| Bhai Kalachand |
ڀائي ڪلاچند ڀائي ڪلاچند جو جنم 6 اپريل 1867ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ديوان رامچند گدواڻي جي گهر ۾ ٿيو، ڪلاچند اڃا ننڍو ئي هو ته هڪ جوڳي کيس ڏسي سندس ماءُ کي چيو ته ”تنهنجو هي ٻار اڳئين جنم ۾ يوگي هو“، ڪلاچند چوٿين درجي ۾ پڙهندو هو ته سندس من ۾ ويراڳ جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا، 14 سالن جي عمر ۾ اسڪول وڃڻ بدران جهنگ ۾ اڪيلو ويهي سوچ ويچار ڪندو هو، ڪراچي ۾ هڪ ناٽڪ ڏسڻ دوران هن جو من دنيا کان کٽو ٿي ويو، کاڌو پيتو ۽ گهمڻ ڦرڻ وسري ويس، سندس گهر ۾ ڀڳوان ڪرشن جي عبادت ڪئي ويندي هئي، هو به ڀڳوان ڪرشن جي مورتي اڳيان ويهي گيان ۾ ايترو ته گم ٿي ويندو هو جو کيس آس پاس ٻي ڪا سڌ نه رهندي هئي، ڀائي ڪلاچند جو وڏو ڀاءُ سرڪاري ملازمت ۾ هو، ان ڪري هن ڪلاچند کي سرڪاري نوڪري ۾ رنڀايو پر جنهن ڌڻي سڳوري جي نوڪري ڪئي هجي، ان جي دل ڪٿان ٿي ٻي نوڪري ۾ لڳي، پٽ جي اداسي پرکي سندس ماءُ خيال ڪيو ته جيڪڏهن ڪلاچند جي شادي ڪرائبي ته سندس من سنسار ۾ لڳي ويندو پر هن شادي کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، ڀائي ڪلاچند گهر ۾ دروازو بند ڪري ڀڄن ڀڳتي ۾ مگن رهندو هو ۽ رات جو جهنگ ۾ وڃي ڌڻي جي ڌيان ۾ گذاريندو هو، سپاهيلاڻي گهٽي حيدرآباد ۾ ان جي ملاقات سنت ڪيشوداس سان ٿي ۽ روحاني رنگ ۾ رنگجي ويو، ٽنڊي محمد خان وارو سوامي سچانند به کيس ڀائيندو هو، ٻئي گڏجي سڄي سنڌ ۾ تيرٿن تي ويندا هئا، 1890ع ڌاري سماجي براين خلاف هڪ تنظيم جوڙيائين، عاملن ۾ مروج ڏيتي ليتي جي رسم خلاف هلچل هلايائين، 1897ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ پليگ جي بيماري پکڙي ته گهٽي گهٽي ۾ وڃي بيمارين جي خدمت ڪندو هو، کيس هٿ سال کارائيندو پياريندو هو، دوا درمل ڏيندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو گذاري ويندو هو ته ان جي لاش کي پاڻ کڻي اگني سنسار ڪري ايندو هو، هن ڀڳت، انساني خدمتگار ۽ سنت شاعر 11 مئي 1911ع ۾ لاڏاڻو ڪيو ـ
No comments:
Post a Comment