Monday, June 16, 2014

Profile of Anwar Abbasi


Anwar Abbasi
ٽوڙيءَ ڦاٽڪ سانحي جي شهيد انور علي عباسي 12 اگسٽ 1992ع تي ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻوڪي قمبر/ شهدادڪوٽ) جي هڪ ڳوٺ ”پکي“ ۾ علي محمد عباسيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو، هن شروعاتي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان پرائي، هي ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو ذهن هوندو هو ۽ پوري اسڪول جي شاگردن ۾ سڀني کان چالاڪ پڻ هو. سندس ذهانت ۽ محنت ڏسي استادن ٽن سالن ۾ کيس پنجن سالن جو ڪورس ڪرايو. هن انگريزي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڳڻ مان حاصل ڪئي. سنڌي ماڻهن جي حقن جو استحصال ڏسي انور عباسي اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ئي شاگرد سياست ۾ داخل ٿي، ”جساف“ جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. هن مئٽرڪ پاس ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتي، جنهن دوران هن باقاعدي عملي سياست ۾ حصو ورتو ۽ انقلابي زندگيءَ جي شروعات ڪئي، هو هميشه سنڌي ماڻهن کي متحد ڪرڻ ۾ ڪوشان رهندو هو ۽ سنڌ جي آزاديءَ جي پرچار ڪرڻ لڳو. انور عباسي 1977ع ڌاري ”جيئي سنڌ تحريڪ“ ۾ شامل ٿيو، جنهن دوران هن تحريڪ کي فعال ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ مقامي سطح تي وڌ کان وڌ ميمبر شپ ڪيائين، هن سياست سان گڏ سماجي سرگرمين ۾ به ڀرپور حصو ورتو، سندس دوستن موجب ته شهيد انور جي اها سوچ هوندي هُئي ته اسان کي پهريان سماج ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهڻي پوندي تڏهن ئي اسان ماڻهن کي آزاديءَ واري واھ تي هلڻ لاءِ آمادھ ڪري سگهنداسين ـ
انور عباسي 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪامرس شعبي ۾ داخلا ورتي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگرد سياست جي سرگرمين سندس حوصلا بُلند ڪيا ۽ سندس آزادي واري خواب جي ساڀيان نظر اچڻ لڳي، انور يونيورسٽي جي تنظيمي سرگرمين ۾ پابنديءَ سان حصو وٺڻ لڳو. هيءَ نهايت ئي سنجيدهه ورڪر هوندو هو ۽ ”سائين جي ايم سيد“ جي آزاديءَ واري نظريي جو پوئلڳ هو. هن ڪڏهن به تنظيمي حڪم تحت مالي ۽ جاني قرباني ڏيڻ کان ڪين ڪيٻايو ـ
انور عباسي هڪ سماجي ۽ انقلابي سوچ رکندڙ ڪارڪن سنڌ جي مسئلن تي ڪيترائي مضمون پڻ لکيا، پر سنڌي ميڊيا ايتري آزاد نه هئڻ ڪري سندس لکڻيون گهٽ شايع ٿيون. پر هيءَ پنهنجو موقف تقريرن ذريعي ماڻهن تائين پهچائيندو هو. وٽس ”تقرير“ جو سٺو ڏان هئس. سندس تقريرون ٻڌندڙن تي ڪافي اثر انداز ٿينديون هُيون ـ
انور عباسي بي. ڪام آنرس جو آخري پرچو ڏئي 17 آڪٽوبر 1984ع تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاِڙڪاڻي پاران منعقد ڪيل ”جشن لطيف“ تي سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي شاگردن سان گڏ وڃي رهيو هو ته ”ٽوڙيءَ ڦاٽڪ“ وٽ وردي پوش سرڪاري اهلڪارن بس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ انور عباسيءَ سميت ٽي شاگرد ۽ هڪ بس ڊرائيور مٺو بُليدي شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي شاگرد سخت زخمي ٿي پيا، پر ضيائي آمريت جي وحشي ڪارندن انهن زخمين تي به بي تحاشا تشدد ڪري بيحال ڪرڻ بعد، گرفتار ڪري جيل اُماڻي ڇڏيو. سندس آخري آرامگاھ اڄ به واپڊا ڪالوني ۾ واقع آهي، جتي يونيورسٽيءَ جا ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون اچي حاضري ڀرين ٿيون. هن قهري ڪاروائي سنڌ ۾ بغاوت جي باھ ڀڙڪائي، هن دور ۾ ڪيترن ئي شاعرن انقلابي شاعري ڪئي ۽ ڪيتريون ئي قومي ڪهاڻيون لکيون ويون. جن ۾ هن وحشياڻي عمل جي سخت لفظن ۾ نندا ڪئي وئي ـ

No comments:

Post a Comment