، باشعور ماڻهو کيس تمام گهڻو ڀائيندا هُئا. هن پنهنجي ذهانت وسيلي ننڍپڻ کان محبتون ميڙڻ شروع ڪيون هيون، جيئن ته هن ننڍپڻ ۾ پنهنجي گهر جي سياسي ماحول ڏٺو هو ۽ قومي ڪارڪنن جي ڪچهرين ۾ ويهڻ جو کيس موقعو مليو هو، جنهن مان گهڻو ڪجھ پرايو هو ۽ انهن ڪچهرين مان هن کي خبر پئي هُئي ته سنڌ کي پنجاب غلام رکيو ويٺا آهن. اهڙين ڳالهين جو هن جي ڪچڙي ذهن تي ڪافي اثر ٿيو هو. اهڙي طرح چوٿين درجي ۾ پڙهندي پهريون دفعو 4 مارڇ (شاگرد جدوجهد جو ڏينهن) جي هڪ ننڍڙي جلسي جي قيادت ڪيائين ۽ تقرير ڪيائين. ان مان سندس سياسي سجاڳي جي ڄاڻ پوي ٿي، ان ئي دور ۾ جڏهن ”شيرين سومرو“ وارو مشهور واقعو ٿيو، جنهن ۾ هڪ فوجي ميجر هڪ نياڻيءَ جي عزت سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ته ٺٽي مان ”جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جي هن ننڍڙي جوڌي هڪ جلوس ڪڍيو هو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن شرڪت ڪئي هئي، هن جي ننڍڙي عمر ۾ اهڙي جدوجهد کان خوفزدهه ٿي وقت جي سرڪار جي اغوا ڪيس ۾ ريسٽيڪيٽ ڪرائي، کيس جيل موڪليو، اُن وقت مالڪ خشڪ جي عمر 14 سال هئي ۽ هو هاءِ اسڪول ٺٽي ۾ اٺين ڪلاس جو شاگرد هو ـ
ملڪ جڏهن نوجوانيءَ ۾ پير پاتو ته سندس ٻه ڀائر ڊاڪٽر غلام نبي خشڪ ۽ عارف خشڪ جيل ۾ هئا، عارف خشڪ کي ملٽري ڪورٽ پاران هڪ سال جيل ۽ 5 ڦٽڪا سزا ملي هئي، جڏهن ته ڊاڪٽر غلام نبي خشڪ ٽي سال جيل ۾ رهيو. کيس به 20 ڦٽڪن جي سزا ملي هئي ـ
مالڪ مئٽرڪ جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري ٺٽي ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ڪاليج جي ٻن سالن جي مختصر تعليمي عرصي دوران هن جون سياسي سرگرميون عروج تي رهيون، جنهن ڪري کيس ٻه دفعا جيل اماڻيو ويو. هي نظرياتي طور تي عدم تشدد جو پيروڪار هو ۽ سائين جي ايم سيد جو فڪري پوئلڳ هوـ
ڪاليج کان پوءِ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڄامشوري ۾ داخلا ورتائين، جتي نئين عزم سان سياسي جدوجهد شروع ڪيائين، هي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي نظرياتي ۽ بهترين قومي شعور رکندڙ اڳواڻن ۾ ڳڻيو ويندو هو، هن يونيورسٽيءِ ۾ ان وقت ڪافي سرگرم ٿي سياست ڪئي ۽ سائين جي ايم سيد جي آزاديءَ واري نظريايي جي شاگردن ۾ تمام گهڻي پرچار ڪئي. هي ڪُل وقتي ڪارڪن هوندو هو ۽ نهايت ئي محنتي ۽ ڪميٽيڊ پڻ رهيو، کيس قيادت به ڀائيندي هئي ـ
مالڪ خشڪ انجنيئرنگ جي ٻئي سال جو شاگرد هو. 17 اڪٽوبر 1984ع تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ”جشن لطيف“ تقريب رکيل هئي، جنهن ۾ سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي شاگرددن جون بسون ڀرجي، شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته ضيائي آمريت جي ڪارندن، مانجهند کان اوريان ”ٽوڙيءَ ڦاٽڪ“ تي شاگردن جي بسن تي اُنڌاڌُنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ چئن ساٿين سان گڏ عبدالمالڪ خشڪ به شهيد ٿي ويو ۽ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿي پيا ۽ ڪيترو ئي وقت زخمي شاگردن تي تشدد پڻ ڪيو ويو. انهن بسن مان جساف جي مرڪزي قيادت ۾ گل محمد جکراڻيءَ سميت ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. هي واقعو سائين جي ايم سيد کي ذهني اذيت ڏيڻ ۽ قومي تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪرايو ويو هو. شهيد مالڪ جي آخري آرامگاھ پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ واقعي آهي ـ

No comments:
Post a Comment