Thursday, June 26, 2014

Profile of Ghulam Rasool (Mastano Sindhi)


Mastano Sindhi
غلام رسول عرف مستانو سنڌي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ڄامشورو ضلعي جي تعلقي مانجهند جي ڳوٺ قُبي ۾ ڄائو، هن جو والد لونگ خان برهماڻي برطانيا جي دور حڪومت ۾ فوج ۾ سپاهي طور ڀرتي ٿيو هو، پر حُر مارشال لا واري دور ۾ 1913ع ۾ مٿس حرن جي ساٿاري هئڻ جو الزام هڻي، کيس نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو. مستانو اڃا ننڍڙو ئي هو ته سندس امڙ وفات ڪري وئي، ان بعد هي قُبي مان لڏي ، نيوسعيدآباد ۾ اچي ويٺا، هي جڏهن ويهن سالن جو ٿيو ته کيس ٺٽي ضلعي جي هڪ زميندار 1980ع ڌاري تڪراري زمين جي قبضي تي ويهاريو ۽ پوءِ کيس پوليس هٿان گرفتار ڪرائي . مختلف ڪيسن ۾ ڦاسائي جيل اماڻي ڇڏيو. کيس اڍائي سال سزا آئي. پر هي جيل هن لاءِ اصلاح گهر بڻجي ويو، ڇو ته هي وانجهيل هئڻ ڪري هميشه ڏچا پرائيندو رهندو هو، پر هي جڏهن جيل ۾ ويو ته اتي سندس قومي ڪارڪنن سان ڪچهريون ٿيون. جن کيس ڌرتيءَ ۽ پنهنجي حقن بابت سمجهايو ته هن جي اندر ۾ سُتل قومي درد رکندڙ انسان جاڳي پيو، ۽ جيل ۾ قومي انقلابي ڪلام پيو ڳائيندو هو ۽ قومپرست نظرئي جي پرچار پڻ ڪندو رهندو هو ـ
مستانو سنڌي بلڪل اڻ پڙهيل هو، ان جي باوجود هي شاعري سُٺي ڪندو هو. اڍائي سالن جي جيل ڪاٽي هي آزاد ٿيو ته حيدرآباد ۾ ئي مزدوري ڪرڻ لڳو، پر ان دوران حيدرآباد ۾ قومي بنياد تي جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ هن روپوشي اختيار ڪئي. پر پوليس سندس پيرسن پيءَ کي گرفتار ڪيو، جنهن ڪري پاڻ گرفتاري پيش ڪيائين ۽ پيءَ کي آزاد ڪرايائين. گرفتاريءَ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورٽ پنج سال سزا ٻڌائي، سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو، بعد ۾ کيس ستار موريي ۽ ٻين جي صحبت ۾ رهي، مستانو سنڌ جي عشق ۾ رچي ريٽو ٿيو ۽ هي نج انقلابي شاعري ڪرڻ لڳو. شاعريءَ ۾ سندس اصلاح تاج جويو ڪندو هو، سندس شاعريءَ تي تاج جويي جو اثر گهڻو آهي، ان کان سواءِ مستانو بنا سازيندن جي ٿالھ تي ڳائيندو به هو، هي جڏهن ٿالھ وڄائي ڳائڻ شروع ڪندو هو ته هي بلوچستان جي اُن مست ڪردار ”مست توڪلي“ جيان صفا مست ٿي ويندو هو، جنهن ڪري دوست کيس “مستانو“ سڏڻ لڳا ۽ پوءِ هي سندس دوستن توڙي قومي لڏي ۾ مستاني سنڌي طور سڃا پجڻ لڳو ـ
مستانو سنڌي 1986ع ۾ جيل مان آزاد ٿيو ۽ پنهنجي خاندان کي نيو سعيد آباد مان واپس پنهنجي اباڻي ڳوٺ قبي ۾ لڏائي آيو، جيئن ته قبي ۽ سن  ۾ ٿورو مفاصلو هو، جنهن ڪري مستانو روزانو سائين جي ايم سيد سان ڪچهريون ڪندو هو، سائين جي ايم سيد جي ڪچهرين مٿس اهڙو ته اثر وڌو، جو هو سيد ۽ سنڌ سواءِ ٻي ٻولي ڪين ڄاڻيندو هو. سائين کي قومي گيت ٿالھ وڄائي ٻڌائيندو هو ته سيد کيس چميون ڏيندو هو، جنهن تي خوش ٿي چوندو هو. اهڙو اعزاز ڪنهن کي ملندو! هڪ ڀيري مستاني سنڌي سائين جي ايم سيد کي چيو ته ابا مون تي ڪا ذميواري رکو، ته سائين جي ايم سيد سندس اکين ۾ آزاديءَ جي تڙپ کي پرکيندي چيو مستانا وڃي سڄي سنڌ ۾ قومي گيت ڳائي، آزاد سنڌوديش جي پرچار ڪر، پوءِ ته مستانو پوري سنڌ ۾ ڪاهي پيو، هر ڳوٺ ۾ وڃي سنڌ جو پيغام پهچايائين. هي ته انهن ڳوٺن ۾ به ويو، جتي جيئي سنڌ جي نعري ٻُڌڻ لاءِ به ماڻهو تيار نه هوندا هئا، پر مستاني سنڌي جي قومي گيتن ۽ سندس وڻندڙ سڀاءَ انهن ڳوٺن مان نوجوانن جا انبوھ جدوجهد لاءِ تيار ڪيا ـ
مستاني سان اسڪولي ڇوڪرا اهڙي ته محبت ڪرڻ لڳا هُئا، جو جڏهن 9 ڊسمبر 1987ع تي سائين جي ايم سيد اتر سنڌ جي دوري دوران گرفتار ٿيو هو، اها خبر جيئن ئي مستاني جي ڪنن تائين پهتي تي هي سراپا احتجاج بڻجي ويو ۽ 14 ڊسمبر تي سن پهتو ۽ آزاديءَ جا گيت ڳائيندي، نعرا هڻندي اعلان ڪيائين ته جيڪو سيد جي آزاديءَ لاءِ رت ڏئي، اهو مون سان گڏ هلي؟ اُن وقت سن جي اسڪولي ٻارن جو وفد، اسڪول مان موڪل وٺڻ بجاءِ مستاني سان گڏ ٻارڙن جو اهڙو انبوھ ڏٺو ته لاتعداد ماڻهو انڊس هاءِ وي بند ڪرڻ لاءِ پهتا، ۽ حيدرآباد کان سيوهڻ، لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون. مستانو هڪڙي هٿ ۾ ڪُهاڙي ۽ ٻئي هٿ ۾ جهنڊو کڻي نعرا هڻي رهيو هو. ايتري ۾ لاڙڪاڻي کان ايندڙ ٽرالر ۾ ڪيترائي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار ويٺل هئا، جيڪي ٽرالر مان لهندي ئي مظاهرين جي وچ ۾ پوزيشن سنڀالي بيهي رهيا ۽ مستاني کي چيائون ته ڪهاڙي اسان جي حوالي ڪر، مستاني انڪار ڪيو ته هڪ اهلڪار مٿس هلان ڪئي، جنهن تي مستاني به ڪهاڙي ورائي، پوءِ ته انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ مستانو شديد زخمي ٿي پيو، پر هن جي جُرئت اها هئي ته هو پاڻ ڪريو، پر جهنڊو ۽ ڪُهاڙي ڪرڻ نه ڏنائين. اهڙيءَ طرح زخمن جا تاب نه سهندي مستاني14 ڊسمبر 1987ع تي شهادت ماڻي ـ

No comments:

Post a Comment