| Afzal Pahwar |
افضل پنهور 11 مارچ 1990ع تي ڳوٺ خالد پنهور ۾ منور پنهور جي گهر ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ورتائين، مئٽرڪ طالب المولي هاءِ اسڪول دادو مان، انٽر آرمي ڪاليج دادو مان پاس ڪيائين. افضل جيئن ته نهايت ئي محنتي ۽ پڙهڻ ۾ ڀڙ هوندو هو. جنهن ڪري والدين کيس اڳتي پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو، افضل 2008ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي بائيوڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا وٺي پڙهڻ لڳو. 20 سالن جي ڀرپور جوڀن ۾ جڏهن هي سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ٿيو هو ته کيس ڄامشوري جي سرزمين ڀليڪار ڪئي هئي ۽ ڪيترين ئي اپسرائن پنهنجي اکين جي پنبڻين ۾ سمائڻ جي دعوت ڏني هُئي ـ
افضل پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ”جسمم“ جي شاگرد ونگ (جساف) کان ڪئي. هو 2008ع ۾ جساف جو ميمبر ٿيو ۽ ساڳئي سال جساف سنڌ يونيورسٽي جو صدر چونڊيو ويو. هو نهايت ئي ماٺيڻو ۽ معصوم لڳندو هو، جنهن ڪري ڪيترائي شاگرد ساڻس محبت ڪرڻ لڳا هئا ۽ هي هر ڪنهن کي پنهنجي محبت جي سڳي ۾ سوريندو، سنڌ امڙ جا سبق پڙهائيندو ويو. افضل جڏهن کان فڪر جي ايم سيد سان سلهاڙيو هو، هن وڌ کان وڌ مطالعو ڪيو هو، هن کوڙ سارا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا هئا، نه صرف پاڻ پڙهندو هو، پر هو تنظيمي دوستن کي به پڙهڻ لاءِ اُتساهيندو هو. هن نه رڳو سائين جي ايم سيد کي پڙهيو هو، پر هن ته دنيا جي ڪيترن ئي انقلابين کي به پڙهيو هو، جيتوڻيڪ افضل اڃا ٻاروتڻ جون سيڙهيون اُڪري جوانيءَ ۾ مس قدم رکيا هئا، پر هن جو مطالعو پنهنجي عمر کان وڌيڪ هو، هي مڪمل نظرياتي ورڪر هو ۽ هن جساف کي به هڪ نظرياتي تنظيم طور هلائڻ شروع ڪيو هو. هن شاگرد سياست ۾ نواڻ آڻڻ شروع ڪئي هئي، هن پنهنجي پارٽيءَ جي موقف تي عمل ڪندي، ڪلاسن جي بائيڪاٽ واري عمل کي ختم ڪيو. شاگردن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻندي، شاگردن جي موجودگيءَ ۾ انتظاميا سان ڳالهيون ڪيون، هن مڪمل طور تي اسٽڊي سرڪل هلائڻ شروع ڪيو ۽ هفتيوار بحث مباحثا به ٿيندا هئا، جنهن ڪري شاگردن ۾ هڪ قسم جي پڙهاڻي ڏانهن به دلچسپي پيدا ٿي هئي ته پنهنجي حقن کي به سمجهڻ شروع ڪيو هُئائون ـ
افضل جي اهڙي سنجيده سياست کان رياست خوفاده ٿي وئي هئي ۽ ڳجهن ادارن هن جي مٿان ڪڙي نظر رکي ۽ سندس گرفتاريءَ لاءِ ڪيترائي ڀيرا هاسٽل تي ڇاپو به هنيو ويو، پر افضل نه ملي سگهيو. اتفاق سان هڪ ڀيري 26 جون 2011ع تي قاسم چوڪ تان کنڀي گم ڪيو ويو، مٿس سخت وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، هن کي جيئي سنڌ جي سياست تان هٿ کڻڻ لاءِ هر طرح جو ٽارچر ڪيو ويو، پر هي جيڪو سن جي سنڌوءِ جو پاڻي پي ويٺو هو، سو تشدد ۽ ٽارچر تي ڪيئن ٿي عشق قربان ڪري سگهيو. افضل تي ايترو ته تشدد ڪيو ويو هو جو هو جسماني طرح ٽٽي چڪو هو پر هن جو عشق ۽ ايمان سلامت هو، جنهن کي ڪو به ٽارچر نه ٽوڙي سگهيو، جڏهن هنن ڏٺو ته هي مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي ته مرڻينگ حالت ۾ 13 جون 2012ع تي نئين ڪوٽ ڀرسان ڦٽو ڪيو ويو، جتان هو ڪنهن طرح پنهنجي گهر پهتو، افضل جي حالت نهايت ئي خراب هئي، واقعي هو جسماني طرح ڪافي ڪمزور ٿي چڪو هو، کيسط ڪيتريون ئي بيماريون وڪوڙي ويون هئس. هن ٻڌايو ته کيس جيڪو پاڻي پياريو ويندو هو ان ۾ الاءِ ته ڪهڙو ڪيميڪل ملايل هوندو هو، جيڪو اندر ئي اندر ۾ جسماني عضون کي ختم ڪندو ويندو هو ۽ تمام گهڻي گرمائش ۽ جلن ٿيندي هئي. هن کي اهڙي ڪيميڪل پيارڻ ڪري ٽي بي ٿي چُڪي هُئي ۽ پيشاب مان رت اچڻ لڳو هو، مليريا ۽ سائي به ٿي چڪي هئي. گُڙدن تي به ڪافي اثر هو. اهڙي ريت افضل ڪافي وقت زير علاج رهيو، پر هن کي پوءِ به پنهنجي سنڌ جي اُڻ تُڻ رهندي ائي ۽ هي جيئن صحتياب ٿيو ته هن ٻيهر سياست شروع ڪئي، هن ٻيهر سرگرميون شروع ڪيون، جيئي سنڌ متحده محاذ پاران سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ کيس تمام وڏو آجياڻو ڏنو ويو. افضل اُن آجياڻي ۾ جيڪا تقرير ڪئي هئي، اُن ۾ هن پنهنجي عشق جي مشاهدي تي جيڪو سنڌ متعلق ڳالهايو هو، ان تي چڱن ڀلن پڙهيلن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون ـ
افضل کي آزاديءَ کان پوءِ پارٽيءَ طرفان اڃا وڌيڪ ذميواريون سونپيون ويون هيون ۽ کيس جساف جو مرڪزي وائيس چيئرمين چونڊيو ويو هو. هن مرڪزي عهدي تي رهندي به خوب ذميواريون نڀايون، هو نهايت ئي محنتي ڪارڪن هوندو هو، هن وٽ عمل ئي سڀ ڪجھ هو ـ
افضل 26 جون 2013ع تي شادي ڪئي، سندس شاديءَ واري تقريب ۾ سمورا سياسي ساٿي شريڪ ٿيا هُئا ۽ هن اها پوري رات دوستن سان ڪچهري ڪندي گذاري هُئي دوستن کيس چيو به هو ته اڄ رات تون گهر وڃ ۽ پنهنجي زندگي جي همسفر کي ٽائم ڏئي ته هن کلي چيو هو، اهڙيون ڪيتريون راتيون ٻيون به اينديون، پر دوستن سان ڪچهري جو موقعو وري ملي الاءِ نه، سندس انهن جملن تي شايد ڪنهن غور نه ڪيو هجي، پر هو سمجهي چڪو هو ته رياست کيس گهڻو وقت جيئڻ نه ڏيندي، افضل شادي مان نهايت ئي مطمئن هوندو هو، هو هڪ پيار ڪندڙ انسان هو، هُن جهڙي ريت پنهنجي پارٽي ۾ محبتون ماڻيون هيون، اهڙي ريت هُن پنهنجي گهر وارن جون به محبتون حاصل ڪيون هُيون. افضل پنهنجي امڙ سان بيپناھ محبت ڪندو هو ۽ امڙ به پنهنجي اولاد ۾ ساڻس وڌ کان وڌ پيار ڪندي هئي ـ
افضل جڏهن رياست جي چنبي مان آزاد ٿيو هو ته هن سڀ کان پهرين پنهنجي امڙ جي قدمن کي ڇهيو هو، ان بعد هو سڌو سن جي سائين جي مزار تي ويو هو ۽ سائين جي مزار تي بيهي وچن ڪيو هئائين ته هي سر ڪنهن جي به اڳيان ناهي جهڪيو، هي سر صرف سنڌ لاءِ جهڪندو ۽ سنڌ لاءِ قربان ٿيندو. سائين آئون جان سان گڏ ايمان ۽ عشق به سلامت کڻي آيو آهيان ـ
افضل جڏهن سياست ۾ باقاعدي سرگرم ٿي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته رياست هن کي هميشه لاءِ خاموش ڪرڻ جو پلان سوچيو ۽ 15 آگسٽ 2013ع تي کيس سنڌ يونيورسٽي مان کنڀي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو ۽ سنڌ جي هن قومي ڪارڪن کي دهشتگرد ثابت ڪرڻ لا ساڳئي وقت ڪوٽڙي ۾ ٽرين مٿان فائرنگ ڪرائي مقابلو ڄاڻايون ويو، پر جنهن جاءِ تان جهنگ مان افضل جو لاش مليو هو، اُتي ڪنهن به قسم جي مذاحمت وغيره جا نشان نٿا ملن ۽ مقامي ماڻهن جو موقف آهي ته هتي صرف هڪ گوليءِ جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو، وڌيڪ ڪنهن به فائرنگ جي ڪا به شاهدي نه ملي سگهي آهي، هن کي پلان تحت شهيد ڪيو ويو هو ۽ پوليس جا جيڪي ميڊيا تي بيان جاري ٿيا، اهي پڻ مُتضاد آهن، پوليس ڪوٽڙي ۾ ٽرين تي حملي جي جاءِ واردات تان رائفل ڏيکاري آهي ۽ افضل وٽان پسٽل ڏيکاريو آحي. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن افضل ئي ٽرين حملو ڪيو هو ته افضل وٽان پسٽل ڪيئن برآمد ٿيو ۽ ٽرين تي حملي جي رائفل ڪيئن ڏيکاري وئي آهي. هن سڄي ڊرامي جو ڊراپ سين ٻئي ڏينهن جي اخبارن ۾ ٿيو ـ
اهڙيءِ ريت افضل بهادر جي وڻندڙ گلن جيان ٽڙندي هن ڌرتيءِ تي قدم رکيا هئا ۽ وسڪاري جي مند ۾ هن ڌرتي کي الوداع ڪيو ـ
شهيد افضل جو مڙھ سوين آلين اکين سان ڳوٺ آندو ويو، جتان هزارين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان آزاد سنڌوديش جي تراني جي گونج ۾ سنڌ جي سياسي ڪغبي سن آندو ويو، جتي کيس آزاديءَ جي جهنڊي جو ڪفن ڏئي پنهنجي شهيد ساٿي مظفر ڀٽي جي پيراندي مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو ـ
شهيد افضل دُنيا جو اهو واحد خوشنصيب شهيد آهي، جنهن کي پنهنجي امڙ لحد ۾ لاٿو هو، افضل جي امڙ جو جيتوڻيڪ جيءَ جُهريل هو. پر پوءِ به هُن پنهنجي پٽ جي عظيم قربانيءَ تي ڪنهن کي به روئڻ نه ڏنو هو ۽ شهيد کي آخري ڀيرا چمي ڏيندي چيو هُئائين ته مان پاڻ بهادر آهيان، تڏهن ته اهڙي بهادر پٽ کي جنم ڏنو اٿم، واقعي شهيد افضل جي امڙ نهايت ئي بهادر آهي، جو پنهنجو ڳڀرو پٽ کي لحد ۾ لاهڻ وقت به اک مان ڳوڙهو نه ڳاڙيو هُئائين، سندس اها بهادري قومي ڪارڪنن جي مائرن لاءِ سبق آهي. ته ڌرتيءَ جي عشق ۾ قربان ٿيندڙ پُٽن جون مائرون ماتم نه ڪنديون آهن ـ
No comments:
Post a Comment