سيد احمد شاھ (استاد بخاري) ولد سيد حاجن شاھ ڳوٺ غلام چانڊيو ضلعي دادو ۾ 16 جنوري 1930ع تي ڄائو، سندس وڏا اچ شريف مان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا هئا، پاڻ 1944ع ۾ فائنل پاس ڪئي ۽ 1948ع ۾ پرائمري ٽيچر جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪئي، 1950ع ۾ مٺياڻي ٽيچرس ٽريننگ اسڪول ۾ تربيت دوران کيس علمي ادبي ۽ شعرو شاعري جو ذوق ۽ شوق پيدا ٿيو، 1961ع کانپوءِ هن ميٽرڪ، انٽر ۽ بي اي ڪئي، گڏوگڏ سنڌي ۾ اديب، اديب عالم ۽ اديب فاضل جا امتحان به پاس ڪيا، 1965ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي ۽ 1964ع کان ڪاليج ۾ ليڪچر مقرر ٿيو، استاد بخاريءَ علم جي استاد سان گڏ پاڻ کي شعري فن جو به استاد ثابت ڪري ڏيکاريو، هر صنف سخن تي بهتر طبع آزمائي ڪئي، وقت جي رسالن، اخبار ۽ مخزئن ۾ خوب ڇپيو، مشاعرن ۾ وڏي اتساھ سان ٻڌو ويو ۽ داد حاصل ڪيو، اخبارن ۾ قطعات روزانه جا معمول بڻيا، ڳوٺاڻي، سادي سودي ٻولي کي پنهنجي شعري خيالن ۽ جذبن ۾ ائين ته پويائين جو وڏن وڏن عربي فارسي لفظن جي ڀيٽ ۾ لطيفي انداز ۾ تمام وڻندڙ ۽ بهترين محسوس ٿا ٿين، سندس ڪافي، غزل ۽ ڪلام سندس آڏو ڳايو ويو يا ريڊيو، ٽي وي ۽ محفلن ۾ پيش ڪيو ويو، شاھ لطيف ۽ سچل سرمست کانپوءِ استاد جو ڪلام محفلن جي پسند آهي، سندس وفات کانپوءِ ته اڃا به وڌيڪ ڳايو وڃي پيو ۽ سندس ڪلام جا مختلف مجموعا پڻ بعد ۾ شايع ٿي رهيا آهن، انهن ۾ گيت اسان جا بيت اسان جي، سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، لهر لهر دريا، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، لهري لهري ۾ لالاڻ، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، بخاري جا قطعا، ڳائي پيو جاڳائي پيو، زندگي زندگي، پير نه هٽن پوئتي ، هي گجرا هي گولا ۽ ٻيا شامل آهن، پاڻ شاعر جي حيثيت ۾ 20 صدي جي اهم شاعرن مان آهي، جنهن صوفياڻي ۽ رندي رنگ ۾ عزل ۽ نغمن سان پاڻ مڃراڻو آهي، هن بيت،ڪافي، وائي،گيت ۽ دوهن ۾ به پنهنجي مڃتا ڪرائي آهي ـ سندس نظمن جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي، غزلن سان ڪنهن کي ڀيٽجي، سندس هر صنف ۾ هڪ نواڻ ۽ انفراديت نظر ايندي، سنڌ جو هي سادو ۽ خوبصورت شاعر 9 آڪٽوبر 1992ع تي گذاري ويو، سندس شاعري اڄ به هر عام ۽ خاص جي زبان تي ڳائجي ٿي ـSaturday, October 7, 2017
Profile of Ustad Bukhari
سيد احمد شاھ (استاد بخاري) ولد سيد حاجن شاھ ڳوٺ غلام چانڊيو ضلعي دادو ۾ 16 جنوري 1930ع تي ڄائو، سندس وڏا اچ شريف مان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا هئا، پاڻ 1944ع ۾ فائنل پاس ڪئي ۽ 1948ع ۾ پرائمري ٽيچر جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪئي، 1950ع ۾ مٺياڻي ٽيچرس ٽريننگ اسڪول ۾ تربيت دوران کيس علمي ادبي ۽ شعرو شاعري جو ذوق ۽ شوق پيدا ٿيو، 1961ع کانپوءِ هن ميٽرڪ، انٽر ۽ بي اي ڪئي، گڏوگڏ سنڌي ۾ اديب، اديب عالم ۽ اديب فاضل جا امتحان به پاس ڪيا، 1965ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي ۽ 1964ع کان ڪاليج ۾ ليڪچر مقرر ٿيو، استاد بخاريءَ علم جي استاد سان گڏ پاڻ کي شعري فن جو به استاد ثابت ڪري ڏيکاريو، هر صنف سخن تي بهتر طبع آزمائي ڪئي، وقت جي رسالن، اخبار ۽ مخزئن ۾ خوب ڇپيو، مشاعرن ۾ وڏي اتساھ سان ٻڌو ويو ۽ داد حاصل ڪيو، اخبارن ۾ قطعات روزانه جا معمول بڻيا، ڳوٺاڻي، سادي سودي ٻولي کي پنهنجي شعري خيالن ۽ جذبن ۾ ائين ته پويائين جو وڏن وڏن عربي فارسي لفظن جي ڀيٽ ۾ لطيفي انداز ۾ تمام وڻندڙ ۽ بهترين محسوس ٿا ٿين، سندس ڪافي، غزل ۽ ڪلام سندس آڏو ڳايو ويو يا ريڊيو، ٽي وي ۽ محفلن ۾ پيش ڪيو ويو، شاھ لطيف ۽ سچل سرمست کانپوءِ استاد جو ڪلام محفلن جي پسند آهي، سندس وفات کانپوءِ ته اڃا به وڌيڪ ڳايو وڃي پيو ۽ سندس ڪلام جا مختلف مجموعا پڻ بعد ۾ شايع ٿي رهيا آهن، انهن ۾ گيت اسان جا بيت اسان جي، سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، لهر لهر دريا، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، لهري لهري ۾ لالاڻ، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، بخاري جا قطعا، ڳائي پيو جاڳائي پيو، زندگي زندگي، پير نه هٽن پوئتي ، هي گجرا هي گولا ۽ ٻيا شامل آهن، پاڻ شاعر جي حيثيت ۾ 20 صدي جي اهم شاعرن مان آهي، جنهن صوفياڻي ۽ رندي رنگ ۾ عزل ۽ نغمن سان پاڻ مڃراڻو آهي، هن بيت،ڪافي، وائي،گيت ۽ دوهن ۾ به پنهنجي مڃتا ڪرائي آهي ـ سندس نظمن جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي، غزلن سان ڪنهن کي ڀيٽجي، سندس هر صنف ۾ هڪ نواڻ ۽ انفراديت نظر ايندي، سنڌ جو هي سادو ۽ خوبصورت شاعر 9 آڪٽوبر 1992ع تي گذاري ويو، سندس شاعري اڄ به هر عام ۽ خاص جي زبان تي ڳائجي ٿي ـ
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
ڀيرو مل، جيڪو سنڌ ۾ عام طور تي ڪاڪو ڀيرو مل جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ سنڌ جي چوٽي جي اديبن مان هڪ هو، سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر، روايات ۽ زبا...
-
Hemu Kalani هيمون ڪالاڻي جو جنم 23 مارچ 1923ع ۾ سکر ۾ ٿيو هو. سندس والد صاحب جو نالو پيسو مل هو جيڪو ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي ج...
-
Anees Ansari انيس انصاري سنڌ جو يگانو ليکڪ، افسانه نويس، شاعر ۽ محقق هو، سندس شمار سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ايل نالو الھ بخش ا...
No comments:
Post a Comment