![]() |
| Ahsan Memon |
شهيد احسان ميمڻ 1960ع ڌاري ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ قادر بخش ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس والد هاءِ اسڪول ڳڙهي ياسين ۾ هيڊ ماستر هو. هن شروعاتي تعليم مقامي طرح حاصل ڪئي، مئٽرڪ 1975ع ۾ هاءِ اسڪول ڳڙهي ياسين مان، انٽر 1977ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان بي ايس سي 1981ع ۾ ڪيميسٽري ڊپارٽمنٽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي ڪيميسٽري ڊپارٽمنٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪئي. احسان ميمڻ ننڍپڻ کان ئي ڪافي ذهن هوندو هو ۽ پڙهڻ ۾ سندس تمام گهڻي دلچسپي هئس، سندس خاندان به خوشحال هئڻ ڪري، هن جي پڙهائيءَ ۾ ڪابه رُڪاوٽ نه آئي. هن پڙهائي دوران ٻي ڪنهن به شيءَ ۾ دلچسپي نه ورتي ۽ پنهنجو پورو ڌيان پڙهائيءَ طرف ڏنو، احسان ميمڻ جڏهن شڪارپور ڇڏي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آيو ته قومي تحريڪ ۽ فڪر جي ايم سيد سان لاڳاپجي ويو ـ
احسان ميمڻ سياست جي شروعات سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي هيءَ پهريان جساف جو ميمبر ٿيو، بعد ۾ جساف سنڌ يونيورسٽيءَ جو چيف آرگنائيزر ٿيو، احسان ميمڻ جو شاگرديءَ وارو دور تمام شاندار رهيو ۽ هن سنڌ يونيورسٽيءِ ۾ سياست ڪندي ۽ سائين جي ايم سيد جي نظريي جي پرچار ڪندي، قومي تحريڪ ۾ مثبت لاڙا آندا. هن جو مطالعو تمام وسيع هوندو هو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بلاڪس هاسٽل تي سنڌ جي مذاحمتي شاعر حليم باغي جي صحبت ۾ رهڻ جو موقعو مليو ۽ حليم باغي جي شاعري مٿس گهرو اثر ڇڏيو. احسان ميمڻ ڪو نالي ماتر ڪارڪن نه هو، پر هن ته خوشحال سنڌ جي تاريخ جا باب پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا هُئا. هيءَ نظرياتي ۽ عملي ڪارڪن هو، هيءَ سنڌ جي آزادي جو واحد حل سائين جي ايم سيد جي نظريي ۾ ئي سمجهندو هو ۽ سائين جي ايم سيد جي اکين ۾ هن آزادي جي عشق جا عشق جا مچ ٻرندي ڏٺا هُئا، احسان ميمڻ کي جيترو سنڌ جو عشق هو، اوترو ئي هو سائين جي ايم سيد سان پيار ڪندو هو ۽ سائين جي ايم سيد به کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو. احسان نهايت ئي خوبصورت ۽ بااخلاق هوندو هو ـ
قومي تحريڪ جي هن بهادر ۽ نظرياتي ڪارڪن کي 26 مئي 1983ع تي پاڪستاني فوجين ”هوشو هاسٽل“ تي چڙهائي ڪري گولين جا برسٽ هڻي شهيد ڪيو. سندس شهادت سڄي سنڌ کي لوڏي ڇڏيو ۽ سائين جي ايم سيد جي ڪنن جڏهن اها خبر ٻُڌي ته کيس تمام وڏو دلي صدمو پهتو. شهيد احسان ميمڻ جي مڙھ کي جساف مرڪز جا عهديدار ڳوٺ کڻائي ويا ۽ کيس اباڻي قبرستان، ڳڙهي ياسين ۾ مٽيءَ ماءَ حوالي ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن تي سائين جي ايم سيد آلين اکين سان سندس وارثن وٽ پهچي ڏک ۾ شريڪ ٿيو ـ

No comments:
Post a Comment