Saturday, May 24, 2014

Profile of Jewni Baie

Jewni Bie
جيوڻي ٻائي جيوڻي ٻائي 22 جنوري 1901ع ۾ هندستان جي راجپوتانا علائقي جي ”ڀيلواڙ“ رياست ۾ ڄائي، سندس اصل نالو جيدي هو پر جيوڻي ٻائي جي نالي سان سنڌ هند ۾ مشهور ٿي، هوءِ اڳتي هلي سنڌ جي هاڪاري ڳائڻي ٿابت ٿي، سندس آواز ۾ اهڙو ته جادو هو جو ٻڌڻ وارن جون دليون موهجي وينديون هيون. جيوڻي جا والدين پن تي گذارو ڪندا هئا ۽ کيس به ان جي تربيت ڏني وئي، هوءَ جڏهن ستن اٺن سالن جي ٿي ته پاڻ ۽ پنج ٻيون ڇوڪريون گڏجي در در تي سئن به هڻنديون هيون ۽ ڳيچ به ڳائينديون هيون، 1918ع ۾ جيوڻي جو والد ڦڪو پنهنجو وطن ڇڏي ملتان وڃي ويٺو، جٿي جيوڻي جي ملاقات مشهور راڳي استاد امير خان سان ٿي، جيڪو سندس آواز ۽ شخصيت کان ايترو ته متاثر ٿيو جو جيوڻي ٻائي کي رئو پارائي پنهنجي ڌيءَ بڻائي کيس راڳ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين، ڦڪي جو سڄو خاندان امير خان جي قرب ۽ صحبت ۾ هڪ ڏينهن ساڻس گڏجي حضرت شمس تبريز جي متولي جي هٿ تي مسلمان ٿيو، ان بعد ڦڪو فتح محمد ٿي ويو ۽ جيوڻي در در تي وڃي خيرات وٺڻ بند ڪئي ۽ استاد امير خان جي معرفت ميلن ملاکڙن ۽ محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي فني منزلون طئي ڪندي رهي، ملتان کان ڪراچي تائين کيس راڳ جون دعوتون ملڻ لڳيون، سنڌ جا ماڻهو کيس گهڻو چاهيندا هئا ۽ پنهنجي محفلن ۾ ڳارائيندا هئا، هڪ دفعي شاھ ڪريم بلڙي واري جي ميلي تي جيوڻي آيل هئي، اتي سندس ملاقات سنڌ جي مشهور راڳي استاد خير محمد خان سان ٿي، جنهن کي جيوڻي جي راڳ ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ جيوڻي به استاد کان متاثر ٿي، آخر استاد خير محمد خان جي صحبت ۾ جيوڻي ملتان ڇڏياچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿي ۽ استاد خير محمد خان کان راڳ جا سبق سکيائين، خاي ڪري سنڌي ڪافي ڳائڻ جي سکيا ورتائين، پوءِ ته سڄي سنڌ ۾ سندس آواز گونجڻ لڳو، هوءَ سنڌ هي هر ميلي ۾ استاد خير محمد خان سان گڏ هوندي هئي، هڪ ڀيري شاھ قادري جي ميلي تي استاد بيبو خان، استاد خير محمد خان، سيد قاسم علي شاھ، ڀورو سک، ماسٽر چندر ۽ ٻيا مشهور فنڪار آيا پر ميلي جي محفل موسيقي جيوڻي کٽي ورتي، سندس آواز ٻڌي ماسٽر چندر گهڻو متاثر ٿيو ۽ مهاراج ترسي داس کي چيائين ته جيوڻي کي ڪراچي وٺي اچ ته جيئن سندس آواز رڪارڊ ڪرايون، مهاراه ترسي داس جيوڻي کي ڪراچي وٺي ويو، ماسٽر چندر کيس رڪارڊنگ بابت سکيا ڏني، جيوڻي ٻائي جي آواز ۾ پهريون رڪارڊ انجنيئر لال چند رڪارڊ ڪيو، سڄي سنڌ ۾ هر طرف جيوڻي جي سريلي آواز جي واھ واھ ٿي وئي، جيوڻي پاڻ به شاعره هئي، تنهن ڪري 2،3 رڪارڊ پنهنجن ڪلامن جا به رڪارڊ ڪيائين، ان کانسواءِ هوءَ حاجي شاھ ۽ پرسرام ضياءَ جا ڪلام ڳائيندي هئي، جيوڻي ٻائي سنڌ ۾ 1928 ۾ راڻيپور جي بزرگ سائين صالح شاھ جي مريدياڻي ٿي، هن ئي بزرگ سندس نالو جيدي مان بدلائي ”جيوڻي ٻائي“ رکيو هو، جيوڻي حيدرآباد جي هڪ عالم الله بخش نوناري کان قرآن شريف ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي، 1932 ۾ هن هڪ شخي نواب ماڪا سان شادي ڪئي پر هن کي ڪوبه اولاد نه ٿيو، جيوڻي ٻائي وڏي سريلي فنڪاره هئي، هن پنهنجي وقت ۾ ايترو ته نالو پيدا ڪيو جو آل انڊيا ڪانفرنس ۾ پورن تيرهن سالن تائين سنڌ جي نمائندگي ڪيائين، ڪاري رنگ، وڏين اکين، ڀريل جسم، ڊگهي قد، گول ۽ سونهندڙ چهري واري جيوڻي ٻائي پروقار ۽ باعزت عورت هئي، پاڻ روزي نماز جي پابند هئي، کيس پنجتن پاڪ سان وڏي عقيدت هئي، جيوڻي ٻائي هز ماسٽرس وائس گراموفون رڪارڊ ڪمپني ۾ سئو کان وڌيڪ گراموفون رڪارڊ ڀريا، جيڪي سڀ جا سڀ مقبول ٿيا، ڪمپني جو ساڍن ڏهن تولن جو سونو مونوگرام کيس ايوراڊ طور ڏنو ويو، سندس آواز ۾ ريڊيي پاڪستان تان رڪارڊ اڄ تائين نشر ٿيندا رهندا آهن، جن ۾ ”قابو ڪوٽن ۾“ ۽ ”بي درد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ“ به شامل آهن، سنڌ جي هيءَ سدا بهار ڳائڻي 1942ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي ـ

No comments:

Post a Comment