Monday, May 26, 2014

Profile of Imdad Hussain

Imdad Hussain
موسيقار امداد حسين ولد امير علي مڱڻهار 1930ع ۾ جمال شاهه جي پڙ حيدرآباد ۾ جنم ورتو، پرائمري تعليم قاضي عبدلقيوم اسڪول مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ حسين بخش عرف حسڻا خان جو شاگرد ٿيو. هن طبلي ۾ استاد غلام محمد خان ڏگي کان سکيا ورتي، موسيقي جو سفر ڍولڪ ذريعي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان شروع ڪيائين. هن ميوزڪ ڊائريڪٽرن اي حميس، طلعت محمود، غلام نبي عبداللطيف، ديبو بٿا سان موسيقي ۾ اسٽنٽ طور ڪم ڪيو، سنڌي فلم ” عمر ماروي“ جا مڪمل گانا ڍولڪ تي ڀلي ڪيائينم ان کانپوءِ پرديسي، آگ دريا، استادون ڪي استاد فلمن ۾ ڍولڪ تي رڪارڊنگ ڪرايائين، 1974ع ۾ پهريون ڀيرو موسيقار جي حيثيت ۾ سنڌي فلم ”گونگهٽ لاھ ڪنوار“ جي موسيقي ترتيب ڏنائين، جنهن ”منهنجي پريت نئين منهنجو پيار نئون“ ، اي هوا آئون ڇو نه کلان، مون کي پيار مليو“ ، آيو سانوڻ آيو رم جهم“ هڪ سرائڪي گانو ”تيڏي خدائي واھ سرڪار اي“ ۽ ڪل دي آس پڄاوين، جيوين لال سدائيم“ رڪارڊ ڪيائين جنهن کانپوءِ امداد حسين وٽ فلم پروڊيوسرن جون قطارون لڳي ويون، ٻي مقبول فلم ”بادل“ جي ميوزڪ پڻ هن ترتيب ڏني، جنهن جو پروڊيوسر اسماعيل ميمڻ ۽ فلم جو ڊائريڪٽر غلام حيدر صديقي هو. فلم جا مشهور گانا ”هي ناز هي ادا، خدا خير ڪري، ” ڇو ٿي ڄڻيئه اهڙيون ڌيئر امان“، آ ساٿي گڏجي ڳايون“ هن ترتيب ڏنا، سنڌي فلمي دنيا جي بحران کانپوءِ امداد حسين عبدالڪريم بلوچ جي دور ۾ پي ٽي وي تي آيو ۽ سنڌ سينگار، پرک، مهڪار ۽ ٻيا پروگرام ميوزڪ وسيلي ڪيائينم سندس شاگرد انيتا رياض، مجاهد علي، وحيد زمان شاھ ۽ نياز حسين سائل آهن، امداد حسين 21 فيبروري 2000ع تي وفات ڪئي، سندس تدفين ٽنڊي يوسف جي اباڻي قبرستان ۾ ٿيل آهي ـ

No comments:

Post a Comment