![]() |
| Zikiriya Memon |
ٽوڙيءَ ڦاٽڪ سانحي جي شهيد ذڪريا ميمڻ 7 فيبروري 1962ع تي سنڌ جي راڄڌاني ضلعي ٺٽي جي شهر دڙي ۾ جنم ورتو، هن پرائمري تعليم دڙي مان، مئٽرڪ هاءِ اسڪول ميرپور بٺوري مان، انٽر سائنس گورنمينٽ ڪاليج سجاول مان پاس ڪرڻ بعد مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ـ
ذڪريا ميمڻ ڪاليج واري دور ۾ شاگرد سياست ۾ حصو ورتو ۽ تمام گهڻو سرگرم رهيو. هي نهايت ئي پڙهيل ۽ باشعور نوجوان هو، سندس مطالعو تمام وسيع هو. هن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) جي پليٽ فارم تان شاگردن جي مسئلن لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو ۽ جڏهن مهراڻ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين ته ”سائين جي ايم سيد“ جي نظريي جي پرچار ڪرڻ لڳو. هي نهايت ئي سنجيده ۽ نظرياتي ورڪر هو. نظرياتي سوچ هئڻ ڪري ڪيترن ئي شاگردن جو آئيڊيل بڻجي ويو. کيس سرگرام سياسي ورڪر هئڻ ڪري فرسٽ ايئر انجنيئرنگ دوران 26 نومبر 1981ع تي ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو. پوءِ به هن پنهنجي سياسي سرگرمين ۾ مٺار نه آندي ۽ اڳي کان اڳرو ٿي سياست ڪرڻ لڳو. ذڪريا، جيئن ته جاکوڙي ڪارڪن هو، جنهن ڪري ڳُجهن ادارن جي نظرن ۾ گهڻو آيل هو. نتيجي طور 3 جنوري 1982ع تي کيس ”اشتهار ملزم“ قرار ڏنو ويو ۽ 3 جون 1982ع تي گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو. ذڪريا نهايت ئي بُردبار نوجوان هو، جيتوڻيڪ جيل وڃڻ وقت سندس عمر 20 سال هُئي، پر هن ننڍڙيءَ عمر ۾ به سنڌ جي دامن تي داغ لڳڻ نه ڏنو، مٿس تمام گهڻو تشدد ڪيو ويو، پت هيءَ نه ٽُٽو نه وڪيو ۽ نه جُهڪيو، هي پنهنجي مقصد تي اٽل ۽ ٽارچر جُهڪائي نه سگهيا هُئا. ساڻس جيل ۾ گڏ رهندڙ سياسي دوستن موجب ته هو ڏاڍو بُردبار ۽ سنڌ جو سچو عاشق هو ۽ هر وقت جيل ۾ کلندو ۽ کلائيندو رهندو هو. مذاح سندس طبيعت ۾ شامل هو. هو کلڻو ملڻو ۽ چلولو هوندو هو، ۽ جيل جي ڪنهن به دوست کي پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿيڻ نه ڏيندو هو. اهڙيءَ طرح ذڪريا چئن مهينن تائين جيل ۾ قومي قيدين لاءِ وندر ورونھ بڻيل رهيو، جتان 7 آڪٽوبر 1982ع تي آزاد ٿيو. آزاديءَ کانپوءِ به سندس سياسي سرگرميون ساڳيون رهيون ۽ هُو وڌ کان وڌ تنظيم کي ٽائيم ڏيڻ لڳو، کيس نه صرف پوري قيادت ڀائيندي هُئي پر سائين جي ايم سيد به کيس تمام گهڻو پيار ڪندو هو ۽ گڏ ”سيد“ جو به عاشق ٿي پيو هو ـ
ذڪريا ٽن سالن تائين يونيورسٽيءَ پاران ريسٽيڪيٽ رهيو سندس ريسٽيڪيشن 1984ع جي آگسٽ ۾ ختم ٿي ـ
ذڪريا 17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي شاگرن سان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پاران منعقد ڪيل ”جشن لطيف“ لاڙڪاڻي ۾ بسن ۾ سوار ٿي وڦي رهيو هو ته “ٽوڙيءَ ڦاٽڪ“ وٽ فوجين جي اُنڌاڌُنڌ فائرنگ ٿي، جنهن ۾ ذڪريا سميت پنج نوجوان شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي شاگرد سخت زخمي ٿي پيا. ان بعد انهن زخمين کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. اهڙي طرح ذڪريا جي مڙھ کي سوين قومي ڪارڪنن جي قافلي ۾ ڳوٺ آڻي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو ـ
احسان ميمڻ سياست جي شروعات سنڌ يونيورسٽيءِ مان ڪئي هيءِ پهريان جساف جو ميمبر ٿي، بعد ۾ جساف سنڌ سنڌ يونيورسٽيءِ جو چيف آرگنائيزر ٿيو. احسان ميمڻ جو شاگردي وارو دور تمام شاندار رهيو ۽ هن سنڌ يونيورسٽي ۾ سياست ڪندي ۽ ساٿين جي ايم سيد جي نظريي جي پرچار ڪندي قومي تحريڪ ۾ مثبت لاڙآ آندا. هن جو مطالعو تمام وسيح هوندو هو ۽ سنڌ يونيورسٽيءِ جي بلاڪس هاسٽل تي سنڌ جي مذاحمتي شاعر حليم باغي جي صحبت ۾ رهڻ جو موقعو مليو ۽ حليم باغي جي شاعري مٿس گهرو اثر ڇڏيو احسان ميمڻ ڪو نالي ماتر ڪارڪن نه هو، پر هن ته خوشحال سنڌ جي تاريخ جا باب پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا هئا. هيء نظرياتي ۽ عملي ڪارڪن هو هي سنڌ جي آزادي و واحد حل سائين جي ايم سيد جي اکين ۾ هن آزادي جي عشق جا سچ ٻرندي ڏٺا هئا احسان ميمڻ کي جيترو سنڌ جو عشق هو اوترو ئي هو سائين جي ايم سيد سان پيار ڪندو هو ۽ سائين جي ايم سيد به کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو احسان نهايت ئي خوبصورت ۽ بااخلاق هوندو هو ـ

No comments:
Post a Comment