![]() |
| Mumtaz Bhutto |
ممتاز ڀٽو سيوهڻ جي هڪ عظيم انسان راهب ڀٽي جي گهر ۾ جنم ورتو، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ گهر جي چلهه ٻارڻ خاطر پاور هائوس ۾ ڦوٽو اسٽيٽ مشين جو دڪان لڳايائين، جتي هو ٻچن جو پيٽ گذران ڪرڻ لڳو. شهيد ممتاز ڀٽو، جيئي سنڌ متحده محاذ جي بهادر مرڪزي اڳواڻ شهيد مظفر ڀٽي جو ننڍو ڀاءُ هو، هو جيتوڻيڪ ڪو سياست ۾ سرگرم نه هو، پر جڏهن مظفر ڀٽي کي پهريون ڀيرو رياست کنڀي گم ڪيو هو ته هن سياست ۾ پير پاتو هو ۽ مظفر جي آزاديءَ لاءِ احتجاج، مظاهرا ڪرايا هُئائين ۽ بعد ۾ جسمم جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر پڻ ٿيو، اهڙيءَ طرح هي سياسي سرگرمين ۾ به حصو وٺڻ لڳو ۽ جڏهن مظفر کي ٻيو ڀيرو ڳُجهن ادارن کنڀي گم ڪيو ۽ مظفر تي هر طرح جو تشدد ڪرڻ جي باوجود هو نه ٽٽو ته مظفر جي هن ڀاءَ کي پنهنجي گهر ۾ 2 جولاءِ 2009ع تي بم هڻي شهيد ڪيو ويو ـ

No comments:
Post a Comment