ٽوڙيءَ ڦاٽڪ سانحي جي شهيد امان الله وسطڙي 20 مئي، 1960ع تي، ضلع نوابشاھ جي هڪ ڳوٺ ”مچرن“ ۾ حزب الله وسطڙي جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس ٻالڪپڻ ڳوٺ جي مٽيءَ ۾ کينچلون ڪندي گُذريو. سندس والد سرڪاري عملدار هو. جنهن ڪري ننڍڙي امان الله مختلف شهرن ۾ رهندي، تعليم حاصل ڪئي ۽ کوڙ سارا مُشاهدا ڪيا. هن پرائمري تعليم موري مان، مئٽرڪ گورنمينٽ پروفيشن لائيزڊ هاءِ اسڪول سنجهوري مان، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهداد ڪوٽ مان حاصل ڪئي، جنهن بعد سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي جيالاجيءَ ۾ داخلا ورتائين ـ کيس ننڍپڻ کان سياست سان دلي لڳاءَ هو. شهدادڪوٽ ڪاليج ۾ پڙهائيءَ دوران ”جساف“ ۾ شموليت ڪري، پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين. پهريائين جساف جو ميمبر ٿيو، پوءِ سياسي سرگرمين کي ڏسندي کيس آرگنائيزر چونڊيو ويو. هيءَ ”سائين جي ايم سيد“ جو فڪري ۽ روحاني پوئلڳ هو. هي جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ آيو هو، اُن وقت سنڌ يونيورسٽي قومي سياست جو مرڪز هوندي هئي ۽ شاگرد سياست عُروج تي هُئي. امان الله سنڌ يونيورسٽي جي ”جيئي سنڌ تحريڪ “ يونٽ ۾ شموليت اختيار ڪري باقائدي عملي سياست ۾ حصو ورتو، هيءَ هڪ نظرياتي ورڪر هوندو هو، جنهن ڪري شاگردن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو ۽ کيس يونيورسٽي يونٽ جو نائب صدر چونڊيو ويو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد سياست دوران ڪيترائي شاگردن جا جائز مسئلا حل ڪرايا. پوري يونيورسٽيءَ جا شاگرد کيس تمام گهڻو ڀائيندا هُئا ۽ سندس سڏ ۾ سڏ ڏيندا هُئا ـ
امان الله وسطڙو سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري نظريي جو حامي هو ۽ مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو قائل هو، امان الله وسطڙي جي سياسي سرگرمين سبب کيس ڪيترائي دفعا خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به مليون، پر هن حوصلن کي هارڻ نه ڏنو. سائين جي ايم سيد جي ڏسيل راھ تي هميشه اٽل رهيو ۽ کيس سنڌ جي آزاديءَ ۾ پُختو ويساھ هو ـ
امان الله وسطڙو 17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي شاگردن سان گڏ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي پاران منعقد ڪيل ”جيئي لطيف“ ۾ وڃي رهيو هو ته ضيائي آمريت جي وحشي درندن، سرڪاري ڪارندن ”ٽوڙيءَ ڦاٽڪ“ وٽ ٻنهيءَ بسن کي روڪي اُنڌا ڌُنڌ فائرنگ ڪري ڏني، ته پهرين گولي بس جي ڊرائيور مُٺو بُلنديءَ کي لڳي، ان وقت امان الله همت ڪري بس جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويهي بس کي تيز رفتار ڊوڙائي شاگردن کي بچائڻ چاهيو، پر چئني پاسي لڪي ويٺل وحشي درندن مٿس فائرنگ جا ڌُوڙيا لائي ڏنا، هڪ گولي امان الله جو سينو پار ڪري وئي ـ
هن قهري سانحي ۾ امان الله وسطڙي سميت پنج ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي شاگرد زخمي پڻ ٿيا. هي اهڙي ته قهري ڪارروائي هُئي. جو زخمي ٿيل شاگرد تڙپي رهيا هُئا ۽ اهلڪار مٿس وحشياڻو تشدد ڪري رهيا هُئا. ان بعد سڀني قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو. امان الله وسطڙي سان گڏ ان بس ۾ گل محمد جکراڻي، ستار موريو، حفيظ قريشي ۽ ٻيا جساف جا عهديدار هئا، جن کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو، جيڪي ٽوڙيءَ ڦاٽڪ جا اسير سڏجن ٿا، ٽوڙيءَ ڦاٽڪ واري هن قهري واقعي پوري سنڌ جي باشعور ماڻهن کي ڌوڏي ڇڏيو ۽ سائين جي ايم سيد جو ته جيءَ جُهري پيو هو. ڪڏهن ڪڏهن رياست قيادت کي جُهڪائن لاءِ اهڙا قهري وقعا ڪرائي. سندن معصوم ٻچن جو ڪوس ڪرائيندي آهي، پر سائين جي ايم سيد کي سنڌ جي آزاديءَ ۾ اهڙو ويساھ هو، جهڙو صبح جي سج اُڀرڻ ۾ هر انسان کي ويساھ هوندو آهي ۽ سائين هڪ بودبار انسان هو. جيتوڻيڪ سندس ٻچن جي اهڙي ڪوس تي هُو وقتي طرح ٺٽي ته ويندو هو، پر هو وري به پنهنجي پاڻ کي سنڀاليندي چوندو هو ته سنڌ جي آزاديءَ جي بدلي ۾ منهنجي پوري گهر کي، جيڪڏهن ڪُٺو وڃي ته به آئون سنڌ جي آزادي جي سامهون اهو سودو سستو ڀائيندس ـ
No comments:
Post a Comment