Sunday, June 22, 2014

Profile of Abdul Qayoom Mangi


 Abdul Qayoom Mangi
قيوم منگي پهرين آڪٽوبر 1954ع تي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور جي محلي، قلعي قافلي ۾ گُلشير منگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم مقامي طرح حاصل ڪيائين، مئٽرڪ نيوايرا هاءِ اسڪول شڪارپور مان، انٽر سي. اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان ۽ گريجوئيشن به ساڳئي ڪاليج مان ڪيائين. هن کي ننڍپڻ کان ئي سنڌ جو عشق هو ۽ شڪارپور ۾ هيءُ پهريون ماڻهو هو، جنهن سائين جي ايم سيد جي فڪر جي پوئلڳي ڪندي ”جساف“ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ جساف ضلعي شڪارپور جو صدر ۽ ڊويزنل آرگنائيزر رهيو. هيءَ نهايت ئي پڙهيل ۽ نظرياتي هئڻ سان گڏ ڪميٽيڊ ورڪر به هوندو هو. هن شڪارپور ۾ باقاعدي قومي ماحول جوڙيو هو ۽ ڪيترائي قومي ڪارڪن پيدا ڪيا هُئا. جيتوڻيڪ ان وقت قومي تحريڪ ۾ مختلف گروپ هوندا هُئا. پر سڀئي سائين جي ايم سيد جي فيصلن جا مڃيندڙ هوندا هُئا. اهڙي ريت شڪارپور ۾ به مختلف تنظيمي حلقن ۾ ورهايل قومي ڪارڪن قيوم منگيءَ جي عزت ڪندا هُئا ۽ قيوم منگي جي ڪچي اوطاق، قومي ڪارڪنن جي ڪچهرين جو مرڪز هوندي هئي ـ
قيوم منگي سائين جي ايم سيد کي تمام گهڻو ويجهو رهيو، سائين کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو ۽ قيوم سائين جي ايم سيد جي اعتبار وارن ماڻهن مان هوندو هو، سائين مٿس تمام گهڻو اعتماد ڪندو هو ۽ ڪيتريون ئي خاص ذميواريون مٿس سائين پاڻ رکيون هيون. قيوم منگي جساف ۾ مختلف عهدن تي رهي ڪيترو ئي ڪم ڪيو، بعد ۾ ”جيئي سنڌ محاذ“ ۾ شموليت ڪيائين. جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي ڪميٽين جو ميمبر رهيو، آئيني ڪميٽيءَ جو ميمبر رهڻ سان گڏ مرڪزي وائيس چيئرمين جي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين. معصوم ۽ ماٺيڻو انسان هوندو هو. جو کانئس ڪير به اختلاف نه رکندو هو ۽ هرڪو کيس وڌ کان وڌ مان ڏيڻ چاهيندو هو. جڏهن به قومي ڪارڪن ۾ پاڻ ۾ اختلاف وغيره ٿيندا هئا ته سائين جي ايم سيد پنهنجي طرفان قيوم کي ان جي نبيري لاءِ ڪميٽيءَ ۾ کڻندو هو. اهڙيءَ طرح قيوم ڪيترن ئي ڪارڪنن جا پاڻ ۾ اختلاف ختم ڪرايا. هيءَ اصولن جو نهايت ئي پڪو ۽ سندس ارادا مضبوط هوندا هُئا. ڪارونجهر جيڏي دل رکندڙ هي انسان بهادر ۽ بي ڊپوهوندو هو. هن پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ ڪيترائي ڀيرا جيل به ڪاٽيو، پهريون ڀيرو 1979ع ڌاري ايل ايد بي جي پهرئين سال جي آخري پرچي دوران گرفتار ٿيو ۽ جيل موڪليو ويو، سکر جهنڊي واري کيس ۾ هيءَ سائين جي ايم سيد سان گڏ گرفتار ٿيو ۽ وڏو عرصو جيل ۾ رهيو ۽ سائين جي ايم سي سان ويجهو رهڻ جو موقعو مليو. اهڙيءَ طرح قيوم منگيءَ ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿيو ۽ جيل جي چوديوارين ۾ قيد ڪاٽيائين. پر جيل جون چوديواريون سندس ارادن کي مات نه ڏئي سگهيون، سندس آزاد سنڌوديش ۾ ايمان ڏينهون ڏينهن پختو ٿيندو ويو. هيءَ جيترو نفيس انسان هوندو هو، اوترو ئي ارادن جو مضبوط پڻ هوندو هو، هن جو قول ۽ فعل ۾ ڪو به فرق نه هو، هي ليڊرن واريون هنبوڇيون نه هڻندو هو، جي ڪنهن سان اختلاف سڌا  رکندو هو ۽ گڏجاڻين ۾ پنهنجي راءِ رکڻ جو عادي هوندو هو. سندس ڪنهن سان به ذاتي اختلاف نه رهيا، هن ڪنهن سان اختلاف رکيا ته به سنڌ ڪاز خاطر رکيا. قيوم منگي کي آزاديءَ ۾ پختو ويساھ هو. هي جڏهن بيمار ٿي پيو هو تڏهن به پارٽي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو. اڪثر ته دوائون به ساڻس گڏ هونديون هيون. هن پنهنجي صحت کان سنڌ جي سورن کي وڌيڪ اهم سمجهيو. اهڙي طرح هن جيئي سنڌ قومي محاذ جي قيام ۾ ڀرپور عملي مظاهرو ڪيو ۽ پاڻ جسقم ۾ به پهريون وئيس چيئرمين رهيو هن کي سنڌ جي اهڙي ته لوري لڳل هوندي هئي جهڙي ننڍڙي ٻار کي ماءُ جي لوري هوندي آهي. هن جي زبان تي هر وقت سنڌ جو ورد هوندو هو ـ
هو جيڪو آزاديءَ جو عاشق هو ۽ هن سنڌ سان چڪور وارو چاھ رکيو هو. سنڌ سان گڏ قيوم جو سائين جي ايم سيد سان اهڙو عشق هو جو جڏهن سائين جي ايم سيد لاڏاڻو ڪري ويو ته هن معصوم ٻارن وانگر ڍڍڪارون ڪري رُنو هو، هي ايترو رنو هو جو سندس دل جو غُبار لڙڪن جي آبشارن وسيلي نڪتو هو ـ
قيوم منگي سياست سان گڏ سماجي ورڪر رهيو، هن شڪارپور ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا، جنهنڪري شهر جا ماڻهو کيس تمام گهڻو ڀائيندا ۽ مان ڏيندا هئا. 1987ع وارن بلدياتي چونڊن ۾ شهرين جي اصرار تي قيوم منگي حصو ورتو ۽ اڳواڻي صوبائي وزير مقبول شيخ جي سامهون چونڊن ۾ بيٺو جنهن ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿيو، هن ان دور ۾ مقامي سطح تي تمام گهڻو ڪم ڪيو، جيڪو تاريخ جي ورقن ۾ اڄ به زندھ آهي ۽ مقامي سطح تي اڄ به کيس سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو ـ
شهيد قيوم منگي جو سڀاءُ نهايت ئي وڻندڙ هوندو هو، ننڍڙي توڙي وڏي سان ”بابا سائين“ چئي مخاطب ٿيندو هو، بي لوث محبت ڪيترن ئي نوجوانن کي قومي تحريڪ ۾ شامل ڪيو هو ـ
قيوم منگيءَ 4 جون 1998ع تي شهيد بشير خان قريشيءَ سان گڏ جناح اسپتال جي ڪينٽين تي ويٺو هو ته مٿن پوليس ۽ رينجرس جي پهري هيٺ دهشترگردن حملو ڪيو، جنهن ۾ پاڻ بشير خان کي بچائيندي مزاحمت ڪئي ۽ سخت زخمي ٿي پيو. بشير خان کي به ڪافي ڌڪ لڳا هئا پر قيوم جي حالت تمام گهڻي خراب هئي ان ئي وقت بشير خان ۽ قيوم منگيءَ کي جناح اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هو، بشير خان ته جلد صحتياب ٿي ويو پر قيوم جي طبيعت ويتر بگڙندي وئي ۽ نتيجي طور زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندي 22 جون 1998ع تي شهادت ماڻي امر ٿيو، سندس مڙھ قومي ڪارڪنن جي قافلي سان شڪارپور آندو ويو جتي هزاري قومي ڪارڪنن کان علاوه شهرين سندس آخري ديدار ڪيو. ان بعد کيس قومي جهنڊي جو ڪفن ڏئي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ـ

No comments:

Post a Comment