Monday, June 30, 2014

Profile of Mehboob Ali Jokhio

Mehboob Ali Jokhio
محبوبُ علي صاحب جوکيو هڪ اعليٰ انسان تعليمي ماهر، ادب جي دنيا ۾ وڏو ماڻڪ موتي پر افسوس جو گمنام رکيو ويو، سندمُ استاد به رهي چڪو آهي، پاڻ شهر محرابَ پور (جنگشن) اڳوڻي تعلقي ڪنڊيارو ضلع نوشهروفيرز سنڌ جا ماڳ مڪين هئا. اڄ ڪلهه محراب بور (جنگشن) پاڻ تعلقه آهي. جوکيئي محبوب علي جو هڪ ڪتابُ ” انڌن جو ديس“ هڪ نصيحت ڀري ڪهاڻي آهي. محترم سائين پيار جو ڀنڊار هيو. هو ڏيکاء وارن سان نه پر مائٽن سان مائٽ ٿي هلندو هو، سنگت سان سنگت شاگردن سان شاگرد يعني هر انسان کي شان مان سان ڏسندو هو. سندس اولاد منجهان هڪ پروفيسر جوکيو الطاف سنڌي ٻوليء تي ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو هن ريت آهي عربي-سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو اڀياس. پروفيسر جوکيو الطاف پي. ايڇ. ڊي لاء ٿيسز جو موضوع سپروائيزر محمد قاسم ٻگهيو. ڪو سپروائيزر پروفيسر عبد الغني شيخ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشور-سنڌ ٻيو پٽ جوکيو اياز سنڌ جو هڪ اعليٰ پائي جو چترڪار آرٽسٽ آهي جيڪو هن وقت لاهور منجهه ڪنهن فائن آرٽس ڪاليج ۾ پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاري رهيو آهي. هن جي چترڪاري ڪيترا ئي ڀيرائي ڪراچي لاهور وغيره ۾ ڏيکاء لاء رکي وئي جنهن تي هن تمام گهڻو واکاڻ مان شان ماڻيو. سندن هڪ پروفيسر نياڻي آهي جيڪا پڻ سنڌي ادب جي ڌياڻي آهي. پڻ سٺي ليکڪا آهن ـ

No comments:

Post a Comment