| Sanbhu Mal Hamirani |
سنڀو مل هميراڻي ولد گورڌن داس ميگهواڙ ڳوٺ گوڙهيار تعلقي مٺي ۾ 1948ع ڌري جنم ورتو، هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ورتي، بعد ۾ سال 1964ع ۾ انگريزي تعليم جي لاءِ هاءِ اسڪول ڀٽ ڀائٽي ۾ پڙهڻ ويو. انگريزي کانپوءِ ڪاليج جي تعليم حيدرآباد جي ڪاليج مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ ايم اي سنڌي سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان ڪيائين، سنڀو هميراڻي کي 1970ع ڌاري پرائمري ماستري ملي، علم و ادب سان ننڍپڻ ۾ لڳاءِ هئس، انهي ڪري انگريزي تعليم دوران هاءِ اسڪول ڀٽ ڀائٽي جي لائبريري ۾ مطالعو ڪندو رهيو. سال 1967ع ۾ مارئي جي ميلي ڀالوا ادبي ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو مقالو پڙهيائين، بعد ۾ سندس لکڻين جي معيار کي ڏسي غلام محمد لغاري هفتيوار سچائي ۽ بيداري لاءِ ضلعي ٿرپارڪر جو نمائندو مقرر ڪرڻ سان گڏوگڏ ايڊيٽوريل بورڊ جو صلاحڪار مقرر ڪيو. هن ٿر جي زندگي، تهذيب، ثقافت تي ليک لکيا، جيڪي ڏاڍا مقبول ويا، ”سچائي“ ۽ ”بيداري“ کانسواءِ ماهوار بادل، روح رهاڻ، سهڻي رسالن ۾ شاعري، مضمون ۽ ڪهاڻيون ڇپيون، ان کانسواءِ سنڀو مل هميراڻي هڪ اسٽيج ڊرامي ”عمر مارئي“ ۾ ”هيري“ جو ڪردار ادا ڪيو، هن جون لکڻيون سنڌي ٻولي جي اڪثر معياري رسالن اخبارن ۾ ڇپيون آهن، سندس شاعري به ڪافي اخبارن رسالن ۾ ڇپي آهي، شاعري ۾ پورهيتن ۽ مسڪين ماڻهن جي دردن جو داستان آهي، سندس شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان پختگي رکي ٿي، سنڀو مل هيمراڻي جو هڪ ٻيو پهلو سماجي ورڪر جو آهي، 1967ع کان ئي مسڪين جهان خان کوسي جي صحبت ۾ رهڻ جو مقعو مليس، مسڪين جهان خان سندس پيارو دوست هو، هو ٿر جي ڪيترن سماجي تنظيمن جو ميمبر رهي چڪو آهي، هن 2 جولاءِ 2003ع تي وفات ڪئي ـ
No comments:
Post a Comment